Pages

Tuesday 28 November 2017

سنڌ جي ناليواري صحافي ستار ڀٽي جو وڇوڙو

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ڌرتي صوفين جي سرزمين آهي، جتي ڪيترائي انمول ڪردار پيدا ٿيا آهن، جن ڏيهه توڙي پرڏيهه پنهنجي صلاحيتن سبب وڏو نانءُ ڪمايو آهي، ڪافي ڪردار اهڙا به جن پنهنجي سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي،اهڙن ڪردارن  مان ستار ڀٽي به هڪ هو، جنهن پنهنجي لکڻين سان سنڌ جي عوام جا اهنج اعليٰ ايوانن تائين پهچايا، ستار ڀٽي پنهنجي سڄي زندگي صحافت ۾ گذاري، جنهن پنهنجي قلم ذريعي ماروئڙن جا مسئلا بيان ڪري صحافت ۾ هڪ وڏو مقام حاصل ڪيو،
ستار ڀٽي سنڌ جي هر هڪ ٻرندڙ مسئلي کي پنهنجي قلم ذريعي نروار ڪندي صحافتي جنگ وڙهي، آخر ڪار اڀاڳي نومبر جي 14 تاريخ تي اسان سنڌ واسين کان هميشه لاءِ ڏور هليو ويو، جتان هو ڪڏهن به واپس اچي نه سگهندو، سندس وڇوڙي کان پوءِ صحافت ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ستار ڀٽي هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي هدايت ڪندو هو، هو جنهن سان به ملندو هو ته اهو شخص کانئنس ايترو متاثر ٿيندو هو، جو هو ساڻس ٻيهر ملڻ لاءِ اچي ويندو، سنڌ لٽريچر فيسٽيول هجي يا ڪو ٻيو ادابي پروگرام ستار ڀٽي ضرور شرڪت ڪندو هو، کيس ڪتابن سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي، جيڪو به ڪتاب ڏسندو هو، هو خريد ڪري ضرور پڙهندو هو، سندس ادب سان به تمام گهڻو لڳاءُ هو.
ستار ڀٽي جنهن سان به ملندو هو ته وڏي پاٻوهه سان ڀاڪر پائي ملندو هو، ناليواري صحافي ذوالفقار واهوچي سندس لاءِ لکيو آهي ته “ ستار ڀٽي جڏهن به موسيقي جا پروگرام ۽ سيمينار منقعد ڪندو هو تڏهن سنڌين جو چاڪليٽي هيرو سڏبو هو.تمام متحرڪ هوندو هو، پنهنجي ڳالھه  چوڻ ۾ هٻڪ بو نه هو، پ پ پ سان تمام گهڻو ويجهو هو”  جڏهن ته ٻين صحافين به ستار ڀٽي جي وڇوڙي کي سنڌي صحافت ۾ وڏو خال قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهو خال شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. ستار ڀٽي وڏيرن جي ستايلن، مظلومن ۽ ڏتڙيل طبقي جو آواز هو، هو هميشه عوامي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ قلم کي پنهنجو هٿيار بڻائندو هو، سندس لکڻين کي تمام گهڻو پڙهيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس لکڻين ۾ سنڌ جو درد سمايل هوندو هو، اڄ  هو جسماني طور تي اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس لکڻين ۾ سنڌ واسين جي لاءِ درد  محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ستار ڀٽي غريبن جو غم خوار ۽ مسڪينن جو بي يار و مددگار هو، جيڪو ڪنهن به ماڻهو کي پريشان ڏسندو هو ته هو ان کان حال احوال ضرور وٺندو هو،
ستار ڀٽي  ٿورڙي ئي عرصي ۾ صحافت ۾ وڏو نانءُ ڪمايو هو،  جنهن مظلومن ۽ مسڪينن جي ڏکن، سورن ۽ اهنجن  کي پنهنجي مٿان بار سمجهندو هو، جنهن کي لاهڻ لاءِ قلم جو سهارو وٺندو هو ۽ هر هڪ مسئلي کي پنهنجي قلم ذريعي سمورن مسئلن کي ايوانن  تائين پهچائيندو هو. ستار ڀٽي جي لکڻين ماروئڙن، جهانگيڙن، مسڪينن ۽ غريبن  جو درد شامل هوندو هو، جنهن کي پڙهي اهو محسوس ٿيندو هو  ته اهو ڪنهن مسڪين، غريب ۽مظلوم جو درد نه پر سندس ذاتي درد آهي. اڄ جي دور ۾ شايد ئي ڪو اهڙو صحافي هجي جنهن پنهنجي لکڻين ۾ غريبن، مسڪينن جو درد بيان ڪيو هجي.
