Pages

Wednesday 15 November 2017

آدمشماري تي خدشا ۽ وقت سر چونڊن تي ٿيل اتفاق

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ ڇهين آدمشماري فوج جي نگراني ۾ ڪرائي وئي پر ان باوجود ڳڻپ دوران فارم پينسل سان ڀرڻ ۽ ٽيمون  نه پهچڻ جون شڪايتون رپورٽ ٿينديون رهيون، ڪراچي ۾ به ڪيترين ئي سنڌي وسندين جي ڳڻپ نه ٿيڻ جهڙيون خبرون اخبارن جي زينت بڻيل رهيون، جڏهن  ڳڻپ اداري پاران آدمشماري جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا ته ان وقت سنڌ سرڪار سان گڏوگڏ سنڌ جي ساڃاهه وندن به ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر جيئن ته چونڊون بلڪل ويجهو اچي چڪيون آهن، تنهن جي لاءِ وقت کان اڳ نيون تڪ بنديون به ضروري آهن،  اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي جي درخواست تي وفاقي سرڪار گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جا اجلاس ٿيا هئا، جن ۾ به مختلف جماعتن پاران نين تڪ بندين ۽  آدمشماري جي نتيجن بابت غور ويچار ڪيو ويو هو پر انهن اجلاسن ۾ ڪو به اتفاق نه ٿي سگهيو هو.
جماعت اسلامي جي امير سراج  الحق ۽ ٻين جماعتن پاران به چونڊن کان اڳ نين تڪ بندين جو مطالبو ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا  چونڊن کان اڳ نيون تڪ بنديون تمام گهڻو ضروري آهن، جيئن ته هن ملڪ ۾ ڇهين آدمشماري ٿي چڪي آهي ۽ پهريون ڀيرون  افغان مهاجرن کي به ڳڻيو ويو آهي، پر ان باوجود صوبن کي آدمشماري تي خدشا آهن، سڀ کان وڌيڪ خدشا سنڌ کان آهن، ڇاڪاڻ ته افغان مهاجرن کان ويندي  بنگالين،  بهارين، برمين ۽ ٻي ڌاري لوڌ کي صرف سنڌ ۾ ئي ترسايو ويو آهي،  اڳوڻي آمر پرويز مشرف جن  مهاجرن کي هن ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني، اهي به هن ملڪ واپس وڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن ۽ هاڻ ته اهي هن ملڪ جي شهريت جو به مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي سرڪار پاران اعلان به ڪيو ويو آهي. جنهن تي ساڃاهه وندن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان هڪ  نام نهاد ٽولو فيس بڪ تي پرڏيهين جا  سڃاڻپ ڪارڊ شيئر ڪري رهيو آهي ،  جن جو مطالبو آهي ته جيڪڏهن چين جي ماڻهن کي پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ ملي سگهن ٿا ته پوءِ افغان پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڇو نه ٿا جاري ڪيا وڃن. اهو مطالبو ان جي ڪري  ڪيو پيو وڃي ته هن وقت اسان جي ملڪ وٽ اهو رڪارڊ ئي نه آهي ته ڪيترا ماڻهو افغانستان مان اچي هتي آباد ٿيا آهن، اهو صرف ان جي ڪري ٿي رهيو آهي ته  هن ملڪ کي هلائيندڙ طاقت افغان مهاجرن کي ڪئمپن رکڻ بدران سڄي ملڪ ۾ آباد ڪيو ۽ صرف هن ملڪ ۾ رهندڙ ملڪن سان دشمني نه هئي پر هن ملڪ سان به وڏي دشمني هئي، جيڪڏهن مهارجن کي ڪئمپن تائين محدود رکيو وڃي ۽ جيڪي  مهاجرن کي ترسائڻ جي لاءِ عالمي فنڊ جاري ڪياويا هئا، انهن پيئسن مان ئي افغان سرحد وٽ ئي انهن کي ترسايو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ افغانستان جهڙيون حالتون نه پيدا ٿين ها ۽ نه ئي وري هن ملڪ ۾ افغانستان جيان دهشتگرد تنظيمن جو وجود هجي ها ۽ نه ئي هن ملڪ ۾ صوفي بزرگن جون درگاهون دهشتگردن جي نشاني تي هجن ها.
جيئن ته دهشتگردن هن ملڪ  کي معصوم ماڻهن  جي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي پر ان باوجود هن ملڪ جا حڪمران  اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته دهشتگردي جو خاتمو اچي  چڪو آهي ۽ ماضي سان ڀيٽ ڪرائي وڃي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت هيترا ڌماڪا ٿيندا هئا ۽ سندن حڪومت ۾ گهٽ ڌماڪا ٿي رهيا آهن. بهرحال  آدمشماري صرف سنڌين سان هڪ ڀوڳ برابر آهي، هڪ افغان مهاجرن کي آبادڪري انهن کي هتي ترسايو وڃي ٿو ته ٻي طرف وري آدمشماري جو ڍونگ ڪري  عالمي برادري کي  اهو باور ڪرايو پيو وڃي ته هن ملڪ ۾ آدمشماري بهتر نموني ٿي آهي. جيڪڏهن  آدمشماري  صحيح نموني سان ٿئي ها ته اڄ سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند ايتري ڳڻتي ظاهر نه ڪن ها ۽ نه ئي وري  آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪيو وڃي ها.
