Pages

Wednesday 8 November 2017

آدمشماري ۽ نين تڪ بندين تي پيدا ٿيل اختلاف

صاحب خان ڀٽي
وڏي عرصي کانپوءِ جڏهن ملڪ ۾ آدمشماري جو اعلان ٿيو ته سڀ کان وڌيڪ خدشا سنڌ کي هئا، ڇاڪاڻ ته سنڌ هن ملڪ جو واحد صوبو آهي جتي پنگاهه گير وڏي انگ ۾ ڀريا وياآهن، افغانستان جي جنگ کانپوءِ  افغان مهاجرن صرف سنڌ جو ئي رخ ڪيو،جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي، هن صوبي ۾ بنگالي، برمي، بهاري، افغاني ۽ ٻيون ڪيتريون قومون آباد ٿي چڪيو آهن، جن کي هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ به جاري ڪيا ويا آهن، سنڌ  کي ان وقت ئي  خدشا هئا، جنهن وقت افغان مهاجرن کي ملڪ ۾ ترسائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اها پڪ هئي ته جيڪڏهن ڪو به مهاجر هن ملڪ آيو ته ان جو واپس وڃڻ نه ممڪن آهي، اهو ئي سبب هو، جو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ قومپرست ڌريون روڊن تي نڪتيون هيون پر افسوس جو ان وقت جي حڪمرانن الائي جي ڪهڙو مقصد ماڻڻ لاءِ سنڌين جي هڪ به نه ٻڌي ۽ سمورن مهاجرن جو بار سنڌ تي وڌو ويو، اڄ  ڪراچي کان ويندي سکر تائين صرف ڌاري لوڌ ئي آباد نظر اچي رهي آهي، پر ان باوجود سنڌين جي ووٽ تي ڪامياب ٿي اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي ڪڏهن به به حساس مسئلي تي خاص آواز نه اٿاريو، هاڻ ته ان پارٽي جو سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن ۾ ڪا به اهميت نه رهي آهي، باقي رهي سنڌ جي ڳالهه ته هتان جا اٻوجهه ماڻهو اڃا به ڪوڙن نعرن ۽ واعدن تي ڀروسو ڪري رهيا آهن.
بهرحال ڳالهه هلي رهي آهي، آدمشماري ۽ نين تڪ بندين جي هي ذڪر ان ڪري ٿي رهيو آهي جو اليڪشن اچي مٿان بيٺي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن پاران به آدمشماري جا نتيجا نه ملڻ سبب وقت تي چونڊون ڪرائڻ کان لاچاري ڏيکاري رهي آهي، جيڪڏهن  ڳڻپ کاتو  آدمشماري جا نتيجا پڌرا نٿو ڪري ته پوءِ يقينن هي چونڊو وقت تي نه ٿيندو، نين تڪ بندين ۽ آدمشماري جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آدمشماري بعد نين تڪبندين بابت قانونسازي تي غور ويچار ڪيو ويو.جڏهن ته قانون واري وزير تڪبندين بابت بريفنگ ڏني، پر پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف نين تڪ بندين تي حڪومتي وضاحتن کي رد ڪندي مٿن سخت تنقيد ڪئي، 
پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ رد عمل ۾ ريلوي واري وفاقي  خواجا سعد رفيق چيو ته پيپلزپارٽي وارا صبح جا ها ڪندا آهن ته رات جو وري ڦري ويندا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آدشماري  جو عمل جڏهن شروع ٿيو هو ته ان وقت ئي  سنڌ جي ماڻهن  چيو هو ته ٽيمون نه پهچي رهيون آهن ۽ آدمشماري درست نموني نه ٿي رهي آهي پر وفاقي سرڪار سمورن خدشن کي رد ڪري ڇڏيو هو، جيئن ته ماضي ۾ جڏهن چونڊون ٿيون هيون ته ان وقت ڪراچي ۾ 60 گز جي گهر ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو ڳڻيا ويا هئا، جنهن جو انڪشاف عدالتن ۾ به ٿيو هو ۽ ان حوالي سان ڪيترن ئي اخبارن ۾ خبرون به شايع ٿيون هيون پر جيئن ته   هن ملڪ ۾ سنڌين جو انگ گهٽائي ۽ ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سلسلو ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي،  جنهن کي وفاقي سرڪارڪڏهن روڪڻ به نه ٿي  چاهي، 
