Pages

Tuesday 7 November 2017

پيراڊائز ليڪس کانپوءِ ڇا ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
دنيا جي کوڙ سارن ملڪن ۾ پاناما ليڪس سبب ڪيترن ئي حڪومتي عملدارن پنهنجي عهدن  تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيون هيون، پاڪستان ۾ به  احتساب جو عمل پاناما ليڪس کانپوءِ شروع ٿيو هو پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پاناما ليڪس تي ايترو  ٻڙڌڪ نه متو  هو، جيترو هن ملڪ ۾ پاناما ليڪس جي فهرست ۾ شامل ماڻهن جي خلاف ڪارروائي لاءِ آواز اٿيو هو،  هن وقت به نوازشريف جو ڪٽنب آف شور ڪمپنين سبب عدالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي،
جماعت اسلامي جو امير سراج الحق به پاناما ليڪس ۾ شامل سمورن ماڻهن جي خلاف ڪارروائي  جي درخواست جمع ڪرائي وئي پر افسوس جو هن وقت تائين انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، جن جا نالا  پاناما ليڪس جي فهرست ۾ موجود هئا، اهو ئي سبب آهي جو نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب چئي رهيو آهي ته کين نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪڏهن سمورن ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿئي ها ته اڄ ملڪ ۾شريف ڪٽنب ادارن ڏانهن آڱريون کڻي ها.  
ملڪ اندر احتساب جو عمل ته جاري آهي، سنڌ ۾  ڪرپشن جي الزام ۾ هڪ اڳوڻي وزير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کان به پڇا ڳاڇا هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي به نيب تي ٻٽي معيار جو الزام لڳائي رهي آهي، چيو پيو وڃي ته پنجاب ۾ هڪڙو قانون آهي ۽  صوبي ۾ ٻيو قانون آهي. ملطب ته پيپلزپارٽي  جو اشارو  نواز ليگ  ڏانهن آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جي هڪ اڳوڻي وزير کي ته نيب گرفتار ڪيو آهي پر نواز ليگ  جي ڪنهن به اڳواڻ کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪري پيپلزپارٽي به ادارن کان  ٿورو ناراض نظر اچي  رهي آهي.
هن ملڪ ۾ اهو سلسلو هلندو رهندو، پر هاڻ  پاناما ليڪس کان ڳالهه مٿي چڙهي وئي آهي ۽ پيراڊائيز ليڪس تائين وڃي پهتي آهي،  جنهن ۾ به ڪيترن ئي ملڪن جي اهم شخصيتن جا نالا شامل آهن ۽ پيراڊائيز ليڪس  ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جي اهم شخصيتن جون آف شور ڪمپنيون آهن، جيڪي ٽيڪس کان بچڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاناما ليڪس جي ٽيم ۾ شامل صحافين جي لاءِ به خطرا وڌي هئا، جنهن جو مثال يورپي ملڪ مالٽا ۾ ڪرپشن کي وائکو ڪندڙ سينيئر عورت صحافڻ ڊيفن ڪروآنا غاليزيا کي ڪار بم ۾ قتل ڪيو ويو هو. جنهن بعد سڄي ٽيم جي سيڪيورٽي جا خدشا وڍي ويا هئ. بهرحال پاناما ليڪس کانپوءِ پيراڊائيز  کي جن به ماڻهن جا نالا آيا آهن، انهن  جي ڳڻتي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. پاناما پيپرز پاناما  جي مشهور لاءِ فرم موزيڪ فونسيڪا جي دستاويزن تي ٻڌل هئا پر پيراڊائيز پيپرز  ڪمپين ” ايپل باءِ “ جي دستاويزن تي ٻڌل آهن،
جڏهن پاناما پيپرز  ۾ آف شور ڪمپنين جو انڪشاف ٿيو هو ته ان ۾ 50 ملڪن جي 140 ماڻهن جا نالا  سامهون آيا هئا، جن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڪٽنب جا نالا به شامل هئا، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو نالو به شامل هئو، پاناماليڪس بابت ٻڌايو ويو هو ته آف شور ڪمپنين جو انڪشاف ڪرڻ لاءِ 376 صحافين گڏجي ڪم ڪيو هو ۽ سمورو رڪارڊ هٿ ڪيو هو، جڏهن ته پيراڊائيز ليڪس ۾ 47 ملڪن جي 127 ماڻهن جا نالا شامل آهن، پيراڊائيز ليڪس بابت  ٻڌايوويو آهي ته ان ۾ هڪ ڪروڙ 34 لک دستاويز شامل آهن، جڏهن ته ان ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ 67 ملڪن جي 381 صحافين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
