Pages

Tuesday 14 February 2017

ملڪ ۾ دهشتگردي چئلنج بڻيل

صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي ۽ انتهاپسندي هن ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي، هڪ طرف دهشتگرد بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري رهيا آهن تي ٻي طرف وري پاڙيسري ملڪ سرحد وٽ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب حالتون اڃا وڌيڪ ڳنڀير ٿينديون پيون وڃن، دهشتگرد به پنهنجيون ڪهري ڪارروايون ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن، ڪڏهن ڪراچي اندر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري صحافتي ادارن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو وڃي ٿو ۽ اهو سلسلو هن وقت تائين رڪجڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي، دهشتگرد ته پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن پر  انهن خلاف جيڪا به ڪارروائي ٿي رهي آهي، ان مان عوام مطئمن نظر نه اچي رهيو آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو سياستدان هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ڊسمبر 2016 ۾ سڌ سماءَ  واري صلاحڪار مولابخش چانڊيي چيو هو ته ملڪ جا حڪمران دهشتگردن جا سهولتڪار ۽ سرپرست آهن، جيڪي هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ بدامني جي باهه پکيڙڻ چاهين ٿا.ان کانپوءِ به ٻين ڪيترن ئي سياستدان بيان ڏنا پر ان باوجود نه ته دهشتگردي جا واقعا گهٽيا ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ ڪو خاص قدم کنيو، جنهن سبب مختلف وقتن تي دهشتگرد پنهنجيون ڪهري ڪارروايون ڪندا رهيا آهن،
جڏهن به هن ملڪ ۾ ڪو دهشتگردي جو واقعو ٿيو آهي ان وقت صرف مختلف تنظيمن طرفان  افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، پر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪنهن به پارٽي اتحاد جوڙڻ لاءِ ڪو خاص قدم اڳتي نه وڌايو آهي. جڏهن ملڪ اندر دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ته ان وقت ملڪ ۾ سڀ کان  وڌيڪ حالتون ڪراچي جون خراب هيون، ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾ دهشتگردن جو خوف تمام گهڻو هوندو هو ۽ ڀتي خوري به عروج تي هوندي هئي، اهڙي ريت ٻين صوبن ۾ به دهشتگردي جا واقعا تمام گهڻا هوندا هئا، جيڪي آپريشن  شروع ٿيڻ بعد گهٽجي ويا هئا، جڏهن سڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو تڏهن کان ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي به ڏسڻ ۾ آئي هئي، سڀ کان وڌيڪ بهتري ڪراچي جي حالتن ۾ آئي هئي ۽ دهشتگرد ڪراچي مان ڀڄي ويا هئا، آپريشن کان اڳ ائين لڳندو هو جو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ته ڄڻ دهشتگردن پنهنجا ديرا ڄمائي ورتا آهن، جيڪي ٻنهي صوبن ۾ پنهنجي ڪهري ڪاررواين ذريعي خوف ڦهلائيندا هئا، اهي دهشتگرد ڪڏهن امام بارگاهن تي حملو ڪندا هئا ته ڪڏهن وري مسجدن کي نشانو بڻائيندا هئا،  
جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ پرڏيهي قوتن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيندو رهيو آهي پر ان باوجود هن وقت تائين انهن سهولتڪارن خلاف  ڪارروائي ۾ ڪا به خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي،  ڪجهه عرصو اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو هو ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر ان باوجود به دهشتگرد پنهنجيون ڪهريون ڪارروايون ڪندا رهيا آهن،  سومر ڏهاڙي سينيٽ اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ صوبن جي حقن جي حفاظت لاءِ سينيٽ کي بااختيار ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو ۽ ان سان گڏ  اجلاس ۾ دهشتگردي بابت بحث به ٿيو هو، جنهن ۾ ميمبرن طرفان چيو ويو هو ته رياست پرڏيهه ۾ دهشتگردي ڪندڙن جي حامي آهي ۽ حڪومت پابندي پيل ماڻهن جي حفاظت ڪري رهي آهي، سينيٽ جي اجلاس ۾ طاهر مشهدي چيو  هو ته هاڻ سٺيون ۽ خراب پابندي پيل به تنظيمون اچي ويون آهن،  طاهر مشهدي جنهن سٺين ۽ خراب تنظيمن بابت سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهايو، اهو ذڪر اسان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچيون ته سٺي ۽ خراب دهشتگرد جو فرق ختم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد جو ڪو به دين ايمان نه هوندو آهي،  ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جو قاتل سموري انسانيت جو قاتل هوندو آهي ۽ معصوم بي گناهه ماڻهن کي آپگهاتي بم  ڌماڪي ۾ شهيد ڪندڙ انسانيت جا دشمن آهن، جن جو ڪنهن مذهب سان تعلق نه هوندو آهي، انهن جو دين ۽ مذهب صرف دهشت ڦهلائڻ هوندو آهي ۽ اهي دهشتگرد نفرتون پکيڙڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهن ۽ دهشتگرد ڪڏهن امام  بارگاهن ۾ آپگهاتي ڌماڪا ڪندا آهن ته ڪڏهن وري مسجدن ۾ فائرنگ ڪري معصوم ماڻهن کي قتل ڪندا آهن ته جئين اهي نفرتون پکيڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن.
