صاحب خان ڀٽي
وفاقي حڪومت 23 جنوري تي
مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ ٻيو مهانگائي جو
طوفان اچڻ وارو آهي، حڪومت مني بجيٽ کان اڳ ئي دوائون به مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن،
ان کان علاوه بجلي ۽ گيس جا اگهه به واڌيا ويا آهن، جنهن سبب عوام تي مهانگائي جو
طوفان ۾ ڦيريون کائي رهيو آهي ۽ عوام چڪرائجي ٽڪرائجي ويو آهي ۽ حڪومت انهن چڪرن
کي عوام جي خوشي سمجهي رهيو آهي ۽ جيڪي ماڻهو بي گهر بي روزگار ٿي رهيا آهن، اهي
اپوزيشن ڏي نهاري رهيا آهن، پر ان باوجود
اپوزيشن خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ حڪومت کي ڪو ٽف ٽائيم ڏيڻ بدران پنهنجي جند آجي
ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
بدقسمتي سان حڪمرانن جي
شاهي خرچن جي ڪري ملڪ جو عوام ڏينهون ڏينهن قرضي بڻجندو پيو وڃي پر ڪنهن کي به ملڪ
جو قرض لاهڻ لاءِ ڪڏهن به خيال نه آيو آهي، جڏهن ڪا سياسي پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ته رڳو قرض وٺڻ جون ڳالهيون
ٿينديون آهن ۽ اهو چيو ويندو آهي ته ملڪ جو
خزانو خالي آهي، جنهن سبب ملڪ کي هلائڻ لاءِ قرض کڻڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهڙي قسم
جملا اسان هر ڀيري ٻڌندا آيا آهيون ۽ هاڻ
به ٻڌي رهيا آهيون، جڏهن کان تحريڪ انصاف حڪومت آئي، تنهن ڏينهن کان حڪومت رڳو
اجلاس ڪوٺائي رهي آهي ۽ انهن اجلاسن ۾ رڳو قرض کڻڻ ۽ عوام مٿان نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ
لاءِ مشاورت ڪئي ويندي.
جيڪڏهن وزيرن کي ٿورو وقت
ملندو آهي ته پوءِ وري سياستدانن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويندا
آهن ۽ جڏهن عدالتي حڪم ٿيندو آهي ته وري ڪو اجلاس ڪوٺائي اهي نالا ٻاهر ڪڍڻ لاءِ
مشاورت ڪئي ويندي آهي پر هن وقت تائين اسان اهڙو ڪو به اجلاس نه ٻڌو آهي، جنهن ۾
عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا وڃن، حڪمران جماعت چئي رهي آهي ته هنن
انهن ماڻهن کي رهڻ لاءِ اجها ڏنا آهن، جيڪي اڳ روڊن رستن تي زندگي گهاري رهيا هئا
پر حقيقت ۾ هن حڪومت اهي ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، جيڪي ڪچن گهرن ۾ پنهنجي سڪون
واري زندگي گهاري ڪري رهيا هئا، انهن جا اجها ڊاهي انهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال
ڪيو ويو آهي، دادو ۾ حددخليون ڄاڻائي جيڪي گهر ڊاهيا ويا، اهو به سڀني جي سامهون
آهي.
اهڙي قسم جي
قدمن سان ڪيترن غريبن جون جانيون زيان
ٿي چڪيون آهن، ان کان حڪومت به بي خبر آهي پر ان تي نه ته اپوزيشن ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي وري حڪومت جو ڪو ميمبر
عوام کان اجهو ڦرڻ بابت ڪو بيان ڏئي رهيو آهي، هن حڪومت جهڙي طريقي سان ماڻهو بي
روزگار ٿي رهيا آهن، ان حقيقت کان به سڀ واقف آهن، ايتري قدر جو صحافتي ادارا به
هن حڪومت ۾ بحران کان بچي نه سگهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿي گهر ڀيڙو ٿيا
آهن پر ان باوجود اپوزيشن اهڙي حساس معاملي تي ڪو به آواز اٿاري نه سگهي آهي.
