Pages

Monday 13 February 2017

صحافي ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي...!

صاحب خان ڀٽي
مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جو آواز ايوانن تائين پهچائيندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي اچي ويا آهن، سال 2017 جي پهرين مهيني ۾ ئي دهشتگردن بلوچستان ۾ فائرنگ ڪري هڪ صحافي کي شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو سلسلو هن وقت به جاري آهي، ڪراچي ۾ به دهشتگردن هڪ خانگي ٽي وي چينل جي گاڏي تي فائرنگ ڪري هڪ اسسٽنٽ ڪيميرامين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جو آءِ جي سنڌ نوٽيس به ورتو آهي، ايتري قدر جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ ٻين کوڙ سياستدانن واقعي جي مذمت به ڪئي آهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪمران جيڪي امن امان بحال ڪرائڻ واريون دعوائون ڪري رهيا هئا اهي صحافين جي قتل بعد سواليه نشان بڻجي ويون آهن، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به هر پريس ڪانفرنس ۾ اهو بيان ڏيندو رهيو آهي ته سندن حڪومت جي اچڻ بعد امن امان جي صورتحال ڪافي حد تائين بحال ٿي وئي آهي،
جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جي امن امان جي صورتحال تي نظر ڦيرائنداسين ته اتي به مختلف وقتن تي دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، ان جو اندازو نئين جي سال جي پهرين مهيني ۾ صحافي جي شهادت مان به لڳائي سگهجي ٿو، بهرحال هن وقت ڪراچي ۾ سڪيورٽي ادارن تي حملا ۽ صحافين کي شهيد ڪرڻ وارن واقعن مان لڳي رهيو آهي ته دهشتگرد چونڊن کان اڳ پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، جيڪي ڪراچي آپريشن دوران ڪڻو ڪڻو ٿي ويا هئا، انهن هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ ملائي پنهنجيون دهشتگرد ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن.آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به چيو آهي ته هو انگريزن جي قانون تي هلي 21 هين صديءَ جي چئلنجن کي منهن نه ٿا ڏئي سگهن.2017ع ۾ به 1861ع وارو قانون هلي رهيو پراڻو قانون ڏئي 21 هين صدي جي حالتن جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي،
آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ته پوليس کي به سياست کان پاڪ ڪرڻ کان ويندي پوليس کاتي ۾ بهتري جو مسودو به تيار ڪري ورتو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيستائين پوليس کي سياست کان پاڪ نه ڪيو ويندو تيستائن امن ڪرائڻ ڏکيو آهي، بهرحال هن وقت صرف ڪراچي نه پر سڄي ملڪ جون حالتون بهتر ناهن، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد جهڙي شهر مان به ماڻهو گم ٿيڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ته ٻي طرف وري سنڌ مان به کوڙ سارا ماڻهو گم ٿي ويا آهن، ايتري قدر جو عدالت ۾ به گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس هلي رهيو آهي، هڪ طرف سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن تي ٻي طرف وري عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائندڙن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪجهه عرصو اڳ صحافتي عالمي تنظيم چيو هو ته پاڪستان صحافتي ادارن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي، صحافين کي ڪو به تحفظ فراهم نه پيو ڪيو وڃي، ملڪ اندر ڪيترن ئي ادارن تي حملا به ٿي چڪا آهن، ڪڏهن انتهاپسندن  مختلف صحافتي ادارن تي حملا ڪيا آهن ته ڪڏهن وري ڪنهن بااثر خلاف خبر هلائڻ تي آواز دٻائڻ لاءِ حملا ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪجهه عرصو اڳ به ٿيا هئا،
