صاحب خان ڀٽي
برطانيا ۾ بريگزٽ معاهدي تي تمام گهڻو بحث هلي رهيو آهي، برطانوي عوام به سال 2016ع ۾ ريفرنڊم ذريعي
2019ع مارچ ۾ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڏئي چڪو آهي، پر يورپي يونين طرفان
معاهدي تي منظوري باوجود ٿريسامي طرفان بريگزٽ معاهدي تي اڃا تائين ڪو حتمي
فيصلونه ڪيو ويو آهي پر عوام پنهنجي راءِ ڏئي چڪو آهي،
ريفرنڊم کانپوءِ برطانيه کي 29 مارچ 2019ع تي طئه ٿيل تاريخ تي يورپي يونين مان
نڪرڻو آهي. جنهن سبب برطانيا لاءِ اها
تاريخ هڪ امتحان کان گهٽ نه آهي، 11 ڊسمبر تي برطانوي پارليامنٽ ۾ بريگزٽ معاهدي
تي ووٽنگ ٿيڻي هئي پر برطانوي وزيراعظم ٿريسامي ووٽنگ ملتوي ڪري ڇڏي هئي، جنهن تي
تمام گهڻو بحث ٿيو هو،
برطانوي وزيراعظم اعتراف ڪيو هو ته جيڪڏهن ووٽنگ
ڪئي وڃي ها ته معاهدو وڏي اڪثريت سان رد ڪيو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته برطانيا جو عوام
بريگزٽ معاهدي تي اڳ ئي پنهنجو فيصلو ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن ٻيهر ووٽنگ ڪرائي به وئي
ته ساڳو ئي نتيجو نڪرندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته بريگزٽ معاهدي کانپوءِ مهانگائي جو
طوفان ايندو يا وري برطانيا وڌيڪ
ترقي ڪندو؟ هاڻ اهو ته وقت ٻڌائيندو؟ جيئن ته برطانيا يورپي يونين جو هڪ ميمبر
آهي، يورپي يونين يورپ کنڊ جي 28 ملڪن جو هڪ اتحاد آهي، جن مان 18 ملڪن جي ڪرنسي
يورو آهي.يورپي يونين ۾آرمينيا، آسٽريا، آذر بائيجان، بيلاروس، بليجيئم، بوسينا
هرزيگووينا، بلغاريا، ڪروئيشا، قبرص، چيڪ، ڊينمارڪ، استونيا، فن لينڊ، فرانس،
جارجيا، جرمني، يونان، مجارستان، آئس لينڊ، جمهوريا آئرلينڊ، قازقستان، لٽويا،
ليئچينستائن، لٿووينا سميت 28 ملڪ شامل آهن. برطانوي حڪمران پارٽي جا ڪيترائي ميمبر
معاهدي جي مخالفت ڪري رهيا آهن جڏهن ته برطانوي وزيراعظم ٿريسامي يورپي يونين مان
نڪرڻ وارو عمل شروع ڪرڻ لاءِ خط تي اڳ ئي صحيح ڪري ڇڏي آهي.
جرمن چانسلر انجيلا مرڪل چيو آهي ته يورپي يونين
مان برطانيا جي نڪرڻ واري معاهدي تي اڃا بحث جي ضرورت آهي. جئين ته ناردرن آئر
لينڊ، اسڪاٽ لينڊ، انگلينڊ ۽ ويلس گڏجي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ٺهندو آهي ۽ سڀني جو هڪ
وزيراعظم هوندو آهي، جڏهن ته يورپي يونين ۾ شامل 28 ملڪن ۾ هڪ واپار جو معاهدو ڪيو ويو آهي ته جئين
مستقبل ۾ ڪا جنگ نه ٿئي، يورپي يونين جي اهم
خاصيت اها آهي ته اهي سمورا ملڪ سولائي سان ڪاروبار ڪري سگهن ٿا ۽ يورپي يونين ۾ شامل ملڪن جا ماڻهو ڪٿي به وڃي ڪاروبار ڪري سگهن ٿا ۽ رهي سگهن ٿا،
انهن سمورن ملڪن جي وچ ۾ موجود ٻه ملڪ هن وقت تائين يورپي يونين ۾ شامل نه ٿيا
آهن،جڏهن ته ڪجهه ملڪ هن وقت تائين خواهشمند آهن.
جئين ته ناروي يورپي يونين ملڪن جو حصو نه آهي،
جڏهن ته سوئزرلينڊ به يورپي يونين جو حصو نه بڻجي سگهيا آهن، يوڪرين ۽ رشيا به به
يورپي يونين ۾ شامل نه ٿيا آهن. انگلينڊ 1973ع ۾ يورپي يونين ۾ شامل ٿيو، جڏهن ته 1975 ۾ ريفرنڊم
ٿيو، جنهن دوران 68 سيڪڙو ماڻهن يورپي يونين ۾ رهڻ جي حق ۾ ووٽ
ڏنو. ڪجهه ماڻهن جو خيالن آهي
ته يورپي يونين مان ڪيترن ئي سالن کان ڌار ٿيڻ جي لاءِ جدوجهد هلي رهي آهي، ان جو
سڀ کان ڪارڻ اهو آهي ته يورپي
يونين يو ڪي کان بلين چارجز هر
سال ميمبر ملڪن کان وصول ڪندو آهي، بدلي کيس 7 بلين يورو واپس ملندا آهن،
يونائيٽيڊ ڪنگڊم پاران ٻيو هڪ سبب اهو به ٻڌايو ويو ته يورپي يونين يونائيٽيڊ ڪنگڊم کي پوئتي ڍڪي رهي آهي، جنهن سبب يونائيٽيڊ ڪنگ ڊم ترقي نه پيو ڪري سگهي.
