صاحب خان ڀٽي
ڀٽائي، سچل ۽ سامي جي ڌرتي تي هڪ ڀيرو ٻيهر انتهاپسند
سرگرم ٿيندا پيا وڃن، نه ته مسجد محفوظ بڻيل آهي ۽ نه ئي وري امام بارگاهه کي
محفوظ آهي، ڪڏهن مسجدن ۾ ڌماڪا ڪيا و ڃن ٿا ته ڪڏهن وري امام بارگاهن کي نشانو بڻايو
وڃي ٿو، مطلب ته هر طرف انتهاپسند هر طرف پنهنجي وحشي سوچ پکيڙڻ ۾ مصروف نظر اچي
رهيا آهن ۽ انهن کي هتان جي مقامي ماڻهن جي ئي پٺڀرائي حاصل آهي، جيتوڻيڪ دهشتگردن
خلاف آپريشن جاري آهن پر انتهاپسندي پکيڙيندڙن خلاف هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي
نه ڪئي آهي، جنوني ماڻهو پنهنجي هوڏ قائم رکيو ويٺا آهن، جنهن سبب صوفين جي هن
سرزمين تي ڌرتي ڌڻي نڌڻڪا ٿيندا پيا وڃن ۽ ان جو به سڀ کان وڏو سبب پناهگير آهن،
ڪنهن سوچيو به نه هو ته صوفين جي سرزمين انتهاپسندي جي ور چڙهي ويندي ۽ ڪڏهن اهو
به نه سوچيو هو ته ڀٽائي، سچل ۽ سامي جي ڌرتي کي رت سان وهنجاريو ويندو،
انتهاپسنداڻي سوچ جو اندازو سنڌ ۾ ٿيل وحشي ماڻهن جي ڪاررواين مان به لڳائي سگهجي
ٿو.
ڪجهه عرصو اڳ انتهاپسندن جيڪب آباد کي معصوم ماڻهن جي
رت سان وهنجاري ڇڏيو هو ۽ اهڙي طرح شڪارپور ۾ به معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن جو رت
وهنجاريو ويو هو پر حڪومت نه ته انهن انتهاپسندن کي هن وقت تائين گرفتار ڪري سگهي
آهي ۽ نه انهن جي ماسٽر مائينڊ تائين پهچي سگهي آهي. 2016 ع ۾ عيدالاضحيٰ موقعي تي به دهشتگردن عيد نماز دوران امام
بارگاهه ۾ آپگهاتي حملي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي هڪ بهادر پوليس اهلڪار ناڪام بڻايو
هو ۽ هڪ آپگهاتي بمبار کي سوگهو به ڪيو
هو، جنهن جاچ دوران ڪيترائي انڪشاف به ڪيا، اهڙو پهريون ڀيرو ٿيو هو جو تاريخ ۾
ڪنهن آپگهاتي بمبار کي سوگهو ڪيو ويو هو پر افسوس جو هن وقت تائين آپگهاتي بمبارن
جي ماسٽر مائينڊ تائين پهچڻ ۾ پوليس ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، اڳ ۾ انتهاپسند امام بارگاهن ۽ مسجدن کي نشانو
بڻائيندا هئا پر اڄڪلهه صوفين ۽ اوليائن جي درگاهن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن،
جنهن جو مثال نوراني نور آپگهاتي بم ڌماڪي مان به لڳائي سگهجي ٿو، ان ڌماڪي کان پوءِ پنگريو ويجهو صوفي بزرگ سمن سرڪار جي ميلي کي به
پٽرايو ويو هو ۽ پوليس طرفان دهشتگردي جي خطري جو جواز بڻايو ويو هو،جنهن بابت بعد
۾ ڪجهه ٻيون خبرون به گردش ڪري رهيون هيون.