اپوزيشن رڳو اهو چئي رهي
آهي ته هو هن حڪومت کي هلڻ ڏيڻ چاهين ٿا ۽ انهن جو حڪومت کي ڪيرائڻ جو ڪو به ارادو
نه آهي، نه ئي وري اپوزيشن ميمبر عوام تي ٿيندڙ ظلم بابت ڪو بيان ڏئي رهيا آهن، جن
ماڻهن سياستدانن کي ووٽ ڏنو،
اڄ اهي سياستدان پاڻ کي بچائڻ لاءِ وڏا وڏا جلسا
ڪري ڀڙڪيون رهيا آهن۽ اهو چئي رهيا آهن، جيڪڏهن انتقامي ڪارروايون بند نه ٿيون ته
حالتون سندن هٿن مان نڪري وينديون پر ڪنهن به سياستدان اهو ناهي چيو ته عوام جا
گهر نه ڊاهيو، تحريڪ هلائينداسين، نه ئي ڪنهن سياستدان اهو چيو آهي ته مهانگائي تي ضابطو نه آيو ته حڪومت
خلاف لانگ مارچ ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان جو سڀ کان وڏو سبب اپوزيشن ميمبرن
تي هلندڙ ڪيس آهن، جيڪڏهن ڪنهن جو سخت بيان سامهون اچي ٿو ته پوءِ سياستدان وري
ميڊيا تي نظر نه ٿو اچي، اهي وري ڪيسن کي منهن ڏيڻ لڳي ٿو، اڃا به نيب جون ڪارروايون جاري آهن ۽ لڳي ٿو ته اڃا به
ڪجهه سياسي اپوزيشن پارٽين خلاف جاچ رهيل آهي ۽ نيب طرفان چيو ويو آهي ته هو
پاڪستان کي ڪرپشن فري بڻائڻ چاهين ٿا.
بهرحال ڪرپشن خلاف جڏهن
کان جاچ شروع ٿي آهي، سياستدانن کان ته عوام بلڪل وسري ويو آهي، هر طرف حڪمران
جماعت جا ميمبر هجن يا اپوزيشن ميمبر هجن، رڳو هڪ ٻئي خلاف ڳالهائيندي نظر اچي رهيا
آهن، اڳ ۾ جيڪڏهن حڪومت ڪو عوام خلاف فيصلو ڪندي هئي ته عوام جي قيادت لاءِ ڪا نه
ڪا سياسي پارٽي سامهون ايندي هئي پر هاڻ سياسي پارٽيون پنهنجي خلاف ڪارروائي روڪڻ
لاءِ عوام کي آڏو ڪري رهيون آهن، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان رڳو عوام ئي پسجي رهيو
آهي، جنهن سبب اسان جي اپوزيشن کي ايتري گذارش هوندي ته اوهان پنهنجي جان نيب کان
ڀلي ڇڏايو پر اڳ ۾ ٿورو عوام جو به سوچيو، هن حڪومت ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌي رهي
آهي ۽ بيروزگاري به وڌي وئي آهي پر ان باوجود حڪومت ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ئي
نه آهي ۽ چيو پيو وڃي ته سندن حڪومت ۾ ملڪ ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي پر جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته اڄ ملڪ جي اها حالت آهي جو بلڊرز ۽ سيڙپڪار به احتجاج ڪري رهيا آهن ۽
واپارين ۾ به بي چيني پکڙجي وئي آهي.
