Pages

Sunday 26 November 2017

چونڊون وقت تي ٿينديون؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ چونڊون ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، هڪ طرف تڪ بندين جو مسئلو آهي ته ٻي طرف وري سياسي جماعتن ۾ به ڇڪتاڻ جو سلسلو برقرار آهي، جنهن سبب هڪ طرف معيشت کي نقصان پهتو آهي ته ٻئي طرف وري عام ماڻهو مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ نوازليگ جاتي امرا ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جنهن سبب حالتون بهتر ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪو احتجاجي ڌرڻوٿئي ٿو ته ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ به فوج کي طلب ڪيو وڃي ٿو، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس به  حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي، جڏهن ملڪ جون   اهڙيون حالتون هجن ته ڪهڙي ريت هي ملڪ ايندڙ چونڊن کي برداشت ڪري سگهندو. هڪ طرف سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانوبڻائي وڃي ٿو ته ڪڏهن اسلام آباد جهڙي ريڊ زون ۾ صحافين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ جوابدار گرفتار ئي نه ٿا ٿين ۽ نامعلوم دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي وڃي ويهي رهن ٿا.  بلوچستان ۽ سنڌ جون حالتون به ڪنهن کان لڪيل نه آهن، ميڊيا کڻي  ڪجهه به ڏيکاري پر دنيا سڄي حقيقت ڄاڻي ته پاڪستن ۾ اڄ ڪلهه ڪهڙيون حالتون آهن ۽ ان جو ذميوار ميڊيا يا عام ماڻهو نه پر هتان جون نامعلوم طاقتون آهن، جن جي غلط فيصلن سبب اڄ ملڪ اندر ڌارين جي لوڌ آهي، جنهن سبب بي روزگاري وڌي وئي آهي۽  هر طرف دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن ۽ هتان جا ادارا ڌارين کي آباد ڪري  انهن جي مهمان نوازي ڪرڻ ۾ پورا آهن  ۽ هتانن جي اصلوڪن لوڪن مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ۽ شيلنگ ڪئي پئي وڃي، سنڌ سرڪار جو به ساڳيو ئي ورتاءُ رهيو آهي، جهڙي  ريت وفاق سنڌ سان ڪري رهيو آهي، اهڙي ريت سنڌ سرڪار به سنڌ جي ماڻهن سان ساڳيو سلوڪ ڪري رهي آهي، وفاق به افغان مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ٿو ته سنڌ سرڪار به بنگالين، بهارين، برمين کي آبادڪار لاءِ اليڪشن کان اڳ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن، جيئن ته ڪجهه طاقتن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اڳواڻن کي سرگرمين کان به روڪي ڇڏيو آهي پر ان باوجود سنڌ جا ساڃاهه وند اهڙي جبر کي سهندي پنهنجو آواز اٿارڻ لاءِ هر فورم استعمال ڪري رهيا آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي  سنڌ جي مسئلن کي کڻڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي پرسوشل ميڊيا تي به هلندڙ مهم انهن کان برداشت نه ٿي ٿئي، جنهن سبب مختلف قانون پاس ڪري عوامي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي محدود ڪيو ويو آهي. بهرحال اهو ظلم سنڌين تي هن ملڪ جي قيام کان وٺي هلي رهيو آهي، ڪڏهن سنڌ جي چونڊيل نمائندن سنڌ سان ظلم ڪيو  ته ڪڏهن ٻين صوبن جي پارٽين سنڌين جا حق کسيا. هن وقت ٿوريون حالتون تبديل ٿي چڪيو آهن، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ نوازشريف کي نااهل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پنجاب جي سڀ کان وڏي پارٽي مطلب ملڪ جي  وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، اڄ ڪلهه عدالتن خلاف بيان ڏيڻ ۽ انتقام وٺڻ جون دانهون ڪري رهيو آهي. نيب به نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، احتساب جي حڪم تي شريف ڪٽنب تي ريفرنس بابت نيب جاچ به ڪري رهي آهي، هاڻ ته نواز ليگ جي لاءِ سياست به تمام گهڻو ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هڪ طرف نوازشريف جي پارٽي جو مستقبل تي داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻي طرف سندس ڪٽنب جي خلاف جاچ به سندن لاءِ ڏکيائون پيد ڪري ڇڏيون آهن. ماضي ۾ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته پيپلزپارٽي سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو پر افسوس جو اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي رويي سبب  