جڏهن ته يونائيٽيڊ ڪنگ ڊم جي چئني طرفن کان پاڻي آهي ۽ اتي تمام گهڻي مڇي ماري ويندي آهي ۽ مڇي مارڻ بابت يورپي يونين
پنهنجا شرط رکندي آهي.
يونائيٽيڊ ڪنگ ڊم جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته يورپي يونين جي پارليامينٽ پنهنجا قانون يونائيٽيڊ ڪنگ ڊم تي لاڳو ڪندي
آهي، جنهن سبب کين تمام گهڻو ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هڪ ٻيو مسئلو
اميگريشن جو آهي، جنهن سبب يونائيٽيڊ ڪنگ ڊم کي ان تي به اعتراض آهي، جيڪڏهن برٽن ڌار ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو به سنگاپور جيان
پاڻ کي سپر چارجد اڪانومي بڻائي سگهي ٿو. جئين ته برطانوي وزيراعظم ٿريسامي يورپي
يونين کان ڌار ٿيڻ واري معاهدي تي پارليامينٽ ۾ يقيني شڪت کي ڏسندي هڪ ڀيرو ووٽنگ
ملتوي به ڪئي هئي، جنهن سبب سندس لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا ٿي ويون هيون.
هونئن به برطانوي شهرين وزيراعظم ٿريسامي جي بريگزٽ معاهدي خلاف سخت احتجاج ڪري چڪا
آهن، جڏهن ته حڪومت خلاف سخت نعريبازي به ڪري چڪا آهن.برطانيا جي سيڪيورٽي واري
وزير چيو هو ته بريگزٽ معادي
نه ٿيڻ برطانيا ۽ يورپي يونين جي سيڪيورٽي لاڳاپا اثر انداز ٿيندا، جڏهن ته عوام
جي حفاظت کي به نقصان رسندو. اڳوڻي برطانوي وزيراعظم جان ميجر ٽوبي بليئر طرفان
چيو ويو ته جيڪڏهن ايم پيز معاهدي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ راضي نٿا ٿين ته پوءِ ٻيهر
ريفرنڊم ڪرايو، جڏهن ته ٿريسامي کيس جواب ڏيندي چيو ته ٻيهر ريفرنڊم اسان جي سياست
کي ناقابل برداشت نقصان پهچائيندو ۽ اڳتي وڌڻ جو ڪو به ٻيو رستو نه بچندو.
جيئن ته هاڻ تمام ٿورو وقت بچيو آهي ۽ 11 مارچ تي
برطانوي حڪومت کي ڪو نه ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو؟ پر هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته وزيراعظم
ٿريسامي بريگزٽ معاهدي جي حق ۾ آهي، جنهن سبب ووٽنگ ملتوي ڪرائڻ کان ويندي مختلف
حربا استعمال ڪري رهي آهي، جئين جيئن وقت ويجهو اچي رهيو آهي حڪومتي پارٽي ۽
اپوزيشن پاران بريگزٽ معاهدي تي تمام گهڻو بحث ٿي رهي آهي، جڏهن ته آمريڪي ۽
برطانوي اختياريون بريگزٽ کان پوءِ ٻه طرفي آزاد واپاري معاهدي لاءِ ڳالهين ۾
مصروف آهن.
بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته بريگزٽ معاهدي کانپوءِ
برطانيا کي فائدو ٿيندو يا نقصان ٿيندو؟ ان بابت ته هاڻ وقت ٻڌائيندو ؟ پر ڪجهه اهڙا ملڪ به آهن، جيڪي يورپي يورنين ۾
شامل ٿيڻ جا خواهشمند آهن پر هاڻ لڳي رهيو آهي ته يورپي يونين ۾ ٽٽڻ شروع ڪري ڇڏيو
آهي، يورپي يونين ۾ شامل 28 ملڪ به پنهنجي اڪنامي ۽ پنهنجا پنهنجا قانون لاڳو ڪرڻ
لاءِ سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،جنهن جي شروعات برٽن مان ٿي چڪي اهي، ان کان علاوه
ٻيا کوڙ سارا ملڪ به اڳتي هلي يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرائي سگهن
ٿا، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته يورپي يونين لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون پيدا ٿي وينديون،
جئين ته ڪجهه ملڪ اهو چئي رهيا آهن ته ميمبرشپ جي مد کين تمام گهڻو معاوضو ڏيڻو
پئجي رهيو آهي، جيئن ته هن وقت اهي ملڪ سڀ هڪ آهن ۽ انهن ملڪن ۾ ڪنهن به سيڪيورٽي
جي خراب صورتحال نه ٿي آهي ۽ نه ئي وري انهن ملڪن وچ ۾ ڪا سرحدي ڇڪتاڻ ٿي آهي.
No comments:
Post a Comment