اڳ جڏهن تحريڪ انصاف
اقتدار ۾ نه هئي ته ان وقت عمران خان چيو هو ته هو آپگهات ڪرڻ پسند
ڪندا
پر قرض نه وٺندا پر اڄ ڪلهه حڪومت قرضن لاءِ هر ملڪ جو دورو ڪري رهيو آهي، چين جو
دورو، ملائيشيا جو دورو، دبئي جو دورو ۽ سعودي جو دورو به ڪيو ۽ ان سان گڏ آءِ ايم
ايف کان به قرض ورتو پيو وڃي، وزيراعطم
عمران خان جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کان اهڙين شرطن تي قرض نه وٺنداسين جن سان
عوام تي وزن پوي ڇو ته آءِ ايم ايف جي شرطن کان عام ماڻهو به متاثر ٿئي ٿو.مطلب ته
وزيراعظم پاڻ تسليم ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف جو قرض وٺڻ سان عوام ئي متاثر ٿيندو،
ڇاڪاڻ ته جيڪو قرض ڏيندو آهي ۽ اهو وٺڻ به ڏياريندو آهي، جيڪڏهن اسان جا حڪمران
قرض جي قسط نه ڀري سگهيا ته پوءِ ضرور ڪي اهڙا شرط مڃيا ويندا، جيڪي هن ملڪ جي
عوام لاءِ بهتر نه هوندا ۽ ان سان عوام وڌيڪ مهانگائي جي گهاڙي ۾ پيڙهجي ويندو.
ناڻي واري وفاقي وزير اسد
عمر چيو آهي ته رڳو آءِ ايم ايف تي نٿا ڀاڙيون، جيڪڏهن پيڪيج نه مليو ته متبادل
انتظام ڪري ڇڏيو آهي. معاشي ترقي لاءِ اهم فيصلا ڪري رهيا آهيون، ادائيگين ۽ ناڻي
جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ گيپ پورو ڪري ورتو آهي، اسان جو سڄو دارومدار آءِ ايم ايف
تي ناهي، آءِ ايم ايف معيشت ۾ بهتري لاءِ رڳو هڪ آپشن آهي، آءِ ايم ايف ڪو غير
معاشي شرط ناهي رکيو، ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش
ڪئي ويندي، جڏهن ته ٽيڪسن بابت هر قسم جي تبديلي پارليامينٽ جي منظوري سان ڪئي
ويندي، جڏهن ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ ئي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف کي
پارٽي اندر سخت مزاحمت ۽ مخالفت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
بهرحال حڪومت جيڪڏهن ڳرن
شرطن تي آءِ ايم ايف کان قرض کنيو ته هن
ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ اهڙو طوفان ايندو، جيڪو حڪمرانن کي به پاڻ سان گڏ کڻي ويندو ۽ اهو قرض لاهڻ ملڪ لاءِ
تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو، هونئن به اسان اڳ ئي وزيراعظم عمران خان چئي ڇڏيو آهي ته اسان کي قرض جي قسط ادا ڪرڻ لاءِ
به قرض وٺي رهيا آهيون، جڏهن ملڪ ايترو قرض
آهي ۽ خزانو خالي آهي ته پوءِ قرض وٺڻ آپگهات ڪرڻ جي برابر ئي هوندو، ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن ڪنهن به شخص تي قرض چڙهيل هوندو آهي
ته ان کي ڪو ٻيو قرض نه ڏيندو آهي
پر آءِ ايم ايف هر ڀيري پاڪستان کي قرض ڏئي رهيو آهي ته ان جو مطلب صاف آهي ته ملڪ خلاف عالمي سطح تي سازش ٿي رهي آهي.
جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته آءِ ايم ايف قرض مٿان
قرض نه ڏئي ها، هاڻ جڏهن آءِ ايم ايف قرض ڏئي رهيو آهي ته ان جو به صاف مطلب آهي
ته آءِ ايم ايف قرض ڏئي پنهنجا ڳرا شرط مڃرائيندو ۽ ان ۾ رڳو
نقصان عوام جو ئي ٿيندو. ڪجهه ڏينهن اڳ اهي خبرون نشر ٿيون هيون ته پاڪستان ڪجهه
شرط مڃي ورتا آهن ۽ آءِ ايم ايف به پاڪستان جا ڪجهه شرط مڃي ورتا آهن پر هاڻ
وري مني بجيٽ پيش ٿيڻ واري آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان ملڪ ۾ اچڻ وارو آهي، اهو مني بجيٽ کان پوءِ ايندو.
اسان جي ته حڪمرانن کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته مني بجيٽ ۾ عوام کي رليف فراهم ڪيو
وڃي، نه ڪي عوام تي ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز لڳائي عوام کان جيئڻ جو حق ئي کسيو وڃي.
No comments:
Post a Comment