Pages

Wednesday 15 February 2017

گم ڪيل ماڻهو ۽ عدالت جو پڇاڻو

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪجهه عرصي کان هن ملڪ ۾ ماڻهن جي گم ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي، ڪڏهن وڪيلن ۽ ججن جا پٽ اغوا ٿي وڃن ٿا ته ڪڏهن وري عوامي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي گم ڪيو وڃي ٿو، جن جو پتو نه ته حڪومت لڳائي سگهي ٿي ۽ نه ئي وري هتان جا ادارا انهن بابت ٻڌائڻ لاءِ تيار هوندا آهن ته آخر اهي آهن ته ڪٿي آهن، ڪجهه ماڻهو جڏهن گم ٿيندا آهن ته انهن جي ذميواري ڪو نه ڪو ادارو ضرور کڻندو آهي ته اهي گم ٿيل ماڻهن انهن وٽ آهن ۽ ان جا سبب به ٻڌايا ويندا آهن پر ڪجهه عرصي کان ماڻهن جي گم ٿيڻ سبب ملڪ ۾ خوف ۽ وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به گم ٿيا آهن، جن بابت ڪو سوچي به نه پيو سگهي ته انهن کي به ڪو هٿ لڳائي سگهي ٿو، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي گم ڪيو ويو هو بعد ان جي خبر پئجي وئي  هئي، جڏهن هو بازياب ٿي گهر پهتو هو، اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ کي ان وقت گم ڪيو ويو هو جڏهن چونڊون ٿيڻ واريون هيون، ان کان علاوه اڳوڻي پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي پٽ کي به اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي پڻ وڏي عرصي قيد ۾ رکڻ بعد آزاد ڪيو ويو هو،
هاڻ ويجهڙ ۾ ئي ڪراچي مان چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي به اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي سڪيورٽي فورسز بازياب ڪرايو هو، ڪنهن کي يقين ئي نه پيو اچي ته آخر ڪهڙي ريت دهشتگرد چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي ڪراچي مان آساني سان اغوا ڪري ويا هئا ۽ آساني سان ان کي خيبرپختونخواهه کڻي ويا هئا، بهرحال اهم شخصيتن جا به جڏهن پٽ گم ٿيندا هجن ته اتي عام ماڻهو جو ڪهڙو حشر هوندو، ان جو اندازو اهڙن واقعن مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. اهم شخصيتن جا پٽ ته گهر واپس پهچي ويا پر سنڌ مان جيڪي ماڻهو  گم ٿي ويا آهن انهن جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، بيريسٽر ضمير گهمرو به هڪ گم ٿيل نوجوان جو ڪيس وڙهيو هو، جڏهن ته عدالت ان کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي هئي، ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ ۾ به گم ٿيل ماڻهن  وارو مامرو اجاڳر ٿيو هو .
ڊسمبر 2016 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي  هئي. پر افسوس جو سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن  بابت هن وقت تائين به خبر پئجي نه سگهي آهي، هڪ طرف سنڌ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج  ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري عدالتن ۾ ڪيس به هلي رهيو آهي پر خبر نه ٿي پئي ته آخر اهي گم ٿيل ماڻهو ڪن وٽ آهن. سينيٽ جي خاص ڪميٽي معلومات ۽ رسائي جو بل به منظور ڪري ورتو آهي پر ان باوجود عام ماڻهو ڳڻتي ۾ مبتلا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي به هن وقت گمشدگيون ٿيون آهن انهن مان ته ڪيترن ئي جا لاش به ملي چڪيا آهن ته ڪن کي وري عدالتن ۾ به آندو ويو آهي، پر اڪثريت انهن ماڻهن جي به آهي، جيڪي کنڀي گم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ انهن جو پتو نه پئجي رهيو آهي ته آخر انهن کي ڪهڙي بلا کڻي وئي. سينيٽ جي خاص ڪميٽي جي بل منظور ٿيڻ بعد ٽ رڪني انفارميشن ڪميشن پڻ جوڙيويندي، جڏهن ته بل ۾ ڪنهن به اداري ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙ شخص کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي.
