Pages

Friday 3 November 2017

پاڻي جي کوٽ ۽ صوبن جا خدشا

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ پاڻي جو بحران ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندو پيو وڃي،  سڀ کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي، جيئن ته بلوچستان پهاڙي علائقي آهي، اتي فصل گهٽ ٿيندو آهي پر سنڌ  زرعي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو پر افسوس جو سنڌ جي زمينن کي هٿ وٺي  تباهه پيو ڪيو وڃي، سمنڊ  ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب هزارين ايڪڙ سمنڊ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي پر ان باوجود وفاقي توڙي صوبائي سرڪار پاران ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن نوازشريف وزيراعظم هو ته ان وقت هن سنڌ ۾ اچي اهو اعلان ڪيو هو ته  سمنڊ کي پچنگ ڪرائي  ويندي، مطلب ته سمنڊ جي ڪنارن تي پٿر رکيا ويندا ته جيئن اڳتي نه وڌي سگهي، پر افسوس ان اعلان تي  به ڪو به عمل نه ڪيو ويو،  
بهرحال پاڻي جي کوٽ سڄي صوبي برقرار آهي، هزارين ايڪڙن تي پاڻي نه پهچڻ سبب آبادگار پنهنجيون زمينون آباد نه پيا ڪري سگهن، جنهن سبب سنڌ جا هاري ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندا پيا وڃن ۽ سندن زميون به غير آباد ٿينديون پيون وڃن، سنڌ جي آبادگارن کي ته اها به شڪايت آهي ته پڇڙي  تائين پاڻي نه پيو پهچي، جنهن سبب سندن زمينون آباد نه پيون ٿين، ان کان علاوه سڄي سنڌ ۾ هاري سراپا احتجاج به بڻيل آهن ته جيئن  ڪو انهن جي دردن جو درمان بڻجي پر  هن ملڪ ۾ سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪو به هڪ وک اڳتي نه وڌائي رهيو آهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ  صرف زرعي زمينن لاءِ نه پر پيئڻ جي لاءِ  به آهي، جنهن سبب سنڌي جي وڏي شهر عالمي يتيم خاني ڪراچي ۾ به پاڻي جي کوٽ سبب شهري پريشان آهن، ايتري قدر جون عدالتون به چئي رهيون آهن ته سنڌ جا ماڻهو گندو پاڻي واپرائي رهيا آهن. جنهن سبب اهي مختلف موذي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن،
ايتري قدر جو هڪ عالمي اداري پاران هڪ رپورٽ به جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ جي جر جو پاڻي به خراب ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا  آهن.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ ٽي صوبا پاڻي جي کوٽ جي دانهن ڪندا آهن، انهن مان سڀ کان وڌيڪ پاڻي نه ملڻ جون شڪايتون سنڌ جون آهن، ٻئي نمبر تي بلوچستان آهي ۽ ٽئين نمبر تي خيبرپختونخواهه آهي، جيڪي پڻ پاڻي جي کوٽ  کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر سنڌ جون حالتون انهن ٻنهي صوبن کان تمام گهڻيون مختلف آهن، ڇاڪاڻ ته  اهي ٻئي صوبا تڏهن پاڻي کوٽ جي دانهن ڪندا آهن، جڏهن سنڌ جا آبادار پاڻي کوٽ جون دانهون ڪندا آهن ۽ سنڌين جي احتجاج جي اوٽ ۾ ئي اهي صوبا دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.  جنهن سبب انهن صوبن کي پاڻي ته نه ملندو آهي، پر انهن صوبن جي رڙين کي سنڌ کي به پنهنجي حصي جو به پاڻي نه ملي سگهيو  آهي،  هونئن  اهي سمورا صوبا خاموش هوندا  آهن پر جڏهن سنڌ احتجاج ڪري تي اهي به رڙيون ڪري سنڌ جو ڪيس ئي دٻائي ڇڏيندا آهن.
بهرحال  سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ  ٻين صوبن جي ڀِيٽ تمام گهڻي آهي ، ان جو سڀ کان وڏيو سبب اهو ئي آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصو جو پاڻي نه پيو ملي، وفاقي حڪومت چئي رهي آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي، جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ها ته اڄ سنڌ جون زميون بنجر نه بڻجي وڃن  ها ۽ نه ئي وري  هتي پاڻي جي کوٽ جون دانهون ٿين ها، ڪجهه ڏينهن ارساپاران پاڻي جي کوٽ خدشو ظاهر ڪيو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته ربيع جي فصل  لاءِ پاڻي جي کوٽ  ٿيندي،  ارسا پاران اهو به چيو ويو هو ته  ملڪ ۾ جيڪي به پاڻي جا ذخيرا آهن، انهن ۾ 30 کان وڌيڪ سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿيندي، ارسا ترجمان راڻا خالد چيو هو ته صوبن کي واعدي موجب 7 ڏهائي 3 سيڪڙو ايڪڙ فٽ پاڻي ڏنو ويو، ايتري قدر جو هن اهو به چيو هو ته هاڻ جڏهن پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ته  صوبن کي 36 سيڪڙو پاڻي کوٽ موجب پاڻي ملندو. .ارسان ترجمان چيو  هو ته ربيع سيزن ۾ ڇٽيهه سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته پنج ڏهائي 9 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرن ۾ موجود آهي، جيڪو ربيع جي سيزن ۾ مجموعي طور تي 30 ڏهائي 9 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي موجود هوندو.