گذريل سال به هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻ ڪارڪنن کي ڀڙڪايو هو، جنهن به هڪ خانگي ٽي وي چينل تي حملو ڪيو ويو هو ۽ جن عورتن ان خانگي ٽي وي چينل تي حملو ڪيو هو اهي سي سي ٽي وي ڪيميئرا ذريعي گرفتار به ٿيون هيون بعد انهن کي ٽي وي چينل معاف ڪري ڇڏيو هو. 12مئي واري واقعي ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل کي هٿياربندن نشانو بڻايو هو.ڪجهه عرصو اڳ صحافت جي آزادي لاءِ ڪم ڪندڙ گروپ رپورٽرزود آئوٽ بارڊرز طرفان ٻڌايو ويو هو ته سال 2016 ۾ شام اندر سڀ کان وڌيڪ صحافين کي ماريو ويو هو، ٻئي نمبر تي سڀني کان وڌيڪ 10 صحافي افغانستان ۾ ماريا ويا هئا، جڏهن ته ميڪسيڪو ۾ 9 صحافين کي ماريو ويو هو، جنهن سبب ميڪسيڪو ٽئين نمبر تي رهيو. بهرحال 2015 ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ ڪراچي اندر سينيئر صحافي کي شهيد ڪيو ويو هو، جيڪو سلسلو هن وقت تائين ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي،
جيتوڻيڪ ملڪ اندر صحافتي تنظيمون حڪومت کان اهو مطالبو ڪنديون رهيون آهن ته صحافين جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن پر افسوس جو حڪومت انهن جي مطالبن تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، هن وقت به ڪراچي اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته سنڌ اندر آدمشماري ويجهو اچي رهي آهي مٿان وري صحافين تي حملن وارا وقعا اهو خوف پکيڙي رهيا آهن ته دهشتگردن جو پٽو کوليو ويو آهي جيڪي بنا خوف جي شهرين ۽ صحافين کي ماري رهيا آهن، آدمشماري کان اڳ ڪراچي اندر صحافين ۽ سڪيورٽي ادارن تي حملا انتهائي افسوس جوڳا آهن ڇاڪاڻ ته ڪجهه دهشتگرد پوليو مهم دوران خوف پکيڙڻ لاءِ ڪارروايون ڪند آهن ته ڪجهه وري چونڊن کان اڳ اهڙو ڪڌو عمل ڪندا آهن، هن ڀيري به آدمشماري کان اڳ ڪراچي جو امن امان تباهه ڪندڙ دهشتگرد ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، جيڪي پوليس سان گڏ صحافين کي به نشانو بڻائي رهيا آهن.
ڪجهه عرصو اڳ عالمي اڳواڻن چيو هو ته پاڪستان اندر سٺي ۽ خراب دهشتگرد جو تصور هلي رهيو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي سٺي ۽ خراب دهشتگرد واري تاثر کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ ڪراچي کان ويندي لاهور تان بنا فرق جي دهشتگردن جي ڳچي ۾ پٽو وجهڻو پوندو ته جئين بيگناهه شهرين ۽ صحافين جون حياتيون بچي سگهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به جڏهن آمريڪا ۾ هو، هن بيان ڏنو هو ته وفاقي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ پنجاب حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي، اهڙي بيان باوجود پنجاب حڪومت توڙي وفاقي حڪومت بلاول ڀٽي زرداري جي ان بيان جو جواب نه ڏنو آهي، بهرحال هن وقت ملڪ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جون انتهائي خراب آهن، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ڪراچي ۾ آپريشن شروع ٿيو ته  ان وقت ڪجهه سياستدانن رڙيون شروع ڪيون ته آپريشن صرف ڪراچي نه پر سڄي صوبي ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙي ريت ڪراچي ۾ به آپريشن تڪراري بڻجڻ طرف وڌي ويو هو،
 جيڪڏهن ان وقت سياسي پارٽيون خاموشي اختيار ڪن ها ته دهشتگرد جيڪي ٻرن ۾ لڪي ويا هئا اهي اڄ ڪڻو ڪڻو ٿي گڏ نه ٿين ها ۽ نه ئي وري روشنين جو شهر اونداهي ڏانهن وڃي ها، هن وقت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي اها ذميواري آهي جيڪي ماڻهو آدمشماري کان اڳ ڪراچي اندر حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا انهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪن ته جئين آدمشماري ملتوي ڪرائڻ واريون سازشون ناڪام ٿي وڃن ۽ جلد کان جلد پرڏيهين کي هن ملڪ مان بي دخل ڪيو وڃي جئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قدم کڻي رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بحال نه ڪئي وئي ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي اندر رت جي راند کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، ڪراچي آپريشن کان پوءِ سمورن شهرين اهو سوچيو هو ته جهڙي ريت امن امان بحال ٿيو آهي اهو اڳتي هلي به قائم رهندو پر اهو ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. چونڊن ۾ به اچي سال رهجي ويو آهي، ان کان اڳ آدمشماري به ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪا به وڏي عرصي کان پوءِ ٿي رهي آهي، ان کان اڳ ڪراچي ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.


No comments:

Post a Comment