Pages

Friday 24 February 2017

عوامي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ دهشتگرد ناهن...!!

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي هن سرزمين کي انسانيت جي دشمنن رت سان وهنجاري امن امان تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب صوفين جي هي سرزمين سڄي دنيا ۾ دهشتگردن جي موجودگي سبب غير محفوظ نظر اچي رهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن سنڌ کي لاوارث بڻائي سڄي قوم کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن سنڌ جا ڪامورا ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪين ها ته نه اڄ هتي بيروزگاري هجي ها ۽ نه ئي وري امن امان جي صورتحال ايتري خراب ٿي وڃي ها، ڪراچي کان ويندي سکر تائين غيرقانوني طور  هزارين پرڏيهي ماڻهو ترسيل آهن، اهي ڪهڙي ريت  هن ملڪ ۾ داخل ٿيا ۽ انهن کي ڪنهن آندو، شايد ان جو جواب ڪير به ڏيڻ نه پسند نه ڪندو، خبر  ئي نه ٿي پئي ته افغانستان مان ايندڙ ڌارين جي لوڌ هتي ڪئين آباد ٿي ۽ انهن جا سهولتڪار ڪير هئا ۽ آهن جيڪي انهن جي مدد ڪري رهيا آهن، جڏهن کان سيوهڻ سانحو پيش آيو آهي، ان ڏينهن کان روايتي طور تي افغان شهرين جي وٺ پڪڙ وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي پر انهن کي عزت سان پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کنيا آهن، ان بابت نه ته صوبائي حڪومت ٻڌائي رهي آهي ۽ نه ئي وفاقي حڪومت ٻڌائڻ پسند ڪري رهي آهي،  بهرحال جڏهن افغان پناهگيرن کي وفاقي حڪومت ملڪ اندر ترسائڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان وقت سنڌ جا قومپرست ئي هئا، جيڪي روڊن تي نڪتا هئا پر حڪومت ويٺل سنڌ جي ڪامورن خاموشي اختيار ڪئي هئي صرف اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو اعتراف ڪيو هو ته جيڪڏهن هو سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ ڌارين جي لوڌ کي روڪين ٿا ته مٿان وڏي طاقت انهن کي نه روڪڻ جو حڪم ڏئي ٿي، جيڪڏهن صوبي جو وڏو وزير بيوس بڻيل هجي ته پوءِ آخر صوبا ڪهڙي ريت خودمختيار آهن، ڪهڙي ريت سنڌ جي حڪمران جماعت  سنڌ کي خودمختيار هجڻ بابت دعويٰ ڪري رهي آهي،
آدمشماري جو مامرو هجي يا وري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، انهن سمورن معاملن تي جهڙي ريت قومپرستن آواز اٿاريو هوندو، شايد سنڌ جي ڪامورن ڪڏهن به نه اٿاريو آهي، سنڌ ۾ ٻٽو نظام هجي يا وري ڪالا باغ ڊيم، صرف سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ قومپرست ئي هوندا آهن جيڪي روڊن تي نڪري ايندا آهن ۽ پنهنجي ڌرتي  ۽ پنهنجي قوم جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا آهن، پر افسوس جو انهن قومپرستن جي نه ته ڪو سار لهندو آهي ۽ نه انهن جي پٺڀرائي ڪندو آهي، سنڌ جي حڪمران جماعت به جڏهن اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي ته ان کي به صرف قومپرست اڳواڻ ئي ياد ايندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن ڪامورن کي خبر هوندي آهي ته اهي ئي قومپرست آهن جيڪي سنڌ جي عشق ۾ پنهنجي به قربان ڪرڻ کان نه لنوائيندا آهن تنهن جي ڪري ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي يا وري ٻي ڪا تحريڪ، سياسي اڳواڻ صرف ئي صرف قومپرستن وٽ وڃي ئي گڏجي احتجاج ڪرڻ جي دعوت ڏيندا يا وري اي پي سي جي نالي تي قومپرستن کان مدد ورتي ويندي آهي، پر افسوس جو جڏهن به اهي ڪامورا اقتدار ۾ ايندا آهن ته انهن کان اهي قومپرست اڳواڻ وسري ويندا آهن ۽ اهي قومپرست انهن کي خراب لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ اهي ڪامورا انهن قومپرست ڪارڪنن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو هوندو آهي جو ڪجهه قومپرست انهن جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪندا آهن  ته ڪجهه وري انهن جي ڪرپشن آڏو ديوار بڻجي ويندا آهن تنهن جي ڪري اهي قومپرست انهن لاءِ زهر بڻجي ويندا آهن،
  جڏهن سنڌ جي دشمنن سنڌ  جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي هئي ته ان وقت به انهن ڪامورن کي ايتري همت نه ٿي هئي جو انهن دشمنن خلاف ڳالهائي، ان وقت به بهادري جو مظاهرو سنڌ سان عشق ڪندڙن ئي ڏيکاريو هو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ دهشتگردي جي باهه ۾ ٻري رهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب ڌارين جي لوڌ ئي آهي ۽ جيڪي به دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن انهن جا پيرا به افغانستان ڏانهن وڃن ٿا، اسان جا حڪمران چئي رهيا آهن ته افغان دهشتگردن کي هتان جي ڪجهه مقامي ماڻهن جي سهولتڪاري حاصل آهي، پر افسوس جو حڪومت انهن خلاف هن وقت تائين ڪا خاص ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب اهي دهشتگرد ڪڏهن امام بارگاهن تي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري مسجدن ۾ بم ڌماڪا ڪن ٿا، جيتوڻيڪ هن وقت  ملڪ ۾ ضرب عضب ۽ ردالفساد آپريشن به هلي رهيو آهي پر ان سان گڏ ڌارين جي لوڌ کي ملڪ مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪو به حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي،
