Pages

Friday 10 November 2017

`عدليا خلاف ڏنل بيانن جا جمهوريت تي پوندڙ اثر

صاحب خان ڀٽي
پاناماليڪس فيصلي ته مسلم ليگ نواز جي صدر  نوازشريف کي 1998ع وارو دور ياد ڏياري ڇڏيو آهي، بس فرق ايترو آهي و اڳ ۾ هو جيل ۾ بند هيو ۽ کيس ملڪ ڇڏڻو پيو هو پر هن ڀيري هو عدالتن پاران نااهل قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سبب نوازشريف جا بيان نواز ليگ جي قيادت کي وڌيڪ ڏکيائن ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، جنهن جي ڪري اڄ ڪيترائي ڪيس نواز ليگ جي اڳواڻن تي  داخل ٿي چڪا آهن، نوازشريف چئي رهيو آهي  ته هو جمهوريت جي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ هن ملڪ ۾ رڪارڊ ڪم ڪرايا آهن، جنهن سبب کيس سزا ڏني پئي، 
جيڪڏهن واقعي نوازشريف  جمهوريت  جي جنگ وڙهي رهيو آهي ته ٻيون پارٽيون کانئس تمام گهڻو پري ڇو  هليون ويون آهن، ان جو جواب کيس ضرور معلوم هوندو. بهرحال هن ڪا به پارٽي نواز ليگ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ان جو سڀ کان سبب اهو آهي ته نوازشريف لاڳيتو عدليا سميت ٻين مقدس ادارن خلاف بيان ڏئي رهيو آهي، جنهن کي لنڊن ۾ ويٺل شخص به پسند ڪري رهيو آهي ۽ ان شخص جا بيان به نوازشريف جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي  هر هڪ ماڻهو ڏسي رهيو آهي. نوازشريف چئي رهيو آهي ته ججن ۾ بغض ڀريل آهي ۽ ان کان علاوه ٻيا اهڙا جملا  به ڳالهايا جيڪي  توهين   عدالت جي زمري ۾ اچن ٿا.
جيئن ته هر هڪ پارٽي چئي رهي آهي ته جيڪڏهن نواز شريف جي جاءِ تي ڪو ٻيو شخص هجي ها ته اڄ اهو جيل ۾ هجي ها، پر جيئن ته نواز ليگ هن وقت وفاق ۾ آهي ۽ ايندڙ چونڊون به تمام گهڻو ويجهو اچي ويون آهن ۽  اليڪشن ڪميشن  صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. پر هن وقت تائين نين تڪ بندين ۽ آدمشماري جي نتيجن تي ڪو به اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. پيپلزپارٽي ته حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته تڪ بنديون گذريل آدمشماري تحت به ڪرائي سگهجن ٿيون پر جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن  چونڊون گذريل آدمشماري تحت ٿيون ته ان سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو،
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اهوبه چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن ۾ ٿوري به دير ٿي ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت به اچي سگهي ٿي ۽ ان جو ذميوار به نواز ليگ ئي هوندي. بهرحال هاڻ ڏسڻ اهو آهي ته نواز ليگ  مخالف ڌر جي پارٽين  کي ڪهڙي نموني نين تڪ بندين تي راضي ڪري، جيڪڏهن مخالف  ڌر پارٽيون راضي نه ٿيون ته ايندڙ چونڊون ٿيڻ ناممڪن بڻجي وينديون. جيئن ته وفاقي سرڪار نين تڪ بندين جي لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن سان مختلف جماعتن سان مشاورت به ڪري رهي آهي پر ان باوجود ان جو ڪو به کڙ تيل نه نڪري رهيو آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته هن وقت نوازليگ ظاهري طور ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ جهڙي ريت نواز شريف عدليا ۽ فوج خلاف بيان ڏئي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته نواز ليگ  جون اهم شخصيتون تمام جلد پارٽي ڇڏي ڪنهن ٻي جماعت ۾ وڃي شامل ٿينديون، ڇاڪاڻ ته هن  وقت ملڪ اندر نواز ليگ جو تمام گهڻو خراب وقت هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏ ڪا به تبديلي  ايندي نظر نه اچي رهي آهي،
گذريل ٻڌڻي دوران نوازشريف عدالت ٻاهران جيڪو بيان ڏنو، ان  تي به تمام گهڻو بحث ٿي رهيو آهي ۽ ان جو ذميوار پاڻ نوازشريف ئي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف ته  عدليا  خلاف بيان ڏيئ رهيو آهي پر سندس ڌيءُ مريم نواز به گهٽ نه ڪئي آهي، مٿس به ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آهن، ايتري قدر جو سندس مڙ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر به عدالتن  ۾ پيش ٿي رهيو آهي ۽ هن جا بيان به ادارن خلاف ئي هوندا آهن، جيئن ته هاڻ ميڊيا وارا به نواز ليگ اڳواڻن کي احتياط سان ڏيکاري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته خبر ناهي ته ڪنهن به وقت نواز ليگ اڳواڻن جو ذهن تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ اهي ڪنهن به وقت مقدس ادارن خلاف بيان ڏئي سگهن ٿا.
نوازشريف جي بيان کان پوءِ مخالف ڌر جي جماعتن جو به سخت رد عمل سامهون آيو آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه به  چيو آهي ته نوازشريف عدليا خلاف بيان ڏئي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، جنهن سان نقصان به ٿي سگهي ٿو،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نوازشريف  سان موجوده صورتحال ۾ ملاقات يا سهڪار ڪرڻ ملڪ سان دشمني برابر هوندو،ڇاڪاڻ ته نوازشريف عدليا خلاف بيان ڏئي پنهنجي جمهوريت دشمن ايجنڊا پاڻ ئي بي نقاب ڪري ڇڏي آهي.
بهرحال اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف عدليا خلاف بيان ڏئي پنهنجي سياست لاءِ سمورا دروازا بندڪري رهيو آهي، جنهن جو کيس نقصان ته ٿيندو پر جمهوريت لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف عدالتن ۾ پيش ٿيڻ  ۽ وزارت عظميٰ جي سيٽ ڇڏڻ بعد سوچڻ بنا بيان ڏئي رهيو آهي، جيئن اڳ ۾ لنڊن ۾ ويٺل هڪ شخص بيان جاري ڪندو هو، جيئن ته هو ڪنهن ٻئي ماڻهن جي چوڻ تي ڳالهائندو هو پر نوازشريف هن ملڪ ۾ موجود آهي ۽ هن ملڪ رهندي هو عدليا سميت مختلف ادارن خلاف بيان ڏئي رهيو آهي. جيئن ته نيب سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين ڪا وڏي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، هونئن ته سنڌ مان هڪ اڳوڻي وزير کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر پنجاب مان هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي، جئين ته احتساب عدالت ۾ نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف ٻڌڻي هلي رهي آهي ته ملڪ ۾ هڪ وڏو بحث اهو به هلي رهيو آهي ته ڇا نوازشريف گرفتار ٿيندو  يا وري بس نااهل ڪري سياست کان پري رکيو ويندو، هاڻ اهو ته احتساب عدالت جي فيصلي کان پوءِ خبر پوندي  ته نوازشريف جو ان وقت ڪهڙو رد عمل هوندو.



No comments:

Post a Comment