سينيٽ جي سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ رائيٽ ٽو انفارميشن 2017 وارو بل جيڪو مظور ٿيو آهي ان ۾ ڪميشن جوڙڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جنهن جو سربراهه وزيراعظم کي مقرر ڪيو ويندو. بل تحت سمورا لاڳاپيل ادارا گم ٿيل ماڻهن جو اطلاع ٽن ڏينهن اندر لکت ۾ ڏيڻ جا پابند هوندا، جڏهن ته بل ۾ ڪنهن به اداري ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙ شخص کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي. فرحت الله بابت چيو آهي ته انساني حقن بابت معلومات لڪائڻ تي پابندي آهي، ادارن کي ٻڌائڻو پوندو ته کنڀيل شخص ڪنهن وٽ آهن، اهي جيئرا به آهن يا وري انهن کي ماريو ويو آهي. بهرحال هن وقت سنڌ جا حڪمران ته گم ٿيل ماڻهن  بابت خاموش آهن، هڪ ٻه اڳواڻ اهو مختلف ٽي وي چينلن تي ويهي اعتراف ڪندا رهيا آهن ته سنڌ مان ماڻهو گم ٿيا آهن، جنهن ڳالهه جو ڪو به شڪ نه آهي،
ڪجهه عرصو اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو هو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ حڪومت جي پاليسي نه آهي، جيڪي ماڻهو گم ٿي ويا آهن، انهن بابت سندس چوڻ هو ته هو انهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن.سنڌ هجي يا وري بلوچستان ٻنهي صوبن ماڻهو ته گم ٿيا آهن پر انهن بابت نه ته حڪومت کي خبر پئجي رهي آهي ۽ نه ئي وري ڪو انهن گم ٿيل ماڻهن بابت  ڪو ٻڌائي رهيو آهي، سنڌ مان قومپرست اڳواڻن کان ويندي وڪيل به گم آهن جن جي بازيابي لاءِ سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن، جن جون خبرون روز ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾  ڇپجنديون به رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ به اسلام آباد مان بلاگرز جي گمشدگي وارو معاملي ڪر کنيو هو، تڏهن به  حڪمرانن طرفان صرف اهي ئي بيان ڏئي رهيا هئا ته هو انهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن، جنهن بعد اهي بلاگرز واپس به اچي ويا هئا. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته جهڙي ريت بلاگزر واپس پهچي ويا آهن، اهڙي ريت انهن ماڻهن کي به بازياب ڪرايو وڃي جيڪي سنڌ مان گم ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جا گهر وارا به تمام گهڻو پريشان هوندا ۽ حڪومت جي اها ذميواري به آهي ته هو پنهنجي عوام جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ انهن جا مسئلا به حل ڪري.
 هن وقت هڪ طرف ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي ته ٻي طرف وري گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو به ڳنڀير ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ عدالتن ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس  هلي رهيا آهن پر  ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران به ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته جيڪي به ماڻهو گم ٿي ويا آهن جيڪڏهن اهي ڪنهن حساس اداري وٽ آهن انهن کي عدالتن ۾ آندو وڃي ته جئين انهن جي وارثن کي اها پڪ ٿئي ته اها زنده آهن، جيڪڏهن اهي گم ٿيل ماڻهو ڏوهي به آهن ته انهن تي عدالتن ۾ ڪيس هلايو وڃي، ڪجهه عرصي کان ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي به گم آهن جنهن جي بازيابي لاءِ به سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، اڄڪلهه ته ايوانن ۾ به کنڀي گم ڪيل ماڻهن بابت آواز اٿي رهيو آهي، جيڪو پڻ سٺو سنوڻ آهي، اها حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته جيڪي ماڻهو گم ٿي ويا آهن، انهن کي آزاد ڪرائي ۽ سڪيورٽي ادارن جي به اها ذميواري آهي ته گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا ڪري، هن وقت جيڪي به ماڻهو سنڌ مان گم ٿي چڪا آهن، انهن جون اميدون به هاڻ عدالتن ۾ آهن ۽ کين اها اميد پيد اٿي آهي ته ته سندن پيار جلد گهر واپس ايندا.

 

No comments:

Post a Comment