Pages

Saturday 11 February 2017

ترقياتي منصوبن ۾نظرانداز ٿيل سنڌي وسنديون

صاحب خان ڀٽي
ڌڻين جي هوندي به ننڌڻڪو بڻجي ويل سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ ڳچ عرصي کان ترقياتي منصوبا هلندڙ آهن، پر ان باوجود سنڌي ڳوٺ هن جديد دور ۾ بنيادي سهولتن  کان محروم آهن، هر علائقي ۾ ڊرينيج سسٽم کان ويندي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين ٻيون کوڙ ساريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن پر افسوس جو ڪراچي جون جيڪي سنڌي وسنديون آهن انهن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته چونڊون اينديون آهن يا ڪنهن سياسي اڳواڻ جو استقبال ڪرڻ هوندو آهي ته انهن سنڌي وسندين مان ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو آهي، چونڊن ۾ به جيڪڏهن ڪنهن کي ڪامياب ٿيڻو هوندو آهي ته اهو به ڪراچي جي سنڌي وسندين ڏانهن ئي رخ ڪندو پر جڏهن اهو شخص ڪامياب ٿي ويندو آهي ته انهن علائقن ڏانهن لڙي نه ايندو آهي، انهن ۾ ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش ڳوٺ، غازي ڳوٺ ۽ ٻيا  ڳوٺ شامل آهن، جتي نه ته پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي ڊرينيج جو ڪو بهتر انتظام آهي، ڪراچي جون سموريون وسنديون هن وقت گندگي جي ڍيرن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن ۽ رستن تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي پر ان باوجود نه ته هن وقت ڪو ڪامورن وٽن لڙي آيو آهي نه ئي وري انهن علائقن مان چونڊيل اڳواڻ سندن ڪا سار لهي رهيا آهن.
 جتي هن وقت ڪراچي جي سمورن شهرن ۾ روڊ رستا ٺهي رهيا آهن ۽ ڊرينيج جو نظام به بهتر بڻايو پيو وڃي اتي هن وقت سموريون سنڌي وسنديون مڪمل طور بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن، سنڌي وسندين ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ نه ته بجلي جو نظام بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ نه ئي انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، ايتري قدر ڪراچي جون جيڪي به قديم سنڌي وسنديون آهن اتي به ڪيترن ئي هنڌن تي سرڪاري اسڪول به قائم نه ڪيا ويا آهن، جنهن سبب انهن ڳوٺاڻن جا ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان به محروم آهن، ڪامورا به صرف چونڊن ۽ جلسن ۽ جلوسن واري وقت ئي انهن ڳوٺن ۾ نظر ايندا، هڪ ته سنڌي وسندين کي بجلي، پاڻي ۽ گيس جهڙيون سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن ته مٿان انهن وسندين کي ڊاهڻ لاءِ بلڊر مافيا ڪامورن سان ٻٽ بڻجي حملا ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ڳوٺاڻا احتجاج به ڪن ٿا ته انهن مٿان پوليس ڪڙڪي پوندي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل وزير سنڌي آهن ۽ انهن جي اڪثريت به آهي پر ان باوجود سنڌ جي راجڌاني ۾ ڪيترائي سنڌي ڳوٺ ڊاٿيا ويا آهن ۽ انهن ڳوٺن کي ڊاهڻ جو حڪم ڪنهن ٻي نه پر انهن سنڌي وزيرن ڏنو آهي،
جڏهن اڳوڻي آمر پرويز مشرف نواز سرڪار جو تختو اونڌو ڪري اقتدار سنڀاليو هو ان کان اڳ ڪراچي ۾ جيڪي به ڳوٺ هئا اهي محفوظ هئا پر جڏهن پرويز مشرف پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ته ان و قت سنڌي وسندين کي تعصب جو نشانو بڻائڻ وارو عمل شروع ٿي ويو هو. جڏهن مصطفيٰ ڪمال شهر جو سٽي ناظم ٿيو هو تڏهن هن ايندي سنڌي وسندين کي غيرقانوني قرار ڏيندي ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ان وقت هزارين سنڌي روڊن تي نڪري آيا هئا، جنهن سبب ان وقت جي حڪومت کي عوامي احتجاج سبب خاموش ٿيڻو پيو هو. پر ڳوٺن کي ڊاهڻ وارو عمل هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي. جڏهن اڳوڻي سٽي ناظم مصطفي ڪمال ڳوٺن کي ڊاهڻ وارو عمل شروع ڪيو هو ته ان وقت سڄي ڪراچي شهر ۾ سنڌي وسنديون بچائڻ جي مهم شروع ڪئي وئي هئي. پر ان باوجود ڪيترن ئي سنڌين ڳوٺن کي ڊاٿيو ويو هو، جنهن جي ساڃاهه وندن مذمت به ڪئي هئي،