ستار ڀٽي سنڌ جو واحد صحافي هو، جنهن پنهنجي قلم ذريعي غريبن، مسڪينن لاءِ جهاد ڪيو، جيڪو شايد ئي ڪو ڪري سگهي.  ستار ڀٽي جڏهن به لکندو هو ته سندس لکڻين ۾ ڀٽ شاهه جي ديس جي خوشبو ايندي هئي، سندس لکڻين کي پڙهي ايئن محسوس ٿيندو هو، جيئن ٿر ۾ برسات پئي هجي ۽ ماروئڙا خوش ٿيا هجن. هونئن ته سڄي سنڌ ۾ڪيترائي صحافي آهن، جيڪي  سنڌ جا تمام وڏا صحافي ۽ ليکڪ سڏيا ويندا آهن پر ستار ڀٽي جي لکڻيون صرف ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ هونديون هيون. سنڌ جا ماڻهو سندس ڪتاب ايئن پڙهندا آهن جيئن ڪو اڃايل ماڻهو پاڻي کي پيندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ستار ڀٽي جڏهن به قلم کنيو، حق ۽ سچ لاءِ کنيو، هن قلم ڪڏهن به ڪنهن مظلوم ۽ غريب ماڻهو خلاف نه کنيو، هميشه پنهنجي قلم سان غريبن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس قلم هميشه حق ۽ سچ کي بيان ڪيو.
ستار ڀٽي سنڌ جي قلم ڌڻين مان هڪ وڏو قلمڪار هو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جو هڪ سچو سپاهي هو، هن قلم کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ لاءِ کنيو، جنهن پنهنجي ذات ذريعي جهر جهنگ جي ڏکن کي پنهنجن لکڻين ذريعي دنيا تائين پهچايو، هو ڪڏهن به ڪنهن وڏيري ۽ ڀوتار جي حمايت ۾ نه لکيو، هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي هليو ۽ ٻين کي به حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي هدايت ڪئي. سندس سوچ ۽ فڪر ۾ ماروئڙن جا درد شامل  هوندو هو. هن پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ جي ننڍي وڏي مسئلي لاءِ آواز اٿاريو  ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي کنيو هو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن نفسا نفسي جي دور ۾ جتي هر هڪ ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر سفر ڪرڻ  کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي پر ستار ڀٽي اهو واحد شخص هو ، جنهن پنهنجي ذات کان ڪنهن به شخص کي ڪا به تڪليف نه پهچائي هئي،
ناليواري صحافي ستار ڀٽي کي جيڪڏهن سنڌ جو ليجنڊ قرار ڏنو وڃي ته اهو به سندس شان ۾ تمام گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جو اهو هيرو هو جيڪو تمام گهڻو انمول هو، ستار ڀٽي جهڙيون شخصيتون صدين ۾ جنم وٺنديون آهن، 14 نومبر 2017 ع واري ڏنهن اسان سڀني سنڌين کان وڇڙي ويل ستار ڀٽي سنڌ جو هڪ اثاثو  هو، جيڪو اسان کان هميشه لاءِ کسجي ويو آهي، هو سنڌ جي لاءِ هڪ صدي جو خال ڇڏي هو، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته ستار ڀٽي ظلم ۽ بربريت جي انتهاهجي يا ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل هجن، هو انهن مسڪينن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو هو.  ستار ڀٽي پنهنجي لکڻين ۾ ان وقت به سنڌ جي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن لاءِ لکيو  جڏهن حق ۽ سچ لکڻ تمام وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو هو.هو هميشه  سڀني کي جيئڻ ۽ ٻين کي جيئارڻ جو درس ڏيندو هو. هن  بناڪنهن خوف جي سنڌ جي غريب ماڻهن جي لاءِ لکيو ۽ سنڌ جي هڪ سچي سپوت هجڻ جو ثبوت ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي سندس وڇوڙي تي سوڳ ۾ ورتل ۾ آهي.
ستار ڀٽي جيڪي به خدمتون ڪيون آهن، کييس تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ سان ٿڃ  نڀائي ۽ سنڌ جي ماروئڙن جي حقن لاءِ  وڙهيو. ستار ڀٽي ڪيترائي ڪتاب به لکيا، هو سنڌ جي انهن قلمڪارن مان هو، جيڪي صرف سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ جيئندا آهن، هن هميشه حق ۽ سچ جي لاءِ قلم کي کنيو ۽ ٻين کي به ان راهه تي هلڻ جي هدايت ڪئي. ستار ڀٽي پورٽ قاسم ۾ ڪم ڪندو هو ريٽائرمنٽ کان پوءِ هو گهر ۾ موجود هو پر ان باوجود هو هميشه سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ قلم ذريعي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصفين کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ  لکندو هو، جيتوڻيڪ اڄ هو اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي پر سندس سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.


No comments:

Post a Comment