جڏهن ارسا پاران اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي  پئي وئي ته ان وقت چئني صوبن جا نمائندا موجود هئا، ان وقت ڪنهن به صوبي ڪا خاص ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، جنهن مان لڳي رهيو هو ته سنڌ جو نمائندو به سنڌ جو ڪيس صحيح نموني نه رکي رهيو آهي. خيبرپختونخواهه جي ارسا ميمبر چيو هو ته اسان جو ملڪ  پاڻي سمنڊ ضايع ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ وڏن ڊيمن جي ضرورت آهي، مطلب ته هاڻ هٿرادو پاڻي جي کوٽ وڏن ڊيمن ٺاهڻ  وارو معاملو اٿاريو ويو آهي ، هونئن ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه  آهي ته هن ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ته ڪيتري ئي عرصي کان پاڻي وارو اشو هلي رهيو آهي، ڀارت به مختلف وقتن تي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي پر جيئن ته هن ملڪ جا حڪمران صرف پنهنجا مرضي جا فيصلا ڪري رهيا آهن ته انهن مان سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻڻ جي اميد رکڻ به غلط آهي،
جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران سنڌ جي عوام سان سچا هجن ها ته اڄ سنڌ ۾ به ڊيم هجن ها ۽ سنڌ جا واهه، ڪينال ۽ دريائن جا بند ڪڏهن به نه ٽٽن ها پر جيئن ته آبپاشي کاتي جا عملدار ئي پنهنجو درست نموني ڪم نه ڪري رهيا آهن ته انهن مان  ٻي ڀلا ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، جڏهن به ڪٿي ڪنهن شاخ کي گهارو لڳندو آهي ته انتظاميا ٻه ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود  نه پهچندي آهي ۽ متاثر ماڻهن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارن کي بند ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن آبپاشي عملدار ئي پنهنجو ڪم صحيح نموني ڪم ڪن ها ته اڄ سڄي سنڌ جي شاخن، واهن ۽  درياهن جا ڪپر مضبوط هجن ها ۽ ڪڏهن به ڪو بند نه ٽٽي ها. بهرحال هن وقت هڪ طرف سمنڊ  زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري صوبن جو پاڻي چوري ڪرڻ جون سازشون هلي رهيون آهن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته الائي ڪهڙيون قوتون آهن جيڪي چاهين ٿيون ته صرف پنجاب اندر وڏا ڊيم هجن، باقي ٻين صوبن ۾ نه ته روڊ رستا بهتر هجن  ۽ نه ئي وري اسپتالن ۾ بنيادي سهولتون مهيا ٿيل هجن.
جيڪڏهن وفاقي سرڪار چئني صوبن کي هڪ نظر سان ڏسي ها ته اڄ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه۾ پاڻي جي کوٽ  پيدا نه ٿئي آهي. اسان ته سنڌ سرڪار کي صرف ايترو ئي عرض ڪري سگهون ٿا ته جلد کان جلد سنڌ جي دريائن، واهن ۽ شاخن جا ڪپر مضبوط ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ جي ماڻهن جو مالي نقصان نه ٿئي ۽ نه ئي وري  پاڻي زيان ٿئي. 
جيڪڏهن سنڌ اندر هڪ ٻه وڏا ڊيم به ٺاهيا وڃن ته ان سان به سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ دوران پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سنڌ جا ڪامورا قدم کڻن، ٻي صورت ۾ هن صوبي اندر پاڻي جي کوٽ برقرار رهندي ۽ هتان جا ماڻهوگندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور رهندا. باقي رهي ڳالهه پاڻي جي کوٽ جو بهانو ڪري ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي ته  اها انهن جي ڀل هوندي، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي سنڌ کي پاڻي حصي کان به گهٽ ڏنو پيو وڃي، وڌيڪ وڏا ڊيم ٺهڻ سان صرف کي صوبي کي فائدو ٿيندو، جيڪو پنهنجي مرضي موجب، ٻين صوبن کي پاڻي  ڏيندو ۽ صوبن  ۾ اختلاف وڌندا رهندا. ان جي ڪري ضروري آهي ته ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار فوري طور قدم کڻي.



No comments:

Post a Comment