بهرحال هن وقت ڪراچن سموريون سنڌي وسنديون بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن ۽ جڏهن به هن شهر ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم شروع ٿيندو آهي ته ان وقت سنڌي وسندين کي نظر انداز  ڪيو ويندو آهي، هن وقت  به ڪراچي جي سمورن روڊن جي هڪ ئي و قت مرمت وارو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ڪٿي ٽٽل روڊ ٻيهر ٺاهيا پيا وڃن تي ڪٿي  گٽر به ٺاهيان پيا وڃن پر سنڌي وسندين ۾ نه ته بجلي جا ٿنڀا لڳا پيا وڃن نه ئي وري سنڌي وسندين ۾ گٽر نالا ٺهرايا پيا وڃن نه ئي ڪو صفائي جو جوڳو بندوبست ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪراچي جون سنڌي وسنديون ڏسنداسين ته اتي حڪومت طرفان ڪي به ترقياتي ڪم نظر نه ايندا، ان سان گڏوگڏ سموريون سنڌي وسنديون بلڊر مافيا جي اکين ۾ به ڪنڊن جيان چڇنديون رهيون آهن ۽ اهي بلڊر مافيا ڪامورن سان گڏجي مختلف ڳوٺن تي چڙهائي به ڪندا رهيا آهن پر ان باوجود سنڌ جا غيرت مند چونڊيل ڪامورا سنڌي وسندين کي ليز ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهيا آهن،
جيتوڻيڪ  هن شهر ۾ افغان بستيون، بنگالي ڪالوني ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي ڌارين جي لوڌ آهي پر حڪومت انهن کي ڪڏهن به غيرقانوني قرار نه ڏنو آهي ۽  نه ئي انهن کي ڊاهڻ لاءِ ڪو قدم کنيو پيو وڃي پر جيترا به سنڌي ڳوٺن آهن انهن کي ڊاهڻ جا لاءِ مختلف حربا هلائڻ وارو سلسلو هن وقت جاري آهي،  ڪجهه عرصو اڳ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ڪجهه سنڌي وسندين کي پڪو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر اچانڪ الائي کيس ڪهڙو خوف ٿيو جو هن اهو اعلان واپس وٺي ڇڏيو هو ۽ ٻيهر کيس نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو پيو ته سنڌي وسندين کي ليز ناهي ڪيو  ويو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي پ پ جا اڳواڻ ئي سنڌي وسندين سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيا آهن ته پوءِ ڌارين تي ڪهڙي معيار ڏيجي، جهان آباد جي  يوسي چيئرمين علي رضا به  گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته مصطفيٰ ڪمال ميئر وسيم اختر ۾ ڪو به فرق نه آهي، انهن ٻنهي ڄڻن جو ڪم هڪڙو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن ته مصطفيٰ ڪمال سٽي ناظم هو ته ان وقت به سنڌي وسندين کي نظر انداز ڪيو ويندو هو ۽ هاڻ وسيم اختر جي هوندي به سنڌي وسنديون بنيادي سهولتن کان نظر انداز آهن، بهرحال مصطفيٰ ڪمال ۽ وسيم اختر ته پنهنجي ڪميونٽي جي ووٽ تي اقتدار ۾ ايندا آهن پر افسوس ته انهن ڪامورن جو ٿئي ٿو ته جن کي سنڌي ماڻهو ووٽ ڏئي ڪامياب بڻائن ٿا پر اهي ڪامورا سنڌي وسندين کي ويساري ويهن ٿا، جنهن سبب سنڌي وسندين ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهندو آهي،
هن وقت به اقتدار ۾ اڪثريت سنڌي وزيرن جي آهي پر انهن جون نظرون اڃا به سنڌي وسندين تي نه پئجي رهيون آهن، جنهن سبب ڪڏهن ڪڏهن سنڌي وسندين ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري انهن جي بجلي ۽ گيس بند ڪئي ويندي آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻا ٻٽي عذاب کي منهن ڏيندا آهٿن. جيڪڏهن سنڌ حڪومت سنڌي وسندين کي هن وقت  به ليز نه ڪيو ته هن راجڌاني شهر ۾ بنگالي، بهاري ۽ افغانين جون بستيون ته قائم رهنديون پر سنڌي ڳوٺن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، تنهن جي ڪري سنڌ حڪومت ويٺل وزيرن کي گهرجي ته جلد کان جلد سنڌي ڳوٺ ليز ڪيا وڃن، ائين نه ٿي جو ماضي جيان جڏهن سنڌ جا بااثر جڏهن حڪومت ۾ هوندا آهن ته عوام کي ويساري ويهندا آهن ۽ جڏهن سندن حڪومت کي ڪيرايو ويندو آهي ته اهي ڪامورا ٻيهر عوام جي درن جو رخ ڪندا آهن ۽ ساڳي گهوڙا ڙي گهوڙا پئجي ويندا آهن ۽ جمهوريت جو راڳ ٻيهر ڳائڻ وارو عمل شروع ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن جمهوريت ۾ ئي سنڌي ماڻهن سان آمراڻي دور وارو رويو اختيار ڪيو وڃي ته پوءِ آخر هن ملڪ ۾ جمهوريت جي ڪهڙي ضرورت آهي.

 

No comments:

Post a Comment