Pages

Tuesday 14 February 2017

ڀلوڙ راڳي استاد محمد يوسف جي وڇوڙي کي 20 سال مڪمل

 صدارتي ايوارڊ يافتا راڳي استاد محمد يوسف جي وڇوڙي کي اڄ ۲۰ سال مڪمل ٿي ويا، مرحوم جي ۲۰ هين ورسي سادگي سان ملهائي پئي وڃي جڏهن ته ورسي جي ڏهاڙي تي مرحوم کي سنڌ ثقافت کاتي سميت ثقافتي ادارن توڙي دوستن وساري ڇڏيو آهي، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مقبوليت ماڻيندڙ محمد يوسف صدارتي ايوارڊ، چار ڀيرا شاهه لطيف ايوارد، چار ڀيرا قلندر شهباز ايوارڊ ۽ ٽي ڀيرا سچل سرمست ايوارڊ ماڻيا. محمد يوسف ۱۴ جنوري ۱۹۴۲ع ۾ حيدآباد شهر جي ٽنڊو طيب ويجهو ٽئين نمبر تلاءُ جي دين علي شاهه پاڙي ۾ لونگ فقير جي گهر ۾ اک کولي سندس والد بهترين ڍولڪ نواز هو. فن محمد يوسف کي ميراث ۾ مليو، والد لونگ فقير پٽ محمد يوسف جي دلچسپي فن ۾ ڏسڻ کانپوءِ هن کي ٽنڊو آدم ۾ رهندڙ استاد منظور علي خان وٽ ڇڏي آيو ۽ ان کي چيو ته هن کي راڳ سيکاريو. ۱۰ سالن جي عمر ۾ محمد يوسف راڳ سکڻ شروع ڪيو ان کانپوءِ هن ۱۹۷۲ع ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سر مومل راڻي مان پهريون ڪلام ”رهو راڻا رهي رات“ گيت رڪارڊ ڪرايو جنهن پوري سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي. ان کانپوءِ ۱۹۸۰ع ۾ هن پي ٽي وي تي ”ميرا پاڪستان آباد رهي“ گيت رڪارڊ ڪرايو جنهن محمد يوسف کي پاڪستان ۾ راڳ جي دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. مرحوم جون هزارن جي انگ ۾ ڪيسٽون اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. موسيقي جو ڄاڻو مرحوم ممتاز مرزا استاد محمد يوسف جي فن ۽ زندگي تي پڻ ڪتاب لکيو آهي. مرحوم محمد يوسف سنڌي فلمن جو پلي بيڪ سنگر طور مقبوليت ماڻي، جن سنڌي فلمن ۾ هن گيت چيا انهن ۾ غيرت جو سوال، شهرو فيروز، سنڌڙي تان صدقي، جيجل ماءُ، مومل راڻو، رت ۽ اجرڪ ، محبوب مٺا، ليلا مجنو، مٺڙا شال ملن، ڌرتي لال ڪنوار، چانڊوڪي، سوني منهنجي ڌرتي، بادل، رنگ محل ۽ ٻيون ڪيتريون فلمون شامل آهن، جڏهن مرحوم واحد راڳي هو جنهن جا وڌ کان وڌ سنڌي فلمن ۾ گيت شامل آهن. مرحوم محمد يوسف سنڌ جي ناليوارن گائيڪن کان راڳ جي سکيا ورتي انهن ۾ سڀ کان پهريان استاد منظور علي خان، سونا خان بلوچ، استاد امجد علي خان، استاد مبارڪ علي خان، استاد غلام حسين شامل آهن. استاد محمد يوسف راڳ ۾ ”راڻو“ تي عبور حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن نظم، نيم ڪلاسيڪل، ڪافي، ڪلام، گيت غزل، ٺمري ۽ ٻين شاعري جي صنفن تي عبور حاصل هوندو هئس. جڏهن ته محمد يوسف کي وڌيڪ شهرت ۽ سڃاڻپ راڳ ۾ ”راڻو“ ڳائڻ تان ملي. محمد يوسف ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو انهن ۾ بيلجيم، روس، چين، جرمني، انگلينڊ، دبئي ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. مرحوم جو سر راڻو تي وڏو عبور حاصل هوندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محمد خان جوڻيجو، طالب الموليٰ، ڄام صادق ممتاز ڀٽو ۽ ٻيا حڪمران اڪثر ڪري استاد محمد يوسف کان سر راڻو ٻڌندا هئا. محمد يوسف ۱۴ فيبروري ۱۹۹۷ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو

No comments:

Post a Comment