بهرحال هن وقت جئين جيئن سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي
رهي آهي تئين ڌرتي جا اصل وارث پريشانين ۾ مبتلا ٿيندا پيا وڃن، قومپرست به گذريل
ڪيتري ئي عرصي کان اهو چوندا پيا اچن ته سنڌ ۾ انتهاپسندي وڌي رهي آهي پر
حڪومت ان طرف ڌيان نه ڏئي رهي هئي پر جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ زبردستي مذهب
مٽائڻ وارو بل پاس ٿيو ته ان وقت به ڪيترن ئي ماڻهن اعتراض واريا جنهن بابت وڏي
وزير سيد مراد علي شاهه به جواب ڏيندي چيو ته هو مذهب مٽائن واري بل تي اعتراضن کي
ختم ڪندا ۽ هڪ اهڙو انڪشاف به ڪيو جيڪو هميشه هتان جا ساڃاهه وند ڪندا رهيا آهن پر
اهو خيال حڪومت کي ان ڪري آيو آهي جو جن به مذهب مٽائڻ وارو بل پيش ڪيو هو انهن بابت اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته انهن کي سڪيورٽي
ٿريٽس ڏنا ويا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به خطاب دوران
چيو هو ته سڪيولرازم تي اهڙو وار ڪيو جو وري ائين نه ڪري، جماعت اسلامي جي امير
سراج الحق اهو به چيو هو ته صوبائي خود مختياري جو ناجائز فائدو وٺي بل پاس ڪيو
ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل به سنڌ اسميبلي ۾ پاس ٿيل ننڍي عمر ۾ مذهب تبديل ۽
شادي ڪرائڻ تي پابندي واري بل کي رد ڪري ڇڏيو هو.
اسلامي نطرياتي ڪائونسل
طرفان گورنر کي بل تي صحيح نه ڪرڻ لاءِ به خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ٻي طرف وري سنڌ جي ليکڪن، دانشورن، مذهبي
اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن به وڌندڙ انتهاپسندي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته
سيڪيولرازم کي مذهب خلاف سمجهڻ وڏو الميو آهي، سنڌ مذهبي انتهاپسندن جي جاگير ناهي،
قومپرست ڌرين طرفان به ڪيترائي ڀيرا وڌندڙ انتهاپسندي خلاف احتجاج ڪيا ويا آهن پر
اڄڪلهه کين احتجاج کان به روڪيو پيو وڃي، ڪڏهن قومپرست اڳواڻن خلاف ڪريڪ ڊائون کين
گرفتار ڪيو پيو وڃي ته ڪڏهن انهن کي احتجاج ڪرڻ جي به اجازت نه پئي ڏني، جنهن سبب
سنڌ سرڪار هاڻ جيڪو چاهي پئي اهو ڪري پئي، ڀلي اهو سنڌ جي فائدي ۾ هجي يا نه هجي،
ڪامورا ان عمل کي انجام تائين پهچائي وٺن ٿا، پر هن ڀيري جيڪو مذهب مٽائڻ بابت سنڌ
اسيمبلي مان بل پاس ڪيو ويو آهي ان تي سنڌ جا اصل وارث تمام گهڻو خوش آهن ۽ ان سان
گڏ ساڃاهه وند به ان بل جي واکاڻ ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ڌريون احتجاج به ڪري رهيون
آهن، جيتوڻيڪ حڪومت اهو اعلان به ڪري چڪي آهي ته هو بل تي سمورن اعتراضن کي ختم
ڪندا پر لڳي نه ٿو جو اهي ڌريون اعتراض
ختم ٿيڻ بعد ان بل کي تسليم ڪري وٺنديون، هونءَ ته سنڌ ۾ انتهاپسندي سبب ڪيترائي
خاندان لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن پر حڪومت ان حساس مسئلي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي.
