Pages

Wednesday 22 February 2017

ٽرمپ انتظاميه جون جاري ڪيل نيون هدايتون

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاجن جو سلسلو هلندڙ آهي، هڪ طرف آمريڪي صدر مختلف اڳواڻن سان رابطو ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڪجهه ملڪن خلاف سخت جملا به استعمال ڪري رهيو آهي، جن ۾ ايران ۽ اترڪوريا به شامل آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته کيس پنهنجي ملڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻا پيا اهي ضرور کڻندو، ان حوالي سان هن سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو ۽ ان جي تعمير جو خرچ ميڪسيڪو کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ميڪسيڪو ڊونلڊ ٽرمپ کي ڀت جي اڏاوت لاءِ پيسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي آمريڪي صدر ڪاوڙجي به پيو هو  پر ان باوجود هن همت نه هاري هئي ۽ ٽرمپ ميڪسيڪو کان ايندڙ سمورين شين تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ چيو هو ته ان ٽيڪس مان ئي هو ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرائيندو، هن وقت به ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ ميڊيا کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي،
 جڏهن  ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي عهدي جو  حلف کنيو هو ته ان وقت هن ميڊيا بابت گٿا لفظ ڳالهايا هئا اهو سلسلو هو هن وقت جاري رکندو پيو اچي، آمريڪي صدر ويجهڙ ۾ ٻيهر صحافين بابت غلط لفظ ڳالهايا هئا،جنهن تي صحافين کيس تنقيد جو نشانو به بڻايو هو. بهرحال ڊونلڊ ٽرمپ ڪهڙن سببن جي ڪري صحافين کان ڪاوڙيل آهي، ان بابت کيس وڌيڪ خبر هوندي، پر دونلڊ ٽرمپ صرف صحافين تي نه پر هاڻ آمريڪا جي ججن تي به ڪاوڙيل نظر اچي رهيو آهي، جن ججن سندس تڪراري اميگريشن پاليسي کي معطل ڪري ڇڏيو هو، ان بابت  به هن گهٽ وڌ ڳالهايو هو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت آمريڪا ۾ تڪراري اميگريشن پاليسي تي تمام گهڻا احتجاج به ٿي رهيا آهن  ۽ هن وقت تائين ڪنهن به آمريڪا جي شهر ۾ احتجاج ڪندڙن تي ڪو به ادارن طرفان تشدد ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري انهن کي احتجاج کان روڪڻ جي لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن آمريڪي صدر حلف کڻي رهيو هو ته ان وقت آمريڪي شهرين پر امن احتجاج ڪيو هو ۽ انهن خلاف سڪيورٽي ادارن ڪا به ڪارروائي نه ڪئي هئي پر جيڪي ڀڃ ڊاهه ڪري رهيا هئا انهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، هن وقت به جيڪي پر امن احتجاج ٿي رهيا آهن، انهن کي روڪڻ لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ ڪي به حڪم جاري نه ڪيا آهن ۽ نه ئي وري هن وقت تائين ڊونلڊ ٽرمپ طاقت جو استعمال ڪيو  آهي، جهڙي ريت اسان جي ملڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي،
 هن وقت جيڪي به ماڻهو آمريڪا ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن جو صرف هڪ ئي مطالبو آهي ته تڪراري اميگريشن پاليسي ختم ڪئي وڃي، جيتوڻيڪ ڊونلڊٽرمپ جي اميگريش کي آمريڪي ججن معطل ڪري ڇڏيو هو پر ان باوجود ڊونلڊ ٽرمپ نظرثاني واري اميگريشن پاليسي آندي آهي، جنهن بابت سندس چوڻ آهي ته هو ان تي هر حال ۾ عمل ڪرائيندو، هن نظرثاني اميگريشن ۾ اهي سمورا 7 ئي ملڪ شامل آهن جن تي ڪجهه ڏينهن اڳ پابندي لڳائي وئي هئي ۽ هاڻ به انهن ست ئي ملڪن جي شهرين تي آمريڪا ۾ داخلا ٿيڻ تي پابندي لاڳو هوندي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميه کي نيون هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪي نيون هدايتون جاري ڪيون آهن، انهن هدايت تحت جن غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن ۽ پناهگيرن وٽ دستاويز نه هوندا ۽ انهن جو ڏوهي رڪارڊ به هوندو، انهن خلاف به ساڳيو ورتاءُ ڪيو ويندو، جڏهن ته گهٽ عمر وارا نوجوان جن کي آمريڪا غيرقانوني طور آندو ويو، انهن کي آمريڪا ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويندي،