هونئن ته آدمشماري  جي نتيجن بابت سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڳالهيون ٿي چڪيون آهن پر ان وقت وفاقي سرڪار ڪو به  ڌيان نه ڏنو هو پر هاڻ جڏهن  چونڊون ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ اليڪشن ڪميشن به نين تڪ بندين کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته جيستائين آدمشماري جا نتيجا ۽ نقشا کين فراهم نه ڪيا ويندا تيستائين چونڊون ٿيڻ نا ممڪن آهن، اهڙي بيان کان پوءِ وفاقي سرڪارجون به ننڊون حرام ٿيون ۽  سنڌ سرڪار سان رابطا شروع ڪيا ايتري قدر جو پيپلزپارٽي جي اپيل تي وفاقي سرڪار پاران گڏيل مفادن وارو اجلاس به گهرايو ويو ، جنهن جي صدارت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪئي، ان اجلاس ۾ سمورين پارٽين ملڪ ۾ نين تڪ بندين لاءِ جلد قانون سازي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ، جڏهن ته ان اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پاران ڪجهه مطالبا به رکيا ويا هئا، جنهن کي وفاقي حڪومت مڃي ورتي هو،  گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورن صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو عزم ڪيو ويو هو. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن  اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو هو ته حڪومت تڪ بندين جي لاءِ نئين ترميم جلد منظور ڪرائي، ڇاڪاڻ ته 1998 جي آدمشماري مطابق اليڪشن ڪرائڻ مشڪل هوندو، جنهن جي ڪري نين تڪ بندين جي لاءِ ترميم منطور ڪرائي وڃي.
 اجلاس ۾ صوبن جا آدمشماري بابت خدشا ختم ڪرائڻ جي  به خاطري ڪرائي وئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  ان اجلاس ۾ چيو هو ته وفاق آدمشماري جو سمورو ڊيٽا جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته آدمشماري جو هڪ سيڪڙو ٿرڊ پارٽي کان چيڪ ڪرائڻ جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ڪنهن به هڪ بلاڪ جي آدمشماري چيڪ ڪرائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن انگن اکرن ۾ فرق آيو ته وفاق ان جو ازالو ڪندو، ٻي طرف وري سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ڪجهه بلاڪن ۾ ٻيهر آدمشماري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار کي آدمشماري جي نتيجن تي اعتراض آهي ۽ هو چاهيون ٿا ته ڪجهه بلاڪن ۾ ٻيهر مردم شماري ڪرائي وڃي. جيتوڻيڪ  آدمشماري جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي پر ڪجهه بلاڪن ۾ ٻيهر آدمشماري ٿي سگهي ٿي.
بهرحال وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چونڊون جون 2018ع ۾ ئي ٿيندو، نه وقت کان اڳ ٿينديون ۽ نه ئي وري پوءِ ٿينديون پر تحريڪ انصاف چيئرمين  عمران خان مطالبو ڪري رهيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن، هن وقت نواز ليگ ڪيترن ئي  چيئلنجز کي منهن ڏئي رهي آهي پر ان باوجود  چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هنيا پيا وڃن، ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جنهن پنهنجي حڪومتي دور جا پنج سال مڪمل ڪيا ۽  نواز ليگ به جمهوري دور جا پنج سال مڪمل ڪندي، خبر نه ٿي پئي ته آخر هن ملڪ ۾ جمهوريت  پنهنجو مدو پورو نه ٿي ڪري سگهي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  پيپلزپارٽي به پنهنجي جمهوري دور جا پنج سال مڪمل نه ڪيا آهن ۽ پنج سال پورا ٿيڻ کان اڳ ئي پيپلزپارٽي جي وزيراعظم کي گهر وڃڻو پيو هو ۽ هاڻ به نواز ليگ جي وزيراعظم کي به گهر وڃڻو پيو آهي، بس فرق ايترو آهي جو  پيپلزپارٽي جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي گهر موڪلڻ ۾ نوازشريف جو هٿ هو  ۽ نواز ليگ جي وزيراعظم نوازشريف  کي نااهل قرار ڏئي گهر موڪلڻ ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو هٿ آهي. مطلب ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به پارٽي جمهوي  مدو پوري نه ڪري سگهي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته هڪ ته سياسي پارٽيون متحد نه آهن ۽ ٻيو  اهي پارٽيون جيڪي آمريت جون حامي آهن، اهي ڪڏهن به جمهوريت جي ٽرين کي پٽڙي ته هلندي ڏسڻ نه ٿيون چاهين، اهو ئي سبب آهي جو بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ جمهوري نظام به گهڻو دير تائين نه هلي سگهيو هو ۽ هڪ چونڊيل وزيراعظم نااهل ٿي گهر هليو ويو هو، هاڻ ڏسڻو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چونڊون وقت تي ڪرائيندو يا وري چونڊين ۾ دير جا حربا استعمال ڪيا ويندا.
15-11-2017

No comments:

Post a Comment