Pages

Thursday 9 November 2017

ڪراچي ۾ جڙندڙ اتحاد۽ پرويز مشرف جي انٽري

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي سنڌ جو اهو بدنصيب شهر آهي، جتي دهشتگردي، ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين وارداتن سبب شهري هر دور ۾ پريشان رهيا آهن، هي اهو شهر آهي، جنهن کي سنڌ جو راڄڌاني به چيو ويندو آهي پر هن شهر جي اسڪولن ۾ نه ته سنڌي نصاب درست نموني پڙهايو ويندو آهي ۽ نه ئي وري ڌرتي ڌڻين کي تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏنيون وينديون آهن، مطلب ته سنڌي شاگردن لاءِ ڪراچي جي تعليمي ادارن جا دروازا ئي بند ڪيا ويا آهن. ايتري قدر جو ڪراچي جي وسندين کي به ڊاهي پٽ ڪرڻ سنڌ دشمنن جو ئي منصوبو آهي ۽ اهڙي ڪڌي ڪم ۾ سنڌين جي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ ايندڙ  ڪامورا به شامل هوندا آهن، جيڪي  ڪراچي  ۾ سنڌي  وسندين کي ڊاهڻ جو حڪم ڏيندا آهن. ڪڏهن سنڌي وسندين کي غيرقانوني قرار ڊاهيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري بلڊر مافيا قبضو ڪرڻ لاءِ حڪومتي عملدارن کان مدد وٺندو آهي،
هونئن ته هن شهر لکين بنگالي، بهاري، برمي ۽ افغاني رهن ٿا ۽ انهن جا گهر ٺهيل آهن پر انهن جي گهرن کي ڊاهڻ جي نه ته صوبائي حڪومت کي همت  ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو بلڊر مافيا انهن جي گهرن کي ڊاهڻ جي لاءِ پوليس جي مدد وٺندو آهي، پر جتي سنڌي وسنديون آهن، اتي پوليس به سڀ اڳتي هوندي آهي ته حڪومتي عملدار به حڪم جاري ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن.  جڏهن اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حڪومت هئي ته ان وقت به سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جون سازشون ٿينديون هيون ۽ ان وقت جو سٽي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال صرف پنهنجن علائقن ۾ ڪم ڪرائيندو هو پر جتي به سنڌي وسنديون هونديون هيون، انهن ۾ ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نه ٿيندو هو. اڄ به اهڙي حالت آهي، اڳ ۾ ڌاريا سنڌين سان ظلم ڪندا هئا ۽ هاڻ پنهنجا ئي سنڌين کي ڪراچي مان بي دخل جون سازشون ڪري رهيا آهن.
بهرحال هن شهر کي روشنين جو شهر به سڏيو ويندو هو، پر هي شهر اونداهين ۾ ان وقت تبديل  ٿيو، جڏهن هڪ نفرتون پکيڙيندڙ جماعت جنم ورتو ۽ ان جماعت جي اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ فرقيواريت جهيڙا به پکڙيا ۽ اهو سڀ هڪ سازش هيٺ ٿي رهيو آهي ۽ اها سازش اڄ به ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اها تنظيم صرف ان ڪري ئي ٺاهي وئي هئي ته جيڪڏهن ڪو سنڌي حقن لاءِ آواز اٿاري ته ان جي اڳيان هي پارٽي اچي ويندي ۽ سنڌين جو آواز دٻجي ويندو، پر  انهن سازشي عنصرن جي ڀُل هئي، وقتي طور ڪنهن جو آواز دٻائي ته سگهجي ٿو پر سچ کي گهڻي دير تائين لڪائي نٿو سگهجي، ڪڏهن نه ڪڏهن حقيقتون دنيا آڏو اچي وينديون آهن اڄ ڪلهه انٽرنيٽ جو دور آهي ۽ سڄي دنيا جا ملڪ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا آهن، جنهن سبب پل پل جي خبر دنيا کي ملي رهي آهي، ڀلي کڻي ڪيتريون ئي پابنديون لڳايون ڇو وڃن، پر سچ دنيا جي سامهون ضرور اچي ويندو آهي.
بهرحال اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور کان ويندي پيپلزپارٽي جي حڪومت تائين جيڪو به وقت گذريو ان وقت ڪراچي شهر ۾ دهشتگردي، ڀتي خور، ٽارگيٽ ڪلنگ جون وارداتون تمام گهڻيون ٿينديون هيون، ايتري قدر جو  هن شهر ۾ وڪيلن کي زندهه ساڙيو ويو، جڏهن ته ڀتو نه ملڻ تان فيڪٽرين کي باهه به ڏني وئي، پر نامعلوم دهشتگرد اڄ تائين قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه اچي سگهيا آهن، هن شهر ۾ ڪيترائي آپريشن به ٿيا  ۽ جديد دور جا هٿيار هٿ ڪري ميڊيا کي به ڏيکاريا ويا پر افسوس جو انهن هٿيارن جي مالڪن کي گرفتار ڪرڻ  جي ڪا به دعويٰ نه ڪئي وئي ۽ نه وري جن گهرن مان هٿيار هٿ ڪيا ويا، اتان ڪا گرفتاري ظاهر ڪئي وئي.
