Pages

Saturday, 21 January 2017

ويلڪم ڊونلڊ ٽرمپ

صاحب خان ڀٽي
نئين آمريڪي صدر ڊونالڊٽرمپ پاڪستان سان بهتر لاڳاپن جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، آمريڪا ۾ حلف برداري جي تقريب کان اڳ سفيرن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي تقريب دوران هن آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير جليل عباس جيلاني سان پاڪستان سان بهتر لاڳاپن جي خواهش ظاهر ڪئي، ان کان اڳ به ڊونلڊ ٽرمپ والاريل ڪشمير  جي حمايت ۾ به بيان ڏيندو رهيو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻ بابت بيان ڏنو هو ۽ سندس پاڪستان جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي وڊيو به جاري ٿي هئي جنهن ۾ هن پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪيو هو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان سان بهتر لاڳاپن جي اظهار کانپوءِ  لڳي رهيو آهي ته آمريڪا  جون پاڪستان بابت پاليسيون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ ڊونالڊ ٽرمپ والاريل ڪشمير جي مسئلي کي به حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪا هن خطي جي امن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي.
آمريڪا جي نئين صدر ڊونالڊ ٽرمپ حلف کڻڻ بعد پنهنجي خاندان سميت وائيٽ هائوس ۾ شاندار استقبال سان داخل ٿيو، هزارين اهلڪارن سندس استقبال لاءِ پريڊ به ڪئي، ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس آمد وقت سڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا ۽ وائيٽ هائوس ڏانهن ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسن کان هزارين ماڻهن سندس استقبال لاءِ بيٺل هئا، ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ سندس حمايت ۾ بينر هئا ته ڪجهه وري سندس مخالفت ۾ نعرا هڻي رهيا هئا، پر اڪثريت سندس حمايتن جي هئي، ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ واري تقريب کان اڳ ئي  واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ سندس خلاف احتجاج به ٿيو هو ۽ ڪيترائي ماڻهو روڊن تي نڪري آيا هئا جيڪي مختلف هنڌن تي شين کي باهه ڏئي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا، احتجاج ڪندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين خلاف نعريبازي به ڪئي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون به ٿيون، جنهن دوران پوليس لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال به ڪيو پر ان  هوندي به احتجاج ڪندڙن ڪيترن ئي گاڏين ۽ عمارتن کي نقصان به پهچايو، آمريڪي پوليس طرفان ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي،
هڪ طرف بارڪ اوباما سندس ڪٽنب اڳ ئي وائيٽ هائوس کي الوداع ڪري چڪا هئا ته ٻي طرف وري نئون آمريڪي صدر ڊونلڊ پنهنجي ڪٽنب سميت شاندار استقبال سان وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيو ۽ ڏاڍو خوش به نظر اچي رهيو هو، ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا جو 45 هون صدر آهي، ان کان اڳ به جيترا به صدر آيا، انهن جي حلف کڻڻ واري تقريب کان اڳ يا بعد ۾ آمريڪا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙو احتجاج نه ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪنهن چونڊيل صدر خلاف حلف برداري تقريب دوران احتجاج ٿيو هجي، بهرحال آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ حلف کڻڻ بعد اقتدار جي منتقلي تي بارڪ اوباما جا ٿورا به مڃيا پر حلف برداري تقريب ۾ جيڪي به ڊيموڪريٽس جا اڳواڻ ويٺل هئا، اهي ٿورا مايوس نظر اچي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته چونڊ مهم دوران انهن ڊونلڊ ٽرمپ خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهايو، ڪجهه عورتن ته ڊونلڊ ٽرمپ تي جنسي حراسان ڪرڻ وارا الزام به لڳايا هئا، پر ان باوجود هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ويو،
هن وقت ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس حمايت تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهن پر خطي ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين کان ماڻهو خوفزده نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس بيانن سان ڪيترن ئي ماڻهن جي دل به ڏکي آهي پر ان باوجود ڊونالڊ ٽرمپ اها دعويٰ ڪئي آهي ته هو آمريڪا کي اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ڪندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊن کان اڳ وارن بيانن ۽ هاڻوڪي بيانن ۾ تمام گهڻو فرق آهي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر پئجي وئي آهي ته اهڙن بيانن سان آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي ۽ سندس دور ۾ آمريڪا جون حالتون به خراب ٿي سگهن ٿيون، بهرحال هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ حلف کڻي چڪو آهي ۽ باضابطه طور اختيارن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان چيو هو ته هو جڏهن صدر ٿيو ته اميگريشن پاليسي کي تبديل ڪري ڇڏيندو، هن وقت آمريڪا ۾ اهڙيون حالتون به پيدا ٿي ويون آهن. هڪ طرف ڊونلڊ ٽرمپ سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا ۾ اميگريشن پاليسي کي سخت ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي،