جيڪڏهن اهي ٻئي آپريشن هلن به پر هن ملڪ رهندڙ افغانين جي ذميواري ڪير کڻندو، هن وقت افغانستان به دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ اهو الزام وري پاڪستان تي لڳائڻ ۾ دير به نه ڪندو آهي ته پوءِ آخر اسان جو ملڪ انهن  افغانين کي ڪهڙي قانون تحت ڪيمپن ۾ رهائڻ بدران  هر شهر ۾ رهڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت افغان پناهگيرن بابت حڪومت فيصلو نه ڪيو ته سيوهڻ، ڪوئيٽا، جيڪب آباد، شڪارپور  ۽ پشاور جهڙا سانحا پيش ايندا رهندا ۽ ان جو ذميوار به اسان پاڻ ئي آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان حڪومت کي ڌارين جي لوڌ کي بي دخل ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪري رهيا آهيون. ڪجهه عرصو اڳ سرتاج عزيز اهو پاڻ ئي اعتراف ڪري چڪو آهي ته هنن لکين پناهگيرن کي نوڪريون ڏنيون آهن ۽ انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، تمام گهڻو افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته هڪ طرف سنڌ ۾ نوجوان بيروزگاري سبب آپگهات ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري نوڪريون پناهگيرن کي ڏئي ۽ وڏي فخر سان اعلان ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏهن اهي ئي نوڪريون هن ملڪ جي نوجوانن کي ڏنيون وڃن ها ته شايد سنڌ ۾ ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪرو نه ڪن ها ۽ نه ئي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن شهرن ۾ نوڪرين لاءِ احتجاج ڪيا وڃن ها، جن سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون به ويون آهن ته انهن کي وري حڪومت وٽ پگهاورن ڏيڻ لاءِ پيسا به نه آهن، ته پوءِ آخر انهن لکين پناهگيرن کي ڪهڙي نموني سان نوڪريون ڏنيون ويون.
 بهرحال سيوهڻ سانحي بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ ته آيا آهن ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون به ڪيون ويون آهن، ان سان گڏوگڏ انهن ماڻهن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن جيڪي عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ آهن، مطلب ته قومپرست ڪارڪنن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو  آهي، جئين ماضي ۾ جيئي سنڌ چوڻ ڏوهه هوندو هو ۽ جيئي سنڌ نعرو هڻڻ تي پابندي هوندي هئي اهڙي ريت هاڻ قومپرست سڏرائيندڙ کي به دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي ۽ اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي جو اهي قومپرست آهن جيڪي گوڙاڻوڊيم، ڪالاباغ ڊيم، سنڌ دشمن منصوبن آڏو ديوار بڻيل آهن ۽ ان ڀت کي ڀڃڻ لاءِ قومي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، عدم تشدد جي سياست ڪندڙن کي به دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي، انهن خلاف ڪيس به داخل ڪيا پيا وڃن ۽ اهو ڪم صوبائي حڪومت به مختلف وقتن تي ڪندي رهندي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن سنڌ جي حڪمرانن سنڌ اندر ٻٽو نظام لاڳو ڪيو هو ته ان وقت به اهي قومپرست اڳواڻ هئا جن هڪ طاقت ٿي حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو هو پر هاڻ ته قومپرستن کي ڀت سان لڳائي حڪمرانن پنهنجا سمورا رستا صاف ڪري ڇڏيا آهن، مون کي ته وفاقي گهرو وزير جا اهي لفظ بار بار ياد ايندا آهن، جيڪو هو پنهنجي پريس ڪانفرنسز ۾ بار بار  ورجائيندو رهندو آهي ته  آزادي لاءِ ڪشميري دهشتگرد ناهن، جيڪو ٻڌي تمام سٺو به لڳندو آهي پر افسوس تڏهن ٿيندو آهي  جڏهن سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سازشن خلاف آواز اٿاريو ويندو آهي ته انهن کي دهشتگرد ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو تمام گهڻو مذمت جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته عوام جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪڏهن به دهشتگرد ناهن ٿيندا پر اهي مسيحا هوندا آهن.


No comments:

Post a Comment