صاحب خان ڀٽي
ڪهاڻيڪار وٽ ٻولي، تاريخ، تهذيب، سياسي ۽ سماجي حالتن
جو مڪمل اڀياس هوندو آهي جيڪو معاشري جي سموري اٿل پٿل کي پنهنجي قلم ذريعي محفوظ
ڪري ڇڏيندو آهي.تخليقڪارخاص طور تي غربت، ڏک ۽ پيڙاءُ ۾ ورتل ماڻهن جي نمائندگي
ڪندو آهي، سندس ڪهاڻين ۾ معاشري جو عڪس سمايل هوندو آهي، هونءَ ته هن ڌرتي تي
ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن، اديبن، دانشورن جنم ورتو آهي پر لکڻ جو ڏانءَ ڪنهن ڪنهن وٽ ئي
هوندو آهي، ڪڏهن تخليقڪار پنهنجي ڪهاڻين ۾ رومانوي ڪردارن بابت لکندو آهي ته ڪڏهن
معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ڪڌن رسمن کي نروار ڪندو آهي ته ڪڏهن وري ظالمن جي ظلمن
کي پنهنجي قلم ذريعي ڪهاڻي جو روپ ڏيندو آهي، مطلب ته ڪهاڻيڪار جيڪو به لکندو آهي
اهو ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي. هڪ تخليقار پنهنجي قلم ذريعي فرسوده
نظام خلاف به جنگ جو اعلان ڪندوآهي ۽ انهن تخليقڪارن کي پنهنجي وطن سان تمام گهڻو
پيار هوندو آهي، جنهن سبب انهن جي لکڻين ۾ وطن جي هر هر فرد جو درد سمايل هوندو
آهي،
اهڙن ڪهاڻيڪارن مان
عبدالواحد سومرو به هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي وائکو ڪيو
آهي، هونءَ ته عبدالواحد سومري ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ سندس ڪتاب به
مارڪيٽ ۾ ڇپجي آيا آهن جنهن مان مون کي سڀ
وڌيڪ سندس ڪهاڻي ڪتاب “مان سنڌ گهمڻ نه ويندس” پسند آيو، جنهن ۾هن سنڌ اندر
ڌاڙيلي ڪلچر ۽ ماڻهن جي اغوا ٿيڻ وارن واقعن سان ٻاهرن ملڪن ڏانهن ڪهڙو تصور وڃي
رهيو آهي ان بابت خبر پئجي ويندي ته ٻاهرن ملڪن م رهندڙ سنڌين يا غير سنڌين جي سنڌ
بابت ڪهڙي سوچ آهي. بهرحال عبدالواحد سومري جون مون ٻيون به ڪيتريون لکيل ڪهاڻيون
پڙهيون آهن جيڪي شايد اڃا تائين ڇپيون به نه هونديون، عبدالواحد سومري پنهنجي
ڪهاڻين ۾ اهڙن ڪردارن بابت لکيو آهي جن بابت شايد اڄ جي دور ۾ ڪنهن به تخليقڪار يا
قلمڪار جي همت نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته اگهاڙو سچ لکڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو آهي،
اهو عبدالواحد سومرو ئي آهي جنهن پنهنجي
ڪهاڻين ۾ انهن ڪردارن بابت لکيو آهي جن
بابت ٻيا لکيڪ ۽ ڪهاڻيڪار لکڻ کان لنوائندا آهن، هونءَ ته عبدالواحد سومري پنهنجي
ڪهاڻين ۾ سماجي براين، ظلم، غربت ۽ عشق بابت لکيو آهي،
عبدالواح سومري جي ڪتاب “ مان سنڌ گهمڻ نه ويندس” ۾
اڄ ڪهاڻيون شامل آهن. عبدالواح سومري جي هو ڪتاب پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ
ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿو، عبدالواحد سومري جي هن ڪتاب ۾ وڏيرڪي، ڀتي خور، لٽ مار ۽
اغوائن جي وارداتن بابت لکيل آهي ته ماڻهو تنهن جي ڪري سنڌ گهمڻ کان لنوائي رهيا
آهن، جيتوڻيڪ هن وقت اديبن، دانشورن جو وڏو لڏو سنڌ ۾ ٿيندڙ هر اٿل پٿل بابت لکڻ ۾
