Pages

Monday 20 February 2017

دهشتگردي بعد آدمشماري بابت پيدا ٿيل ڳڻتي

صاحب خان ڀٽي
سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي ٿيل آپگهاتي  حملي بعد سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، آپريشن صرف سنڌ نه پر پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، جڏهن ته پوليس به ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سنڌ ۾ ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن يونيورسٽين ۾ آپريشن ڪيو آهي، سيوهڻ سانحي  بعد طورخم سرحد کي به سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو  هو، جيڪو هن وقت تائين برقرار آهي، ايتري قدر جو سرحد وٽ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري به ڪئي وئي آهي، جيتوڻيڪ لعل شهباز قلندر جي مبينا سهولتڪار جي ويڊو به جاري ڪئي وئي آهي پر هن وقت تائين سندس نالي سان سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ جهڙي ريت قانون لاڳو ڪندڙ حرڪت ۾ آيا آهن، شايد اهڙو آپريشن سيوهڻ سانحي کان اڳ نه ڪيو ويو هو. هڪ طرف قلندر جي نگري ۾ بنياديون سهولتون نه آهن ته مٿان دهشتگردن ڪهري ڪارروائي ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو آهي، سيوهڻ ڌماڪي کان پوءِ آمريڪا ۽ گڏيل قومن سميت ٻيا ڪيترائي ملڪ مذمت به ڪري چڪا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ اچي دهشتگردن جون ننڊون ئي ڦٽائي ڇڏيون آهن ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو به ويو آهي پر هن وقت به سڄي ملڪ جي عوام ۾ خوف واري لهر پکڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته وحشي صفت دهشتگردن سيوهڻ ۾ ڌماڪي ۾ پنهنجي وحشيت جو چٽو مثال ڏئي چڪا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن دهشتگردن جي ڪهري ڪارروائي ۾ لڳ ڀڳ 90 ڄڻن شهادت جو جام پاتو، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به وفاقي حڪومت کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي پر هن ڀيري تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ وارو مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته رينجرز کي به سنڌ جيان  پنجاب ۾ ڪارروائي جو اختيار ڏنو وڃي، بهرحال هڪ ٻه ڏينهن اڳ پنجاب ۾ ايپيڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ آپريشن جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جا معاشي ذريعا  به بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته وفاقي حڪومت ڪهڙي ريت پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف پنجاب ۾ آپريشن ٿئي ڪري، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پيپلزپارٽي ۽ ٻيون تنظيمون اهو مطالبو ڪنديون رهيون آهن ته پنجاب ۾ به دهشتگردن خلاف بنا فرق جي آپريشن ڪيو وڃي پر انهن جي بيانن ڏانهن ڪنهن به ڌيان ڏنو، هن وقت جڏهن سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ته اتي پنجاب ۾ به دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪرڻ سٺو فيصلو آهي،
جيڪڏهن  پنجاب ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو ۽ سهولتڪارن جي ڳچي ۾ هٿ وڌو ويو ته پوءِ شايد سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي ويندي، ڪجهه ساڃاهه وند چئي رهيا آهن ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. جتيوڻيڪ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا سنڌ جا سياستدان دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ عزم ڏيکاري رهيا آهن پر عملي طور ڪٿي به قدم کڏندي ڏسڻ ۾ نه اچي رهيو  آهي ۽ نه پوليس ۽ ٻين ادارن هن وقت تائين ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن غيرملڪي کي غيرقانون طور ترسڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي، پر هڪڙو ڪم تمام تيزي سان ٿي رهيو آهي، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سرچ آپريشن به ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن مان شڪي ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويوآ هي، جنهن ۾ قومي ڪارڪنن به شامل آهن، لڳي ائين رهيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪو مبينا افغان دهشتگرد نه پر سنڌين ڪيو آهي،