اڄ جڏهن  ڪراچي کي عالمي يتيم خاني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ته ان وقت سڀني کان وڌيڪ  ڏکيائون صرف سنڌين کي ئي ڏسڻي پئجي رهيون آهن، جيڪڏهن ڌارين کي نه ڀريو وڃي ها ۽ سنڌ ۾  ڪنهن ٻين صوبن جي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون نه  ڏنيون وڃن ها ته اڄ سنڌ ۾ بيروزگاري گهٽ هجي ها، ٽريفڪ پوليس کان ويندي ڪنهن به کاتي ڏانهن اسان نظر ڦيرائينداسين ته انهن ۾  غير سنڌي تمام گهڻا نظر ايندا، هونئن ته چيو ويندو آهي ته نوڪريون ڪونهن، پر  ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ سرڪاري نوڪري ڪئين ملي ٿي وڃي، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. بهرحال هن وقت آدمشماري سنڌ جو سڀ کان وڏو حساس مسئلو آهي، هڪ ته سنڌ کي پاڻي به گهٽ ملي رهيو آهي.
بهرحال نواز ليگ اڳواڻ چئي رهيا آهن ته تڪ بندين کان اڳ ۾ آئين ۾ ترميم ڪرڻ ضروري آهي، جيڪڏهن آئين ۾ ترميم نه ڪئي وئي ته چونڊون وقت کان اڳ نه ٿي سگهنديون. پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن جو جيڪو اجلاس ٿيو، ان ۾ به ايم ڪيو ايم پاڪستان، ۽ پيپلزپارٽي پاران آدمشماري  تي خدشا ظاهر ڪيا، جهن ته آئيني ترميمي مسودي جي حمايت به نه ڪئي هئي، جڏهن اجلاس ختم ٿيو هو ته ان وقت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار  چيو هو ته هو ڪئين آدمشماري جي عبوري نتيجن کي قبول ڪن، فاروق ستار ته اهو به چيو ته هنن وفاقي سرڪار کي تجويز ڏني ته آبادي بدران ووٽرز جي تعداد جي بنياد تي تڪ بنديون ڪيون وڃن. ان موقعي تي پارلياماني اڳواڻ نويد قمر چيو هو ته سندن جماعت ساڳي موقف تي قائم آهي قومي اسيمبلي ۾ پيش کان اڳ هن ترميم کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کان منظور ڪرايو وڃي.  
قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اوچتو ختم ڪرڻ پارليامينٽ سان مذاق آهي، حڪومت نون تڪبندين جو بل گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ کان ڇو گهٻرائي رهي آهي؟ خورشيد شاهه اهو به چيو ته هو چاهين ٿا چونڊون مقرر وقت تي ٿين، جڏهن ته تڪ بندين ۾ ترميم لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان منظوري آئيني گهرج آهي پر خبر ناهي ڇو حڪومت معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ کان ڇو گهٻرائي رهي آهي؟  ملطب ته هن وقت تائين وفاقي سرڪار ۽ اپوزيشن جماعتن ۾ نين تڪ بندين تي اختلاف برقرار آهن، جيڪڏهن وقت کان اڳ نين تڪ بندين تي وفاقي سرڪار ۽ اپوزيشن جماعتن اتفاق راءِ نه ٿيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه آهي، هاڻ اها اپوزيشن ۽ وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي ته  ان معاملي کي ڪيئن  ٿي حل ڪري،
جيڪڏهن وفاقي سرڪار هن وقت اپوزيشن اڳواڻن جا مطالبا نه مڃيا ته پوءِ نه ته آئين ۾ ترميم  ٿيندي ۽ نه ئي وري نين تڪ بندين تي ڪو صوبو راضي ٿيندو. جيئن ته  نواز ليگ ڪيترن کي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، ان وقت نين تڪ بندين ۽ ائين ۾ ترميم جي منطوري لاءِ اپوزيشن جماعتن سان مشاور ڪرڻ هڪ وڏو چيلينج آهي، جيڪڏهن نواز ليگ  تڪ بندين واري معاملي  کي حل ڪري وڃي ٿي ته پوءِ چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا، ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس ۽ پيراڊائيز ليڪس  کانپوءِ هن ملڪ ۾ ايندڙ چونڊون اڃا  به وڌيڪ سخت  هونديون ۽ پارٽين کي ڏکيائين کي منهن منهن ڏيڻو پوندو.نواز  ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وقت سر چونڊون ڪرائڻ رڳو مسلم ليگ ن جي ذميداري ناهي،  آئين موجب چونڊون نئين آدمشماري تي ئي ٿينديون، جيتري دير ڪنداسين، چونڊن ۾ دير جو بحران ٿيندو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر وفاقي سرڪار پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف کي آئين ۾ ترميم لاءِ ڪيئن  ٿي راضي ڪري.

No comments:

Post a Comment