صاحب خان ڀٽي
ڪراچي سنڌ جو اهو بدنصيب شهر آهي، جنهن تي قبضي جي
ڪوشش گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جاري آهي،
اهو ئي سبب آهي جو غير ملڪي ڪراچي اچي آباد ٿيندا آهن ۽ اهي وري حڪومت اچي
ڪراچي شهر جو امن تباهه ڪندا آهن، پر جڏهن نواز ليگ جي حڪومت قائم ٿي ته ان وقت
ڪراچي ۾ دهشتگردن جو ڪراچي اندر راڄ هيو ۽ واپاري توڙي عام شهري تمام گهڻو پريشان هوندا هئا پر نواز ليگ اقتدار
۾ اچي ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو، پر اڄ
جڏهن نوازليگ اقتدار ۾ ناهي رهي ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد سرگرم ٿيندي نظر
اچي رهيا آهن.
جڏهن نواز ليگ جي حڪومت هئي ته ان وقت ڀتي خوري ۽
ٽارگيٽ ڪلنگ وارا واقعا ختم ٿي ويا هئا ۽
دهشتگردن جو پاڇو هن شهر تان هميشه لاءِ ختم ٿيندي نظر اچي رهيو پر افسوس جو ايئن
نه ٿيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد ڪراچي ۾ سرگرم ٿي ويا آهن ۽ نواز ليگ اڳواڻ محمد
زبير تي حملو ڪيو پر هو معجزاڻي طور بچي، ان کان اڳ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ علي رضا عابدي کي
قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جي جاچ هن وقت تائين هلندڙ آهي، جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ اورنگي
ٽائون جي علائقي طوري بنگش جو رهواسي ۽ يوسي 26 جو ڪائونسلر انيس صديقي پنهنجي گهر
۾ موجود هو جو اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار جوابدار گهر ۾ داخل ٿيا ۽ کيس گولي هڻي
فرار ٿي ويا. انيس صديقي کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته جو رستي تي ئي فوت ٿي
ويو. اهڙن واقعن کان پوءِ ڪراچي جي شهرين
۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.
جيتوڻيڪ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جي سيڪيورٽي
وڌائي وئي آهي پر اهو مسئلو جو حل نه آهي،
مسئلي جو اهو آهي ته آخر دهشتگردن جي پاڙ ڪيئن پٽي ويندي؟ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف
به جيل ۾ ويهي بيان ڏيندي چيو آهي ته جڏهن سندن حڪومت هئي ته ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو
هو پر هاڻ دهشتگرد ٻرن مان ٻاهر نڪري رهيا
آهن، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته نواز ليگ جي حڪومت جيڪو ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو،
اهو امن ڪا به پارٽي قائم نه ڪرائي سگهي
هئي ۽ نه هڪ آمر ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ ۾ ڪامياب
ٿيو هو، اهو ئي سبب هو جو ڪراچي ۾
دهشتگردن ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ وارن
واقعن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن
دهشتگردن جي ڪري ڪراچي جو امن تباهه ٿيو ۽
ڪاروبار تباهه ٿي ويو ۽ ڪراچي ۾ ڪو به سيڙپڪاري لاءِ تيار نه هو پر جڏهن
نواز ليگ جي حڪومت قائم ٿي ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن ٿيو ته رات جي وقت به دهشتگرد ڀڄندي نظر ايندا هئا، ايتري قدر جو انهن علائقن
۾ به پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا داخل ٿيا،
جتي دهشتگردن جو ڳڙهه هوندو هو ۽ انهن
علائقن ۾ اهي دهشتگرد ڪنهن کي اچڻ جي اجازت به ڏيندا هئا پر اهي سموريون حالتون
آپريشن جي ڪري ئي سامهون آيون پر هاڻ الائي ڇو خبر نه ٿي پئي ته آپريشن ته سڄي ملڪ
۾ هلي رهيو آهي پر ان باوجود ڪراچي ۾ دهشتگرد وڏن وڏن سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻائي
رهيا آهن پر ان باوجود ڪنهن به جوابدار کي
گرفتار نه ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته شهرين جيڪا بيچيني پيدا ٿي رهي
آهي اها حڪومت پاران وقت سر قدم نه کڻڻ سب ئي آهي، جيڪڏهن حڪومت دهشتگردن جو پاڙ کان خاتمو ڪري ها ته اڄ ڪراچي ۾
دهشتگردن جو راڄ ختم ٿي چڪو هجي ها پر افسوس جو اهو ٿيندي نظر نه پيو اچي. جيڪڏهن
مڪمل طور ڪراچي اندر آپريشن ٿئي ها ۽ سياسي دٻاءُ نه ورتو وڃي ها ته اڄ شهر اندر
اهڙيون حالتون ڪڏهن به پيدا نه ٿين ها. ان جي ذميوار اسان جي حڪومت به آهي، جيڪڏهن
ڪراچي ۾ آپريشن جاري هجي ها ته اڄ دهشتگرد اهڙيون وارداتون ڪرڻ جي همت نه ڪن ها،
ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي رضا عابدي جي قتل جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به منظر تي آيا پر
هن وقت تائين اهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته قاتلن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويو آهي يا
نه؟
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نواز ليگ جي دور ۾ ڪراچي آپريشن
کان اڳ هتي اهڙيون حالتون هيون جو پوليس اهلڪارن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آڏو
ئي هڪ سياسي جماعت جا ڪارڪن ماڻهن کي کنڀي کڻي وڃي جلسي ۾ ويهاريندا هئا ۽ انهن کي
ڪو به چوڻ وارو نه هوندو هو ۽ ايئن لڳي رهيو هوندو هو ته هن شهر ۾ سڪيورٽي ادارن
جي رٽ قائم نه آهي
بهرحال هن وقت ڪراچي ۾ ٻيهر دهشتگردن جي سرگرم ٿيڻ
سان سياسي اڳواڻ نشاني تي اچي ويا آهن ۽
شهر ۾ خوف واري فضا قائم ٿي وئي آهي، جنهن لاءِ حڪومت کي گهرجي ته جلد کان
جلد قدم کڻي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي
No comments:
Post a Comment