Pages

Friday 17 November 2017

سنڌ ۾ تباهه ٿيندڙ صنعتي ادارا

صاحب خان ڀٽي
سنڌ اندر صنعتي ادارن جو تباهه ٿين جو سڀ کان وڏو سبب وفاق جي عدم دلچسپي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ صنعتي ادارا تباهه ڏانهن وڌڻ لڳا، جيڪي به ٽيسڪٽائل فيڪٽريون قائم ڪيون ويون هيون، اهي آهستي آهستي بند ٿي رهيون آهن، ڄامشوري جي علائقي ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ به کوڙ ساريون فيڪٽريون بند ٿي چڪيون آهن، ان کان علاوه سنڌ جي سڀ کان وڏي مل اسٽيل مل تباهي ڪناري پهتل آهي، جنهن کي به خانگائڻ جون ڪوششون ٿيون رهيون آهن ۽ پي آءِ اي کي به خساري ۾ ڏيکاريو پيو وڃي  جنهن سبب اسٽيل مل کان ويندي سمورا ادارا تباهه ٿي رهيا آهن، اسٽيل مل واحد ادارو آهي، جنهن ۾ سمورن صوبن جا ماڻهو  ڀرتي ڪيا ويا هئا ۽ اهو ئي ادارو آهي جيڪو هن ملڪ کي تمام گهڻو ڪمائي ڏئي رهيو هو پر افسوس جو ان اداري کي هاڻ تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي ۽ هن مل جي مزدورن کي هن وقت تائين پگهارون نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب اسٽيل مل جا ملازم اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، بهرحال هي ته صرف اسٽيل مل آهي، جيڪو هن ملڪ جو سڀ کان وڏو ادارو هو، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت اڄ پگهارن لاءِ پريشان آهن.
صوبائي سرڪار ۽ وفاقي سرڪار ملڪ ۾ صنعتي ادارن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، جنهن سبب بي روزگاري به وڌي رهي آهي، وفاقي حڪومت وڏا وڏا منصوبا ته شروع ڪري رهي آهي ۽ پناهه گيرن کي پناهه ڏيڻ لاءِ هٿ پير به هڻي رهي آهي پر هن ملڪ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ نه ڪي نيون فيڪٽريون لڳايون پيون وڃن ۽ نه ئي ڪي اهڙا ادارا قائم ڪيا پيا وڃن، جن سان هن ملڪ جا نوجوان روزگار سان لڳي سگهن، اهو ئي سبب  آهي جو هن ملڪ جا ماڻهو روزگار سانگي پرڏيهه وڃي رهيا آهن ۽ حڪومت عالمي ادارن کي خوش ڪرڻ لاءِ پناهه گيرن کي پناهه ڏئي ۽ انهن کي  هن ملڪ ترسائڻ ڌرتي ڌڻين جا حق کسي رهي آهي.  بهرحال هاڻ وفاقي سرڪار جي اها ذميواري آهي ته ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا فراهم ڪرڻ لاءِ نيون صنعتون قائم ڪيون وڃن ته جئين هن ملڪ مان بي روزگاري ختم ٿي سگهي. هن وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ ترقياتي ڪم تمام گهڻو تيزي سان ٿي رهيا آهن پر سنڌ ۾ نه ته ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن ۽نه ئي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾  نوجوان روزگار لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن. جيڪڏهن صوبائي سرڪار يا وفاقي سرڪار  روزگار لاءِ ڪي قدم کڻي ته تمام سٺو قدم هوندو.
هڪ طرف سنڌ ۾ پورهيت پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ رپورٽ منظر عام تي آئي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان صنعتي شهر هئڻ جو درجو به کسجي ويو آهي ۽ هاڻ لاهور ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪسٽائل صننعتون رکندڙ شهر بڻجي ويو آهي ۽ اهڙو انڪشاف ڪنهن ڪنهن ٻئي اداري نه پر واپار ۽ ٽيڪسٽائل واري وزارت جي سرڪاري دستاويزن ۾ ڪيو ويو آهي، ٽيڪسٽائل واري وزارت جي  جي دستاويزن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته ملڪ اندر ٽيڪسٽائل صنعتي يونٽن جو ڪل تعداد ٽي هزار  182 آهي، جنهن مان 60 سيڪڙو ان وڌيڪ صنعتون پنجاب ۾ قائم آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جيڪي ٽيڪسٽائل فيڪٽريون آهن، جن ڪجهه  بند به ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ڪجهه اهڙا صنعتي ادارا آهن، جن ۾  ڪم ڪندڙ پورهيت اجرت نه ملڻ سبب سراپا احتجاج بڻيل آهن.
 بهرحال سنڌ سرڪار کي سڄي صوبي ۾ صنعتون قائم گهرجن ته جيئن سنڌ به بيروزگاري ختم ٿي سگهي سرڪاري نوڪريون ته پئسن ذريعي وڪرو ڪيون وينديون آهن، جنهن جو مثال نيب پاران شروع ڪيل ڪارروايون آهن.  باقي رهي ڳالهه پرائيوٽ سيڪٽر جي ته ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ٽيڪسٽائل واري وزارت جي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب صوبي ۾ 1957 ٽيڪسٽائل صنعتون قائم آهن،، جن ۾ فيصل آباد ۾ 501، ملتان ۾ 111 ۽ لاهور ۾ 1305 ٽيڪسٽائل صنعتون قائم آهن. واضح رهي ته ماضي ۾ سنڌ جو راڄڌاني شهر ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو ٽيڪسٽائل صنعتي شهر هو، ڪراچي ۾ هن وقت 942 ٽيڪسٽائل صنعتون قائم  آهن، جڏهن ته سکر ۾ فقط 11 صنعتون قائم آهن.  بهرحال هاڻ اها سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته سنڌ ۾ تباهه ٿيندڙ  صنعتي ادارن  کي  بچائڻ سان گڏ نوان صنعتي ادارا قائم ڪيا وڃن ته جيئن اسٽيل مل جي ملازمن جيان ٻيا پورهيت ائين پگهارن لاءِ دربدر نه هجن ۽ نه ئي وري  صوبي ۾ ماڻهو روزگار سانگي پريشان هجن. هن وقت ڪيترائي ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو هن ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا گهٽبا پيا وڃن، جيڪي صنعتي ادارا  آهن اهي آبادي جي حساب سان تمام گهٽ آهن، جيڪڏهن هن وقت نوان  صنعتي ادارا قائم نه ڪيا ويا ته سنڌ  ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي هلي ويندو آهي.  هونئن به سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي.
بهرحال سنڌ سرڪار کي سنڌ جي عوام جي لاءِ روزگار جا ذريعا فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي سيڙپڪارن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، صرف تيل ڪڍڻ ۽ ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي ملڪن کي دعوت ڏني پئي وڃي ته جنهن سان سنڌ جي عوام کي ڪو به خاص فائدو نه ملي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جن به شهرن ۾ تيل ڪڍڻ جون ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، انهن ۾ سنڌي نه هئڻ برابر  آهي، رهي ڳالهه صنعتي ادارن جي ته اهي به تمام گهڻا گهٽ آهن، جيڪڏهن نوان صنعتي ادارا قائم ڪيا وڃن ته هن صوبي ۾بي روزگاري ختم ٿي سگهندي. جيڪڏهن نوان صنعتي ادارا قائم نه ڪيا ويا ته اڄ صرف سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان صنعتي شهر  جو درجو کسجي ويو آهي، اڳتي هلي هتي صنعتي ادارا ئي ختم ٿي ويندا. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت بي روزگاري ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

No comments:

Post a Comment