 جيڪڏهن آمريڪا ۾ اميگريشن پاليسي سخت ٿي وئي ته پوءِ شايد پناهگيرن سميت ٻيا ماڻهو  آساني سان آمريڪا۾ داخل ٿي سگهندا، هونءَ ته آمريڪا ۾ هن وقت ڪيترائي مسلمان توڙي ٻين مذهبن جا ماڻهو رهن پيا پر ڊونالڊ ٽرمپ جي آمريڪي صدر طور حلف کڻڻ بعد انهن سمورن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم کان اهو اعلان ڪندو پيو اچي ته هو نوڪريون صرف آمريڪي شهرين کي ڏيندو، بعد ۾ ٻين شهرين کي نوڪريون ڏنيون وينديون، جيڪو  بهتر عمل آهي، ڇاڪاڻ ته سڀ کان اڳ ملڪ جا اصل رهواسي ئي هوندا آهن جن جو نوڪرين تي حق هوندو آهي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙي پاليسي تي ڪنهن کي به اعتراض به نه ٿيڻ گهرجي، پر افسوس جو دنيا ۾ اهڙا به ڪي ملڪ  آهن جتي اڳ ۾ پناهگيرن کي نوڪريون ڏنيون وينديون آهن ۽ نوڪريون ڏيڻ بعد دنيا کي اهو فخر سان به ٻڌايو ويندو آهي ته هنن پناهگيرن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي آهي ۽ انهن ملڪن جو وري حال اهڙو هوندو آهي جو اتان جا اصل شهري نوڪرين لاءِ در بدر ڌڪا کائيندا رهندا آهن پر انهن کي نوڪريون نه ملنديون آهن. بهرحال آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اچڻ بعد آمريڪا جون حالتون تبديل ٿي وينديون، ڇاڪاڻ ته ڊونالڊ ٽرمپ هڪ ارب پتي ڪاروباري شخص آهي جيڪو ڪڏهن به ملڪ جو ڏيوالو نه ڪڍندو ۽ سندس سوچ هڪ واپاري هجڻ سبب هو آمريڪا کي ترقي جي رستي تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو،
جيتوڻيڪ هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ  تي ڪيترن ئي عورتن حراسان ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن پر هو هن وقت به مضبوطي سان انهن سمورن الزام کي منهن ڏئي رهيو آهي. شايد هاڻ اهو سلسلو ختم به ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته هاڻ هو آمريڪي صدر طور حلف کني چڪو  آهي ۽ مٿس الزام هاڻ ڪو ثابت نه ڪري سگهندو، پهرين ڳالهه ته هاڻ مٿس الزام هڻڻ کان اڳ سئو بار سوچيندو. جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا جي 45 هين صدر ۽ مائيڪ پينس نائب صدر جي حيثيت سان قسم کڻي رهيو هو ته سندس ڪجهه مخالف نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ روڊن تي نڪري آيا هئا ۽ انهن احتجاج به ڪيو هو، پر ان باوجود هن آمريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس کان قسم کنيو، ان وقت ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مائيڪ پنس به تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا هئا. حلف برداري تقريب ۾ اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر، جارج بش، بل ڪلنٽن سميت دنيا جي اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي هئي. پر  حلف برداري تقريب ۾ هيلري ڪلنٽن تمام گهڻو مايوس نظر اچي رهي هئي ۽ ان وقت تمام گهڻو پريشان ٿي وئي هئي، جڏهن تقريب دوران ڪجهه ماڻهن سندس خلاف نعريبازي ڪئي هئي ۽ هوءَ ڳاٽو هيٺ ڪري ويهي رهي هئي، جنهن دوران کيس ڏسي لڳي رهيو هو ته هو تمام گهڻو خوفزده ٿي وئي هئي، جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ قسم کڻي ورتو هو ته کيس توپن جي سلامي به ڏني وئي هئي.
قسم کڻڻ واري تقريب ڊونلڊ ٽرمپ دنيا مان اسلامي انتهاپسندي کي پاڙان پٽڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو هو ته هو آمريڪا سميت دنيا جي سمورن ملڪن جي حفاظت ڪندو، بهرحال هن وقت ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا جي معيشيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پر اميد نظر اچي رهيو آهي پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سندس پاليسي بارڪ اوباما کان تبديل هوندي يا وري ساڳيو ورتاءُ ٻين ملڪن سان ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ آمريڪي جي پاليسي هوندي هئي ته هو بنا ڪنهن جي اجازت جي ڪنهن به ملڪ ۾ داخل ٿي ڪارروائي ڪندو هو، جيڪو سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي هوندو آهي، جيڪڏهن هاڻ ڊونلڊ ٽرمپ جي به ساڳي ئي پاليسي رهي ته پوءِ شايد خطي ۾ امن قائم ٿيڻ نا ممڪن هوندو ۽ ڊونالڊ  ٽرمپ کي آمريڪا ۾ اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي جنهن سان ڪاري نسل جا ماڻهو به سندس حمايت ڪن ۽ هو پنهنجي اقتدار جو مدو آساني سان پورو ڪري، جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ڪاري نسل جي مانهن کي مطئمن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ته پوءِ شايد هو آمريڪا ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ويندو، ڇاڪاڻ ته  بارڪ اوباما جي دور ۾ به آمريڪا اندر گن ڪنٽرول پروگرام تي عمل نه ٿي سگهيو  هو، جنهن سبب آمريڪا ۾ فائرنگ جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا هئا، ڪڏهن نائيٽ ڪلبن تي حملو ڪيو ويندو هو ته ڪڏهن وري  ادارن تي فائرنگ ڪئي ويندي هئي پر ان وقت به آمريڪي پوليس اهڙن واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ويو هو، هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ جهڙي ريت سڄي دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ بيان ڏئي رهيو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ شام بحران کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ضرور ڪندو.

No comments:

Post a Comment