صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ گڏيل قومن ۾ راءِ شماري دوران فلسطين ۾ يهودي وسندين خلاف ٺهراءُ
منظور ڪيو ويو آهي پر افسوس جو گذريل ڏينهن اسرائيل ان کي ٿڏي ڇڏيو آهي۽ اسرائيل
طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ يهودي آبادڪاري نه روڪيندا، اهڙي
اعلان کان پوءِ فلسطين طرفان به اهو واضع ڪيو ويو آهي ته هنن جا به هٿ پير ٻڌل نه
آهن ۽ هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، اسرائيل کي اهڙو قدم نه کڻڻ گهرجي، جنهن سان
حالتون ويتر خراب ٿين، هڪ طرف اسرائيل
يهودي وسندين جي اڏاوت جي منظوري ڏني آهي ته ٻي طرف وري يهودي وسندين جي منظوري
بعد مختلف شهرن ۾ سوين فلسطينن طرفان احتجاجي مظاهرا به ڪيا پيا وڃن پر ان جو نه
ته ان جو گڏيل قومن ڪو خاص نوٽيس ورتو آهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو عرب ملڪ اسرائيل جي اهڙي
هوڏ جي مخالفت ڪندي نظر اچي رهيو آهي. جيڪي به اسرائيل خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن
انهن ۾ اسرائيلي وزيراعظم خلاف ڇتي نعريبازي به ڪئي وئي آهي، پر ان باوجود اسرائيل
پنهنجي فيصلي تي هن وقت به قائم نظر اچي رهيو آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گڏيل قومن جي ٺهراءُ کي ان وقت اسرائيل طرفان ٿڏيو ويو آهي،
جڏهن آمريڪا جي نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي حلف کڻندي ٻه ٽي ڏينهن مس گذريا آهن، ڊونلڊ
ٽرمپ جي حلف برداري تقريب کان ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو هو
ته نئون آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ئي سندن مسئلي کي حل ڪندو ۽ هو سمورا معاملا ٽرمپ
آڏو ئي رکندا، هن وقت تائين اسرائيلي وزيراعظم طرفان ته ڪو سڌي ريت ان معاملي تي
آمريڪا سان ڳالهيون نه ٿيون آهن پر آمريڪي صدر ڊونالڊ اسرائيل طرفان يهودي وسندين
جي اڏاوتن واري اعلان کان پوءِ رابطو به
ڪيو آهي، پر سندن رابطي جو ڪو خاص فائدو نه ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا اسرائيل
سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ سندس هر هڪ نخرو برداشت ڪري رهيو آهي ۽ اهو صرف ان ڪري
ٿي رهيو آهي و اسرائيل طرفان جيڪو بيانن ۾ چيو ويو هو ان تي عمل به ان
طريقي سان ئي ٿي رهيو آهي.
اڳوڻي صدر بارڪ اوباما ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنيج
بيان چيو هو ته اسرائيلي پاليسي ٻه قومي رياست جي قيام ۾ رڪاوٽ آهي، بارڪ اوباما
اهو به چيو هو ته نيئن وسندين جي تعمير جي پاليسي فلسطيني رياست جو قيام تما گهڻو
آهي، جيتوڻيڪ جان ڪيري سميت ٻيا اهم آمريڪي اڳواڻ فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ جي ته
ظاهري طور ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ان باوجود اسرائيل طرفان مسئلي جي حل لاءِ ڪو به
اشارو نه پيو ڏنو. فلسطيني صدر محمود عباس
به ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسرائيل فلسطين ۾ يهودي وسندين جي اڏاوت
بند ڪري، ڇاڪاڻ ته يهودي ابادڪاري غيرقانوني آهي. جڏهن گڏيل قومن ۾ فلسطين ۾ يهودي
آبادڪاري خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو ته ان وقت جان ڪيري طرفان به اهو بيان ڏنو ويو هو ته اسرائيل وٽ هڪ ئي رستو
آهي ته جمهوري يا يهودي رياست بڻجي،
جان ڪيري اهو به چيو هو ته يهودي آبادڪاري بابت ٺهراءُ تي فيصلو آمريڪي روايتن
موجب ڪيو ويو. جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين ۾ يهودي آبادڪاري خلاف
ووٽنگ ڪرائي وئي هئي ته ان وقت آمريڪا طرفان حصو نه ورتو هو، جڏهن ته سلامتي
ڪائونسل جي 14 ميمبرن ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو، جنهن تي اسرائيل طرفان به وڏي
ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو هو، ايتري قدر جو اسرائيل طرفان اهو به چيو ويو هو ته ان
ٺهراءُ پٺيان اوباما انتظاميه جو هٿ آهي،
جڏهن ته آمريڪا طرفان اهڙي الزام جي ترديد ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فلسطين
جون حالتون ان ڏينهن کان خراب ٿيڻ شروع ٿيون هيون جڏهن 29 نومبر 1947ع تي گڏيل
قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين کي ورهائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو هو ۽ 14 مئي
1948ع ۾ ڊيوڊ بن گوريان اسرائيل ملڪ جي قيام جو اعلان ڪيو هو،
نسلي بنياد سان اسرائيل ۾ يهودي آباد آهن، جيڪي مختلف گروپن ۾ اسرائيل ۾ موجود
آهن، 2014 ۾ اسرائيل جي ڪل آبادي 8146300 هئي ۽ ان ۾ 6110600 ماڻهو يهودي ڄاڻايا
ويا هئا. جڏهن به عيسائي ۽ آفريقي ملڪن کان ايندڙ پناگهير ۽ ٻين مذهبن سان تعلق
رکندڙ به اسرائيل ۾ ترسيل آهن. اسرائيل ۾
جمهوريت آهي ۽ پارلياماني نظام هلندو آهي، اسرائيل هن وقت ترقي يافه ملڪ بڻجي چڪو
آهي، جيڪو دنيا جي وڏين معشيت ۾ شمار ٿئي ٿو. وچ اوڀر ۾ اسرائيل سڀني کان اڳتي ۽
ايشيا ۾ ٽئين نمبر تي آهي، 1947ع ۾ برطانيا اعلان ڪيو هو ته هو اهڙو حل ڳولهڻ ۾
ناڪام رهيا جنهن سان عرب ۽ يهودي ٻئي متفق ٿي سگهن. بهرحال هن وقت اسرائيل ايترو
ته طاقتور ٿي چڪو آهي جو گڏيل قومن تي به
ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي.