هونئن ته قانون لاڳو ادارن کي سڀ خبر آهي ته ڪير هن شهر مان ڀتو ورتو ۽ ڪهڙي تنظيم هن شهر کي يرغمال بڻايو پر  انهن  نامعلوم ماڻهن خلاف ڪهڙي ريت ڪو ادارو ڳالهائي سگهجي ٿو. 12 مئي جو واقعو به اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيو، ايتري قدر جو ڪراچي ۾ شهيد بينظير ڀٽي تي آپگهاتي حملو به پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ ئي ٿيو هو پر  افسوس جو ان  واقعي جي جوابدارن کي به هتان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن  حراست ۾ نه ورتو آهي، جنهن سبب هن شهر جيڪو هن وقت امن قائم ٿيو آهي، اهو به گهڻو دير تائين قائم رهندي ڏسڻ ۾ نه اچي رهيو آهي.
ڪراچي مان جيڪي شخصيتون  پرڏيهه فرار ٿي ويون هيون، اهي به هاڻ ڏيهه واپس اچي چڪيون آهن ۽ هن بدنصيب شهر ۾ هڪ نئون اتحاد جڙندي نظر اچي رهيو آهي ۽ اهو اتحاد ان ڪري  جُڙي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن تمام گهڻو ويجهو اچي آهي ۽ ايم ڪيو ايم به ڌڙا بندي جوشڪار ٿي وئي آهي، ان جي ڪري هڪ نئون اتحاد ٺاهيو پيو وڃي، جنهن ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جو اهم ڪردار هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو واحد شخص هو، جنهن پنهنجي حڪومت هڪ سياسي تنظيم کي ڪراچي جو مالڪ بڻائي ڇڏيو هو، مطلب ته انهيءَ اڳوڻي صدر هن شهر کي  هڪ سياسي تنظيم جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي اجازت کانسواءِ هن شهر ۾ ڪو جلسو به نه ڪري سگهندو، جيئن ته هن شهر ۾ هر هڪ اخبار ۽ ٽي وي چينل جي آفيس آهي، جنهن جي ڪري  ان تنظيم کي ميڊيا ڪوريج به تمام گهڻو ملندي هئي ۽ اڄ به ملي رهي آهي.
هاڻ پرويز مشرف چيلهه جي تڪليف سبب دبئي آهي  ۽ ايم ڪيو ايم به لنڊن واري شخص جي بيانن کان پوءِ “ مائنس ون ” فارمولي تي عمل ڪندي اڳتي وڌي رهي آهي ۽  سمورا ڌڙا هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن. اڳوڻي آمر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته مهاجرن جي اتحاد تي کيس تمام گهڻي خوشي آهي، سندس همدردي ايم ڪيو ايم سان نه پر مهاجرن سان آهي، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم پاڻ کي سڄي پاڪستان ۾ بدنام ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو هاڻ ڪو به سياسي مستقبل نظر  نه اچي رهيو آهي،  ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان هڪ منشور، هڪ نشان ۽ هڪ پارٽي جي نالي سان  وڙهنديون. ايم ڪيو ايم سربراهه فاروق ستار ۽  مصطفي ڪمال گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايندڙ چونڊون نئين سڃاڻپ سان  وڙهيون وينديون، گهٽ ۾ گهٽ اهو نالو ايم ڪيو ايم نه هوندو، ڇاڪاڻ ته اها ايم ڪيو ايم الطاف حسين جي هئي، ان جي ئي آهي، ٻنهي اڳواڻڻ اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم جي نالي سان هاڻ هو چونڊ نه وڙهندا ۽ نه ئي وري  مهاجر جي نالي تي سياست نه ڪا سياست ڪندا.
بهرحال هاڻ  ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي وچ ۾  ٿيل اتحاد  مان اهو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو ته اهو اتحاد  گهڻي دير تائين نه هلي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته هاڻ ايم ڪيو ايم مڪمل مائنس ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي ۽  هڪ ٻئي جماعت جي باري ۾ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، ڪجهه  ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي هئي ته پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻئي ڌڙا ختم ٿي ويندا ۽  هڪ ٻيو شخص  اچي جماعت کي سڀناليندو. جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻ حڪومت جو گهڻو دير رهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. جئين ته وفاقي سرڪار ڪراچي کي معاشي حب سڏيندي آهي  ۽ اتي دهشتگردي ۽ ڀتي خور سان ملڪ ترقي نه پر نقصان ئي کائيندو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر پرويز مشرف ڪهڙي نموني انٽري هڻي ڪراچي ۾ اچي سياست جي شروعات ڪري.

No comments:

Post a Comment