بهرحال جهڙي ريت سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي، اهڙي ريت جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪيو وڃي ها ته تمام بهتر هجي ها، ڇاڪاڻ ته ڪيتري ئي عرصي کان نه ته پنجاب ۾ انتهاپسندن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي  ۽ نه ئي وري ڪا خاص ڪارروائي پرڏيهين خلاف ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مطالبو سياسي جماعتون ڪنديون رهيون آهن. هن وقت پنجاب ۾ هڪ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پنجاب ۾ رينجرز کي پوليس وارا اختيار ڏئي دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ مذهبي دهشتگردي پکڙيندڙن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي و ڃي ته شايد هن ملڪ ۾ ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي ڪاررواين جي جرئت نه ٿي ها، ڇاڪاڻ ته جيڪي به ڪجهه عرصي کان اڳ افغان طالبان ٻڌندا هئاسين بعد ۾ پنجاب طالبان به بابت به ٻڌو، بهرحال سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن کي ڳولي ڳولي ماريو وڃي ۽ انهن جي سهولتڪارن کي به حراست ۾ ورتو وڃي پر ان سان گڏ دهشتگردي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙن کي به عبرت جو نشان بڻايو وڃي ته جئين امن امان جي صورتحال قائم ٿي سگهي،
جڏهن کان ملڪ ۾ آدمشماري جو اعلان ٿيو آهي تڏهن کان دهشتگرد تمام گهڻو سرگرم ٿي ويا آهن، مارچ ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي هئا جو دهشتگردن سيوهڻ کي رت سان وهنجاري ڇڏيو، ايتري قدر جو لاهور ۾ ڌماڪو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريو  ويو، پر جهڙي ريت موت جو ننگو ناچ سيوهڻ ۾ٿيو شايد ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيو هو. سيوهڻ سانحي بعد ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته دهشتگرد هڪ منظم سازش تحت صوفين جي سرزمين کي نشانو بڻايو  رهيا آهن، ڪڏهن اهي دهشتگرد پوليو ٽيمن کي نشانو بڻائيندا آهن ته ڪڏهن وري اهي ئي دهشتگرد صوفي اوليائن تي حملا ڪندا آهن، ڪجهه عرصو  ڪراچي ۾ حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار جي اڱڻ ۾ ڌماڪو ڪيو ويو هو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ دهشتگردن پنهنجيون ڪهريون ڪارروايون ڪيون  پر افسوس جو انهن حملن ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي، پر جڏهن شڪارپور ۾ عيد جي نماز دوران رهواسين همت ڪري هڪ آپگهاتي بمبار کي سوگهو ڪيو هو ته ان وقت به انهن دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ نه ان دهشتگرد وٽان مليل وڌيڪ ڄاڻ ميڊيا سان شيئر ڪئي وئي هئي.
سيوهڻ سانحي بعد هڪ طرف سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي ته ٻي طرف سنڌ جا ساڃاهه وند سنڌ اندر دهشتگردن جي موجودگي تي ڳڻتي ۾ آهن ته آخر جن افغان پناهگيرن کي آندو ويو هو انهن کي واپس ڇو نه پيو اماڻيو وڃي، ٻين ملڪن ۾ جڏهن ڪا دهشتگردي ٿيندي آهي ته غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو آهي پر افسوس جو هن وقت تائين نه ته هتان جي سڪيورٽي ادارن غير ملڪين کي ڪڍڻ جو بيان ڏنو آهي ۽ نه ئي انهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ افغانستان جي آرمي چيف جنرل قدم خان پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ بابت بيان ڏنو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ جو امن امان داءُ تي لڳايو وڃي، هن وقت افغان پناهگيرن بابت عسڪري قيادت ۽ سياسي قيادت کي فيصلو ڪرڻو پوندو، دهشتگردن ان وقت ملڪ اندر ڪهري ڪارروايون شروع ڪيون آهن جڏهن آدمشماري شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت ئي بچيو هو، جيڪڏهن آدمشماري ٿي ته اهو ضرور پتو پئجي ويندو ته هن ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪهڙن غير ملڪين جا گهر آهن ۽ ڪهڙي گهر ۾ ڪير رهي ٿو پر اهو عمل ان وقت صاف شفاف بڻجي سگهي ٿو، جڏهن پاڪ فوج واندي هجي ها، پر هن وقت دهشتگردن قهري ڪارروايون ڪري فوج جو سڄو ڌيان آپريشن طرف لڳائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ به جيڪا آدمشماري بابت جاڳرتا مهم هلي رهي هئي اها به سيوهڻ بم ڌماڪي بعد رڪجي وئي آهي، هاڻ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ ۾ رهندڙ غير ملڪين خلاف همت وارو فيصلو ڪري ۽ وفاق جو انتظار ڪرڻ بدران جيڪي به غيرملڪي اسان جي ڌرتي تي ترسيل آهن ۽ سنڌ جي لاءِ نقصانڪار آهن انهن کي ڪيمپئن ۾ رهائن ته جئين صوفين جي سرزمين ۾ امن ۽ شانتي قائم ٿي سگهي.

No comments:

Post a Comment