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي هئي، ايتري قدر جو ڪيترائي ڀيرا نواز شريف پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر مختلف وقتن تي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اينديون رهيون، جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ويجها دوست اغوا ٿي ويا هئا ته ان وقت به ايوانن ۾ماڻهن جي گم ٿيڻ جو آواز اٿاريو ويو هو ۽ سنڌ جي ڪامورن کي قانون به ياد آيو هو ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ته ايوان ۾ تمام گهڻو آواز به اٿاريو ويو هو، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي کي آصف زرداري جي ويجهي ساٿين جي اغوا تي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون به ياد اچي ويون هيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف به سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪيا ويا هئا پر هاڻ لڳي ٿو ته سنڌ کي سمورا حق ملي رهيا آهن جنهن سبب هاڻ ڪو به احتجاج  نه ٿي رهيو آهي. بهرحال هن وقت ٻنهي پارٽين ۾ وچ ۾ ويڇا ساڳي ريت موجود آهن ۽ پيپلزپارٽي واضح طور چئي چڪي آهي ته هو نوازشريف جو جمهوريت خاطر ساٿ ڏيندا هئا پر هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي  سياسي ميدان خالي ٿي چڪو آهي ۽نواز ليگ جو پري پري تائين ڪو به سياسي مستقبل نظر نه اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ بعد نوا ليگ کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي ۽ پارٽي کي ساڳي پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ نوازشريف کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن نوازشريف تان نااهلي جو ليبل ختم به ٿي وڃي ٿو ته حديبيه پيپر ملز سميت ٻيا ڪيترائي  ڪيس شريف ڪٽنب مٿان هلي رهيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جاچ به هلي رهي آهي. حديبيا پيپرز ملز  جي ڪيس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار  به پيش ٿيو هو پر اڄڪلهه هو هن ملڪ کان ٻاهر آهي، سندس علاج ٿي رهيو آهي. خبر ناهي ته هو ڪڏهن ڏيهه ورندو پر ايترو ضرور آهي جو جڏهن به ڏيهه واپس آيو ته سندس گرفتاري جا تمام گهڻا امڪان آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نيب شريف ڪٽنب کي پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا پر انهن مان هڪ به فرد نيب آڏو پيش نه ٿيو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو هو ته نوازشريف کي ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري ڏيکاريندو. رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته  تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي به پارٽي فنڊنگ جو ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪو به هڪ حساس ڪيس آهي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس به تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان خلاف هلي رهيا آهن. پي ٽي وي تي حملو، پارليامينٽ تي حملو ۽ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تشدد ڪيس سميت چار ڪيس دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ هلي رهيا آهن. جنهن جي هڪ ٻڌڻي ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پيش ٿي چڪو آهي، مطلب ته نوازشريف خلاف فيصلواچي چڪو آهي ۽ باقي عمران خان خلاف فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، جنهن جو هن ملڪ جي عوام کي بيچيني سان انتظار آهي.  پر هن وقت جيڪي حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته چونڊون وقت  تي ڪرائڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي، هڪ طرف نيب ريفرنسز  جون ٻڌڻيون ته  ٻي طرف وري ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، جنهن سبب مهانگائي  به ٿي آهي ۽ معيشت کي به ڌڪ رسيو آهي ۽ سمورين سياسي جماعتن جي اها خواهش آهي ته انهن جو پارٽي سربراهه وزيراعظم ٿئي پر هاڻ  ايندڙ چونڊن ۾ ڪير وزيراعظم ٿو ٿئي، ان جو  فيصلو ته عوام کي ئي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته، نه ته ماضي جيان هن ڀيري به هلندڙڇڪتاڻ جو نقصان جمهريت کي ئي ٿيندو.


No comments:

Post a Comment