مصروف آهي ته ڪجهه وري ٻاراڻي ادب بابت به ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آهن جن مان عبدالواحد
سومرو به هڪ آهي جيڪو پڻ ٻاراڻي ادب جي
اوسر لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. عبدالواحد سومري پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌي ٻولي جو تمام
گهڻو خيال رکيو آهي. سندس لکڻين مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس هر هڪ
ڪهاڻي ۾ سنڌي لفظن جو استعمال ٿيل آهي جيڪو
هن تمام سٺو عمل آهي جنهن سان
پڙهندڙن کي اڃا وڌيڪ فائدو ملي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اڄڪلهه
ڪهاڻين جاڪتاب گهٽ ڇپجي رهيا آهن ۽ پڙهندڙن کي تمام گهٽ معياري ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ
ملي رهيون آهن ان جا به ڪيترائي سبب ٻڌايا پيا وڃن، بهرحال اهي به ڪافي حد تائين
درست آهن، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ڪهاڻيڪار هاڻ
صرف ڊاما وغيره لکڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن جيڪي اڄڪلهه ڪتاب لکڻ کان تمام گهڻو ڏور
هليا ويا آهن باقي ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي اڄ به ڪهاڻيون لکي رهيا آهن جن مان عبدالواحد سومرو به هڪ آهي، جيڪو اڄ به
پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي نيون نيون رومانوي ڪهاڻيون لکي رهيو آهي، ڪجهه اهڙيون به
ڪهاڻيون لکيون اٿس جن کي پڙهڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن جا چهرا بي نقاب ٿي وڃن ٿا.
عبدالواحد سومري پنهنجي سڄي ڄمار ۾ جيتريون ڪهاڻيون
لکيون آهن ان جو سڄو محور سنڌ سان عشق آهي، سندس هر هڪ لکڻي ۾ اڀياس آهي، سندس هر
هڪ ڪهاڻي معاشري جو عڪس ظاهر ڪري ٿي. عبدالواحد سومرو انهن ڪردارن مان آهي جنهن
پنهنجي تخليق ذريعي پڙهندڙن کي معاشري جي هر هڪ اٿل پٿل کان آگاهه ڪيو آهي، اڄ جتي
هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڪمن مصروف آهي اتي عبدالواحد سومري جهڙا ماڻهو پنهنجي قلم
ذريعي سنڌ جي ڏکن بابت لکيو آهي. عبدالواحد سومري سماجي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ لکڻين ۾
جذبو ۽ اتساهه پيدا ڪيو آهي، عبدالواحد سومري جي ڪهاڻين کي پڙهي لڳندو آهي ته جيڪي
ماڻهو چوندا آهن ته ڪهاڻي مري وئي آهي، اهي غلط آهن ڇاڪاڻ ته اڃا به عبدالواحد
سومري جهڙا ماڻهو ڪهاڻي کي جيئرو رکيون پيا اچن، جيڪا ڪڏهن به مرڻي نه آهي،
عبدالواحد سومري جيان ٻيان به ڪهاڻيڪار هن صوفين جي سرزمين تي پيدا ٿيندا رهندا، اسان
سڀني کي اهڙن ڪهاڻيڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ قدم اڳتي وڌائڻو پوندو ته جئين اهي
اڃا وڌيڪ هن معاشري جي ڪردارن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ نروار ڪري سگهن ۽ اهو ڏانءَ
عبدالواحد سومري وٽ آهي جنهن پنهنجي لکڻين ۾ بهادي سان اگهاڙو سچ لکيوآهي.
No comments:
Post a Comment