بهرحال جيڪي به ڌرتي ڌڻي انتهاپسندي سبب لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، انهن بابت حڪومت سوچي
يا نه سوچي پر ڪو اهڙو قدم ضرور کڻي جنهن سان انتهاپسندي پکيڙيندڙن کي روڪي سگهجي
جئين سنڌ جا ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ اخبارن ۾ مومل باگڙياڻي جي قتل جون به
شايع ٿيون هيون، جنهن بابت اخبارن ۾ لکيل هو ته ٻيهر اغوا کان بچڻ لاءِ مزاحمت تي
مومل باگڙي کي قتل ڪيو پر ان معاملي جي به هن وقت تائين ڪا خاص جاچ نه ٿي سگهي آهي
۽ نه ئي هالا پوليس واقعي ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي آهي، سول
سوسائيٽي، سياسي، سماجي ڌريون به مومل باگڙياڻي جي قتل تي خاموش آهن ۽ هن وقت
تائين مومل باگڙياڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪو خاص احتجاج رڪارڊ
ناهي ڪرايو ويو. مومل باگڙياڻي کان اڳ ته ڪيترين ئي سنڌي نياڻين کي اغوا ڪري مذهب
مٽرايو ويو، ڪجهه نارين ته عدالت ۾ پيش ٿي اغوا جو به انڪشاف ڪيو ۽ اهو بيان به
ڏنو ته کين اغوا بعد زبردستي مذهب مٽرائي
شادي ڪرائي وئي پر ان باوجود هتان جي سول سوسائيٽي ۽ ساڃاهه وند خاموش رهيا پر
هاڻوڪي پاس ڪيل بل انهن سمورن متاثرن جي زخمن تي مرهم آهي، جيڪڏهن زبردستي مذهب
مٽرائيندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته اها
تاريخ ۾ سنڌين سان ٿيل وڏي ناانصافي هوندي.
جيتوڻيڪ مذهبي اڳواڻ اهو وڏي دعويٰ سان به چوندا آهن
ته ڪنهن به شخص کي زبردستي مذهب تبديل نه ٿو ڪرائي سگهجي پر انهن ماڻهن خلاف ناهن
ڳالهائيندا جيڪي سنڌي نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽرائيندا آهن ۽ انهن جون
شاديون به ڪرائيندا آهن، سنڌ ۾ اهڙا واقعا به پيش آيا آهن جن ۾ ننڍي عمر وارين
ڇوڪرين کي اغوا ڪيو ويو ۽ انهن جو زبردستي مذهب مٽرايو ويو پر افسوس جو انهن کي
ڪجهه ماڻهن وري هيرو ڪري پيش ڪيو پر اهو نه سوچيو ته ننڍي عمر زبردستي شادي ڪرائڻ
ڪٿان جو انصاف آهي ۽ نه ئي وري ڪو پڙهيل لکيل ماڻهو اهڙي عمل کي درست قرار ڏئي
سگهي ٿو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به زوري مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف بل تي سمورن
خدشن کي ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر لڳي نه ٿو جو وڏو وزير ڪنهن به هڪ خدشا
ختم ڪرائي سگهي ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهن کي اهو بل ئي پسند نه آهي، وڏي وزير سيد مراد
علي شاهه اهو اعتراف به ڪيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به مسئلا وڌي ريا آهن، اهي صرف
افعانين جي ڪري ئي وڌي رهيا آهن.
اهڙي بيان
کان لڳي ٿو ته سنڌ سرڪار به افغانين سميت ٻين سمورن پنگاهگيرن جي مهمان نوازي
ڪندي ٿڪجي پئي آهي جنهن سبب اهو بيان ڏنو
ويو يا وري جيڪي قومپرست ڌريون ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ڪري رهيون هيون اهي
درست هيون ۽ ڪامورن طرفان جي قومپرستن تي تنقيد ڪئي وئي اها اجائي هئي، بهرحال هاڻ
حڪومت کي گهرجي ته افغانستان مان تڙيل انتهاپسندن کي به سنڌ مان تڙيو وڃي ته جئين
صوفين جي هي سرزمين هڪ دفعو ٻيهر امن جو گهر بڻجي سگهجي ۽ دهشتگردي جو خاتمو اچي
سگهجي ۽ اهو ان وقت ئي ٿيندو، جڏهن ٻاهرن
ملڪن مان ڪاهي آيل انتهاپسندي سوچ کان هتان ڪڍيو ويندو ۽ انتهاپسندي پکيڙيندڙن جو
گهيرو تنگ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته انتهاپسندي پکڙيندڙن جي ڪري ئي سنڌ جو امن تباهه ٿي
رهيو آهي.
No comments:
Post a Comment