آمريڪي صدر جي غيرقانوني طور آندل نوجوانن کي نه ڪڍڻ واري کي ساراهيو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته اهڙي فيصلي سان هزارين نوجوانن کي فائدو ٿيندو، وائيٽ هائوس ترجمان شون اسپائسر به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي صدر کين نيون هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ هو نظرثاني واري اميگريشن پاليسي تي هر حال ۾ عملدرآمد ڪرائيندا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري اميگريشن کي جن ججن معطل ڪيو هو انهن جي به سڪيورٽي وڌائي وئي آهي،  هن وقت آمريڪي صدر  جهڙي ريت ميڊيا تي ڪاوڙ ڏيکاري رهيو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته هو پنهنجي پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندو، پوءِ ڀلي کيس تڪرار ڇو نه بڻڻو پئي، ڪجهه ڏينهن آمريڪي صدر قومي سلامتي بابت صلاحڪار تي الزام به لڳايا هئا، جنهن کي عهدي تان هٽايو به ويو هو پر هاڻ  قومي سلامتي بابت صلاحڪار جي نامزدگي جو به اعلان ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود آمريڪي پنهنجي بيانن ۾ هن وقت تائين تبديلي نه آڻي سگهي ٿو، جنهن سبب آمريڪا ۾ هزارين ماڻهو پر امن احتجاج  ڪري رهيا آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جن به ملڪن تي پابندي لڳائي آهي، انهن تي هن وقت به هن پنهنجي نين هدايتن تحت پابندي لڳائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت آمريڪا صدرآمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ تڪراري بڻجي چڪو آهي پر ان باوجود هو مسلمانن خلاف بيان ڏيڻ کان پاسو نه ڪري رهيو آهي،
 جڏهن اڳوڻو صدر بارڪ اوباما هوندو هو ته ان وقت به آمريڪا ۾ ڪو خاص امن نه هوندو، جنهن سبب ڪڏهن معذورن جي سينٽرن تي حملا ٿيندا هئا ته ڪڏهن وري پوليس اهلڪارن کي ماريو ويندو هو، هن وقت آمريڪا ۾ ته اهڙو ڪو وڏو سانحو پيش نه آيو آهي پر آمريڪي صدر ڊونلڊ  جي بيانن سان هزارين مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي، بهرحال آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري اميگريشن پاليسي ڪينيڊين جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هو آمريڪا مان بي دخل ٿيندڙ پناهگيرن کي ڪينيڊا ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيندا. بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ پرڏيهين ۽ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن خلاف وٺ پڪڙ جو سلسلو تيز ڪيو ويوآهي، جنهن جا حڪم به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي نين هدايتن ۾ جاري ڪيا آهن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف آمريڪا ۾ احتجاجن جي سلسلي ۾ ڪيتري شدت اچي ٿي يا وري اهي احتجاج بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويندا، هڪ طرف آمريڪي صدر جي اميگريشن پاليسي خلاف جيڪي احتجاج ٿي رهيا آهن، اهي به ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺي رهيا ته ٻي طرف وري گرفتارين سبب آمريڪا ۾ خوف واري لهر به  پکڙيل آهي، آمريڪا ۾ جيڪي اميگريشن پاليسي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن ۾ اڪثريت به انهن ماڻهن جي ئي آهي جيڪي اتان جا رهواسي نه آهن، جن کي اهو خدشو آهي ته سندن به شهريت رد نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪڏهن ڪڏهن صرف مذهب کي به نشانو بڻائندو آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪهڙي ريت پنهنجي نين جاري ڪيل هدايتن تي عمل ٿو ڪرائي ۽ سندس رستي آڏو ڪير ٿو اچو.


No comments:

Post a Comment