هن وقت نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي پر ڪجهه  ملڪ اهڙا به آهن جيڪي دهشتگردي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، انهن ملڪن مان اسان جو ملڪ به هڪ آهي،  گذريل آچر ڏهاڙي به ڪراچي ۾ فائيو اسٽار چورنگي تي هڪ خانگي ٽي وي جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيميرا مين تيمور شهيد ٿي ويو هو ۽ ان سان گڏ انهي ڏينهن پوليس  جي بڪتربند گاڏي تي به ڪريڪر سان حملو ڪيو هو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي هئي. ايتري قدر جو سڄي ملڪ ۾ اهو خوف پيدا ٿي ويو هو ته ڪراچي شهر هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردي جي ور چڙهي رهيو آهي، جيڪو آپريشن کان پوءِ دهشتگردن جي چنبي نڪري ويو هو، بهرحال ڪراچي ۾ صحافتي ادارن سان لاڳاپيل ماڻهن کي نشانو بڻائڻ دهشتگرد خاموش نه ويٺا ۽ سومر ڏهاڙي دهشتگردن لاهو ر جي مال روڊ تي پنجاب اسيمبلي جي اڳيان دوائون ٺاهيندڙ ۽ اسٽور مالڪن جي ڌرڻي دوران آپگهاتي ڌماڪو  ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪيپٽن (ر) احمد مبين، ايس ايس پي آپريشنز زاهد گوندل به شامل هئا. جڏهن دهشتگردن لاهور کي رت سان وهنجاري ڇڏيو هو ته تڏهن ڪوئيٽا جي سرياب واري علائقي ۾ پل وٽ بم ناڪارا بڻائيندي ڌماڪيو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا،
هڪ طرف لاهور مان لاش کڻي اسپتال پهچايا پئي ويا ته ٻي طرف وري ڪوئيٽا ۾ به شهيدن جي لاشن کي اسپتال آندو ويو هو، هڪ طرف لاهور سانحو ته ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ ٽن ڄڻن جي شهيد ٿيڻ وارن واقعي قوم کي سوڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو  ته ٻي طرف وري احتجاج ڪندڙن کي ڏوهي قرار ڏيڻ وارو سلسلو به ميڊيا تي هلي رهيو هو، هونءَ ته چيو ويندو آهي ته هر هڪ شخص کي احتجاج ڪرڻ جو حق آهي ته پوءِ آخر ڪهڙي ريت ڪجهه ساڃاهه وند ٽي وي چينلن تي ويهي لاهور ۾ احتجاج ڪندڙن بابت تبصرو ڪري رهيا هئا ته انهن کي احتجاج نه ڪرڻ گهرجي ها، بهرحال اهو انهن جو پنهنجو ذاتي موقف هو پر احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي، جنهن کان ڪنهن کي روڪڻ به نه گهرجي، رهي ڳالهه آپگهاتي ڌماڪي جي ته اهڙي دهشتگردي حڪومت جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جو وقت اچي ويو آهي نه ته اهي دهشتگردي انتهاپسندي پکيڙيندا رهندا  ۽ نفرتن جو ٻج ڇٽيندا رهندا، جن کي روڪڻ لاءِ فوجي توڙي سياسي قيادت کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ سٺي ۽ خراب طالبان وارو  پيدا ٿيل تاثر ختم ڪرڻو پوندو ته جئين معصوم شهرين جون حياتيون بچي سگهن. گذريل سومر ڏهاڙي تي ٿيل دهشتگردي واقعن مان لڳي رهيو هو ته دهشتگرد وڏي رٿا بندي سان معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ اها دهشتگردي ان وقت ڪئي وئي آهي، جنهن وقت محبت جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون، جنهن کي  ڪجهه ماڻهو اسلام جي خلاف به قرار ڏئي رهيا آهن،
بهرحال دهشتگرد نئين سال جي فيبروري مهيني ۾ بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري حڪومت کي اهو واضع پيغام ڏنو آهي ته انهن جي چيلهه چٻي ناهي ٿي هو اڃا به معصوم شهرين کي شهيد ڪندا رهندا،  هڪ طرف ملڪ اندر دهشتگرد پنهنجي انتهاپسندي پکيڙي رهيا آهن ته ٻي طرف وري ڀارتي فوج ڀمڀر ويجهو ٿوب سيڪٽر تي بي سبب فائرنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا هئا، جن ۾ غلام رسول، نائيڪ عمران ظفر ۽ سپاهي امام بخش شامل هئا،  جيتوڻيڪ هن وقت سرحدي توڙي اندروني ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي پر ان باوجود سياسي قيادت متحد ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهي آهي، جنهن سبب هن ملڪ ۾ دهشتگرد سرعام پنهنجيون ڪهري ڪارروايون ڪندي نظر اچي رهيا  آهن، حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد سٺن ۽ خراب دهشتگردن وارو فرق ختم ڪري انهن خلاف اثرائتو آپريشن ڪري ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ جيڪي به دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪري، ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصي کان ڪجهه اڳواڻ اهو چئي رهيا آهن ته پنجاب حڪومت پابندي پيل تنظيمن خلاف ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي، جنهن جي ڪري هاڻ سڀ کان پهرين دهشتگردن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروايون پنجاب ۾ ٿيڻ گهرجن ته جئين سڄو ملڪ سک جو ساهه کڻي سگهي.


No comments:

Post a Comment