جڏهن سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين ۾ يهودي وسندين جي اڏاوتن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو
ويو هو ته ان وقت به هن گڏيل قومن کي فنڊنگ گهٽائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي هئي، جنهن مان
اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ
چاهي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته فلسطين سميت اسرائيل ۾ به حالتون تمام گهڻو خراب ٿي
وينديون، ڇاڪاڻ ته والاريل بيت المقدس ۾ ملسمانن به رهندا آهن جنهن سبب اسرائيل کي
به ڀرپور مزاحمت کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جيڪڏهن اهو سلسلو نه رڪجي سگهيو ۽
بيت المقدس ۾ اسرائيل پنهنجي هوڏ تي بيٺل رهيو ته ٻه رياستي وارو خواب دنيا جو
اڌورو رهجي ويندو ۽ ان جو ذميوار به ٻيو
ڪير نه صرف اسرائيل ئي هوندو. ڀلي کڻي آمريڪا فلسطين جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده
نظر اچي پر اندروني طور آمريڪا به اسرائيل جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، ان جا به ڪيترائي
ڪارڻ آهن جو آمريڪا ڪڏهن به ظاهري طور تي فلسطين جي مخالفت نه ڪندو ۽ نه ئي وري
اسرائيل جي يهودي وسندين جي اڏاوتن ۾ ڪا مدد ڪندو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا کي خبر آهي ته
جيڪڏهن هنن ان معاملي تي اسرائيل جو ساٿ ڏنو ته دنيا جي نظر سندن معيار گهٽجي
ويندو ۽ آمريڪا اسرائيل لاڳاپا دنيا آڏو اچي ويندا.
بهرحال هن وقت اسرائيل والاريل بيت المقدس ۾ يهودي وسندين جي اڏاوتن جي منظوري
ڏئي چڪو آهي، جنهن خلاف فلسطين ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن پر گڏيل قومن جي ان معاملي
تي خاموشي به هڪ سواليه نشان بڻجي وئي آهي، هڪ طرف گڏيل قومون ٺهراءُ منظور ڪري
رهيون آهن ته ٻيو وري ان تي سندس ميمبر ئي عمل نه ڪري رهيا آهن، جنهن جو مثال
اسرائيل آهي، جنهن پڻ سلامتي ڪائونسل مان منظور ٿيل ٺهراءُ کي ٿڏي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گڏيل قومون
جو ادارون ان ڪري ٺاهيو ويو هو جو ننڍن ملڪن ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي انصاف
ڪرايو وڃي ۽ دنيا جا سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن پر جيڪي به هن وقت تائين گڏيل قومن مان ٺهراءُ منظور ڪيا ويا آهن انهن تي به ڪو خاص عمل ٿيندي
نظر نه پيو اچي. جيڪو هڪ وڏو فڪر جوڳو عمل
آهي، هڪ طرف انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن ته ٻي طرف وري اسرائيل يهودي
آبادڪاري واري مشن تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ۽
اسرائيل پنهنجي هوڏ تان ٻه قدم پوئتي نه هٽيو ته وچ اوڀر امن امان جي صورتحال قائم
ٿيڻ ناممڪن ٿي ويندو ۽ان جو ذميوار ٻيو ڪو نه اسرائيل ئي هوندو، گڏيل قومن جي
سيڪريٽري جنرل کي به گهرجي ته فلسطين ۾ يهودي وسندين جي آبادڪاري کي روڪي اتان جي
ماڻهن جون حياتيون بچائي ته جئين اتان جا بيگناهه ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.
No comments:
Post a Comment