ٻڌايو ويوآهي ته پيراڊائيز ليڪس ۾ 180 ملڪن جي 25 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين، ٽرسٽ ۽ فنڊز ڊيٽا به شامل آهي، جڏهن ته پيراڊائيز پيپرز ۾ 1950ع کان وٺي 2016ع تائين جو ڊيٽا شامل ڪيو ويو آهي.  پاناما ليڪس کانپوءِ صحافين جي عالمي  تنظيم آءِ سي آءِ جي پيراڊائيز نالي جاري ڪيل نئين ليڪس  ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڪروڙ 34 لک کان وڌيڪ دستاويز جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، برطانوي راڻي ملڪه ايلزبيٿ، سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن سميت ڪيترن ئي عالمي سياستدانن جا نالا سامهون اچي ويا آهن،  پيراڊائيز ليڪس جا دستاويز سنگاپور ۽ برمودا جي ٻن ڪمپنين کان حاصل ڪيا ويا، جنهن کي آءِ سي آءِ جي پاران پڌرو ڪيو ويو آهي.هن جاچ ۾ 67 ملڪن جي 381 صحافين حصو ورتو جيڪي آءِ سي آءِ جي جي سان لاڳاپيل آهن.
جاري ڪيل دستاويزن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جا ٻه ٽرسٽ سامهون آيا آهن جڏهن ته  اڳوڻي وزيراعظم پاران سٽي ٽرسٽ لميٽڊ بينڪ کان ڀاماس ۾ قائم ڪيو ويو، شوڪت عزيز بينڪ عهديدار طور سٽي ٽرسٽ جو ڊائريڪٽر بڻيو. پيراڊائز پيپرز ۾ شامل نالن ۾ برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ 2 جو نالو به شامل آهي، دستاويزن موجب ملڪه ايلزبيٿ آف شور ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪئي.پيراڊائيز ليڪس جي دستاويزن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن، آمريڪي واپار واري وزير ولبر راس، ٽرمپ جي 13 ويجهن ساٿين سميت ڪينيڊا جي وزيراعظم جي ويجهي ساٿي، اردن جي اڳوڻي ملڪه نور ۽ ٻين جي نالن جو ذڪر آهي.
پيراڊائيز ليڪس ۽ پاناما ليڪس جي صحافين جو چوڻ آهي ته آف شور ڪمپنين جو اهو مطلب نه آهي ته اهي غيرقانوني طور ٺاهيون ويون هجن، آف شور ڪمپنيون صرف ٽيڪس بچائڻ لاءِ ٺاهيون وينديون آهن، جنهن سبب آف شور ڪمپنين کي ڳجهو  رکيو ويندو آهي.  جيڪڏهن اسان پاڪستان جي ڀيٽ ٻين ملڪن سان  ڪنداسين ته اهڙو احتساب ڪٿي به نه ٿيو هوندو، جهڙي ريت اسان جي ملڪ اندر ٿي رهيو آهي. هن وقت   شريف ڪٽنب جو احتساب ٿي رهيو آهي، ان جو سبب به پاناما ليڪس ئي آهي ۽ هاڻ  اهو احتساب دنيا  جي مختلف  ملڪن ۾ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
سعودي عرب ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ ڪيترن ئي شهزادن خلاف ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته  اسان جي ملڪ ۾ ته ڪيترن ئي ڏينهن کان  ڪارروائي هلي رهي آهي پر اڃا  تائين انجام تائين  پهچي نه سگهي آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر دنيا ۾ به اهڙي قسم جو احتساب ٿيندو  يا وري پاناما ليڪس وانگ پيراڊائيز ليڪس به صرف هڪ ئي فرد  تائين محدود ٿي ويندو. ؟ بهرحال اها اسان جي اعليٰ ادارن جي ئي  ذميواري آهي ته اهي ڪهڙي ريت انهن خلاف ڪاررائي ڪن ٿا جيڪي ٽيڪس کان بچڻ لاءِ آف شور ڪمپنيون ۽ ٽرسٽ کولين ٿا، في الحال ته جن به اهم شخصيتن جا نالا  پيراڊائيز ليڪس ۾ شامل  آهن، انهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ ڪنهن به اداري جي وس کان ٻاهر آهي، باقي رهي ڳالهه اسان ي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، آف شور ڪمپنين سميت ٻين جوابدارن کي به بروقت سزا ملي سگهي ٿي.  
پاناما ليڪس، باناليڪس ۽ پيراڊائيز ليڪس کانپوءِ ڪا ٻي ليڪس به سامهون اچي سگهي ٿي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر اها ليڪس ڪڏهن ٿي اچي، ڇاڪاڻ ته ايترا صحافي محنت ڪري رپورٽ جاري ڪن ٿا، پر ڪارروائي صرف مخصوص ماڻهن خلاف ئي ٿيندي نظر اچي ٿي، جيڪڏهن جن به ٽيڪس کان بچڻ لاءِ آف شور ڪمپنيون کوليون آهن، انهن پنهنجي ملڪ ئي خلاف ئي ڪم ڪيو  آهي. پاناما جا اثر ته هن ملڪ تي سڀني ڏٺا آهن پر هاڻ وري پيراڊائيز ليڪس جو وارو آهي، ڏسڻو اهو  آهي ته پيراڊائيز ليڪس ۾ ڪهڙين اهم شخصيتن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، جن جو ذڪر هن وقت تائين نه ٿي سگهيو آهي.  

No comments:

Post a Comment