Pages

Friday 17 February 2017

چيلهه چٻي ٿيل دهشتگردن جو آسان هدفن تي وار

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي سرزمين کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ هاڻ وري حضرت قلندر لال شهباز جي نگري ۾ دهشتگردن پنهنجي وحشيت جو چٽو ثبوت ڏيندي اهو واضع ڪيو آهي ته هو پنهنجيون ڪهڙي ڪارروايون جاري رکڻ جي سگهه رکن ٿا، دهشتگردن قلندر جي نگري ۾ آپگهاتي بم ڌماڪو ڪري لڳ ڀڳ 80 زيارتين کي شهيد ڪري ڇڏيو،جڏهن ته حملي جي ذميواري بابت ٻڌايو ويو آهي ته دهشتگرد تنظيم داعش سوشل ميڊيا تي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. خميس جي رات جڏهن  پانڌيئڙا ڌمال هڻي رهيا هئا ته وحشي دهشتگردن آپگهاتي بم ڌماڪو ڪري معصوم ٻارڙن جون حياتيون کسي ورتيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ۾ جڏهن ايڏو وڏو سانحو ٿيو ته هر طرف لاش ۽ لاش نظر اچي رهيا هئا، حضرت  قلندر لال شهباز جي نگري ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ   جڏهن پوليس پهتي ته متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پوليس ان وقت هلي وئي هئي، حيريت جي  ڳالهه آهي ته جڏهن ڌماڪو ٿيو ته ان وت ايمبولينسون به نه هيون ۽ نه ئي  مقامي انتظاميه وٽ ايترا  وسيلا هئا جو اهي زخمين کي کڻائي اسپتالن ڏانهن اماڻي هئا، هونءَ ته صوبائي حڪومت وڏيون دعوائون ڪندي رهندي آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي وئي آهي پر افسوس جو نه ته امن امان جي صورتحال بحال ٿي رهي آهي ۽ نه ئي وري دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ ڪي خاص  قدم کڻندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.
 آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه به چيو  آهي ته هو هاڻ دهشتگردن کي ڪا به رعايت نه ڏيندا ۽ دهشتگردن کي انجام تائين پهچائيندا، ايتري قدر جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه پاڪ افغان طورخم سرحد کي فوري طور بند ڪرڻ جو  به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر ترجمان طرفان به چيو ويو آهي ته طورخم سرحد کي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪيو ويو آهي. بهرحال هن وڏي افسوس ناڪ حملي کان پوءِ حڪومت جي پت وائکي ٿي وڃي  ٿي ته آخر هن پنهنجي عوام جي تحفظ لاءِ ڪيترا قدم کنيا آهن. ان کان علاوه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هاڻ هو  دهشتگردن کي بخش نه ڪندا ۽ انهن جي ڄمي مقابلو ڪندا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سال 2017شروع ٿيندي ئي  دهشتگرد پنهنجيون ڪهريون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، بهرحال هن وقت صوفين جي سرزمين تي دهشتگردن وار ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ڪجهه عرصو سنڌ جي ساڃاهه وندن اها ڳڻتي به ظاهر ڪئي هئي ته جيڪا لوڌ افغانستان مان هتي اچي رهي آهي اها لوڌ سنڌ جي امن امن لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي پر ان باوجود هن ملڪ جي حڪمرانن انهن پنگاهگيرن کي سرحدن تي ترسائڻ بدران ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکيڙي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته نه  انهن پناهگيرن بابت حڪومت وٽ ڪي تفصيل آهن ۽ نه ئي وري مقامي انتظاميه وٽ پناهگيرن بابت ڪا خاص ڄاڻ آهي، ان جا به ڪيترائي ڪارڻ آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي به هتي پنگاهگير آباد ٿيا آهن، انهن پناهگيرن هن ملڪ جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ هن وقت ناممڪن ٿي وئي آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ڌرتي صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، اهو ئي سبب آهي جو دهشتگردن سنڌ جي سرزمين کي رت سان وهنجاري اهو واضع پيغام ڏنو آهي ته هو هاڻ پنهنجا پيار سنڌ ۾ ڄمائي چڪا آهن، جڏهن شڪارپور ۾ دهشتگردن ڌماڪو ڪيو هو ته ان وقت ئي سنڌ حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها پر ان وقت به ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ صوبي جي سرحدن تي چيڪنگ جا ڪي به خاص بندوبست نه ڪيا ويا هئا، جيتوڻيڪ طورخم سرحد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر ان باوجود لڳي نه  ٿو ته دهشتگردن جي آمد هن ملڪ ۾ رڪجي سگهجي، ڇاڪاڻ ته پاڙيسري ملڪ افغانستان مان ايندڙ دهشتگردن جو نيٽ هن ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سرگرم ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ان کي چٿڻ لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ آپريشن نه ڪيو ويو ته اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهندو ته ملڪ امن بحال ٿي سگهي. ڪجهه عرصو اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو هو ته هنن ملڪ ۾ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پر جڏهن به اهڙا بيان ڏنا ويا تڏهن دهشتگردن انهي ڀڳل چيلهه سان معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، هن وقت به انهن چيلهه چٻي ٿيل دهشتگردن معصوم ۽ بي گناهه شهرين کي نشانو بڻائي قيامت صغريٰ جا منظر ڏيکارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو دهشتگردن حضرت سخي لال شهباز قلندر جي نگري کي نشانو بڻايو آهي، هي اها نگري آهي جتي سڄي ملڪ مان پانڌيئڙا زيارت لاءِ ايندا آهن پر افسوس جو وحشي دهشتگردن کي ٿورو به رحم نه آيو ۽ انهن معصوم ماڻهن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ شهيد ڪري ڇڏيو،
شيطان جي اولاد دهشتگردن جن پاڻ کي  سوشل ميڊيا تي داعش سڏائي حضرت قلندر شهباز جي درگاهه تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي اهي، جن بابت ڪجهه عرصو اڳ  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو هو ته هتي داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو ڪو به وجود نه  آهي، ايتري قدر جو ان وقت پنجاب ۾ به ڪيترائي دهشتگرد گرفتار ٿيا هئا، جن بابت سڪيورٽي ادارن اهي ٻڌايو هو ته انهن جو تعلق  پاپي دهشتگرد تنظيم داعش سان آهي پر افسوس جو چوڌري نثار  ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو، ان کان پوءِ جڏهن ڪراچي مان ڪجهه  دهشتگردن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ انهن بابت اهو ئي ٻڌايو ويو ته انهن جو تعلق به داعش سان آهي، ان و قت به وفاقي گهرو وزير اهڙين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي هئي، جڏهن سنڌ ۽ پنجاب ۾  ظالم   شدتپسند تنظيم داعش جي  وال چاڪنگ ڪئي وئي هئي ته ان وقت به اهي ئي بيان ڏنا ويا هئا ته هن ملڪ ۾ داعش جو ڪو به وجود نه آهي پر سيوهڻ ۾ ٿيل ڌماڪي  اهي حڪومت جون سموريون دعوائون رد ڪري ڇڏيون آهن پر  داعش جو واضع پيغام ملي ويو آهي ته انهن  صوفي جي سرزمين ۾ پنهنجا پير ڄمائي ورتا آهن، جيڪڏهن هن وقت به خراب ۽ سٺي دهشتگردن جو فرق رکيو ويو  ۽ افغان سرحدن کي محفوظ نه بڻايو ويو ته دهشتگرد اهي ئي داخل ٿيندا رهندا ۽ هتي به   پنهنجا اهڙا ئي ٺڪاڻا  قائم ڪري وٺندا جئين عراق، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ قائم ڪري ورتا آهن، خبر نه ٿي پئي  ته اهڙن دهشتگردن کي شيطان جو  پوجاري چئجي يا وري شيطان جو  پٽ چئجي  پر جڏهن شيطان ۽  داعش ۽ شدتپسندن  تنظيمن جي دهشتگردن جون   ڪارروايون ڏسون ٿا ته شيطان انهن دهشتگردن تنظيمن کان سئو ڀيرا بهتر آهي، انهن دهشتگرد تنظيم جو نه ته ڪو دين آهي ۽ نه ئي ڪو ايمان آهي، اهي دهشتگرد تنظيم انسان نه پر حيوان جي اولاد آهن، جيڪي ڪجهه پئسن عيوض  معصوم ٻارڙن کي به شهيد ڪري وٺندا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آخر  وحشي دهشتگردن کي هن ملڪ ۾ ڪهڙي ريت برداشت ڪري سگهجي ٿو،  جيڪي هن ملڪ ۾ ڪڏهن سڪيورٽي ادارن تي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن معصوم شهرين کي شهيد ڪن ٿا. افسوس  ته ان ڳالهه جو  آهي ته جڏهن افغانستان مان  لڏپلاڻ ٿي رهي هئي ته ان وقت هتان جا حڪمران  اهو اسلامي ڀائرن واري تاثر جي پٺي اکين تان لاهين ها ته شايد اڄ اهي وحشي دهشتگرد تنظيمون اڄ اهڙيون ڪارروايون نه ڪن ها، جڏهن افغان مهاجر هن هن ملڪ ۾ اچي رهيا هئا تڏهن هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي گاڏين ۾ هتي نه آڻين ها ته شايد اهي دهشتگرد پناهگيرن جي آڙ ۾ هن صوفين جي سرزمين ۾ داخل نه ٿين ها، اڄ هن ملڪ ۾ جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن انهن جا ذميوار ٻيو ڪير نه صرف حڪمران ئي آهن، اڃا به وقت نه ويو آهي، جيڪڏهن هن وقت به افغان پناهگيرن کي جهڙي ريت گاڏين ۾ آندو ويو هو ، اهڙي ئي عزت سان انهن جي واپسي وارو عمل شروع ڪيو وڃي ۽ سرحدن کي محفوظ بڻايو وڃي ته هي صوفين جي سرزمين ۾ رت جي  راند بند ٿي ويندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دهشتگردن صرف معصوم شهرين کي ئي نشانو نه بڻايو آهي پر  سڪيورٽي فورسز تي حملا به ڪري ڪيترن ئي  اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.


No comments:

Post a Comment