صاحب خان ڀٽي
اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه ئي اهڙا جج
آهن، جن پنهنجو وڏو نانءُ ڪمايو آهي، انهن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري ۽ جسٽس
ميان ثاقب نثار جو نالو سرفهرست ۾ شامل آهي، اهي ٻئي اعليٰ عدالت جا جج پنهنجن
فيصلن ۽ سو موٽو جي ڪري ڇانيل رهيا، سندن ريمارڪس اخبارن جي زينت بڻجي ويندا آهن، ڪڏهن
ليڊ ته ڪڏهن سپر ليڊ بڻجي ويندا هئا. اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران نوازشريف جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو هو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز
شريف کي جيل جي ياترا ڪرڻي پئي هئي ٻيو
دور جيڪو اڄ ڪلهه هلي رهيوآهي، ان ۾ به نوازشريف کي ٻه ڀير جيل جي ياترا ڪرڻي پئي
۽ هاڻ به هو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي، جڏهن ته اڃا به به ڪيترن ئي اڳواڻن
تي جيل جي ياترا لاءِ تلوار لٽڪيل
آهي،.
جڏهن پرويز مشرف نواز ليگ کي اقتدار
مان هٽايو ته هن 12 ڊسمبر 1948ع تي
جنم وٺندڙ رٽائرڊ جسٽس افتخار محمد چوڌري کي 7 مئي 2005ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان
جو چيف جسٽس مقرر ڪيوڪيو هو. جنوري 2000ع ۾ جسٽس چوڌري تڏهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪم
ڪندڙ ججن مان پهريون جج هو، جنهن جنرل مشرف جي ڏنل پي سي او تحت قسم کنيو هو، جڏهن
ته ان وقت سپريم ڪورٽ جي 11 ججن پي سي او تحت قسم کڻڻ کان انڪار ڪندي استعيفائون ڏنيون
هيون. 13 اپريل 2005ع تي سترهين ترميم ۽ صدر مشرف جي يونيفارم واري ڪيس ۾ جسٽس
افتخار محمد چوڌري انهن پنجن ججن مان هڪ هو، جن جنرل مشرف جي فوجي حڪومت کي جائز ۽
قانوني قرار ڏنو هو ۽ پرويز مشرف کي ٻه عهدا رکڻ واري ڪيس جي به ٻڌڻي ڪئي هئي، جڏهن
ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف 9 مئي 2007ع تي افتخار چوڌري کي معطل ڪيو هو، جنهن کان
پوءِ ملڪ ۾ هڪ وڏي تحريڪ جنم ورتو، جنهن
جي مختلف سياسي پارٽين حمايت ڪندي حصو ورتو، جنهن بعد سنڌ سان واسطو رکندڙ
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس راڻا ڀڳوانداس کي قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو ،
انهيءَ وڪيلن جي تحريڪ کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾پذيرائي ملي، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس
افتخار محمد چوڌري استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پر نيٺ 20 جولاءِ 2007ع تي کيس
سپريم ڪورٽ بحال ڪيو ويو هو.
.جيئن ته جسٽس ميان ثاقب نثار به رٽائرڊ ٿي ويو آهي ۽
نئين چيف جسٽس آصف سعيد کوسا پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس
ميان ثاقب نثار ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي سربراهي ۾
نواز شريف ۽ جهانگير ترين کي هميشه لاءِ نااهل قرار ڏيڻ سميت ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا،
اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار لاهور کان وڪالت شروع ڪئي ۽ هو ايڊووڪيٽ جنرل آف
پنجاب جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.اڳوڻو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار 22 مئي 1998 ۾
لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو هو ۽ 11 فيبروري 2010 ۾ هن سپريم ڪورٽ ۾ جج جي
حيثيت سان فرض سنڀاليا.اڳوڻو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار 31 ڊسمبر 2016 جو ملڪ جي سڀ
کان وڏي عدالت جو چيف جسٽس به بڻيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان ميان
ثاقب نثار سياسي، ڪيسن ۽ پاڻمرادي نوٽسز ذريعي ڪرپشن جي روڪ ٿام، ڊيم جي تعمير ۽
آبادي جي ڪنٽرول جهڙن منصوبن تي به پنهنجو خاص ڌيان رکيو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار
2018 جي عام چونڊن ۾ 42 ارب رپين جي مبينا جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل جو پاڻمرادونوٽيس
ورتو ۽ نيب کي جاچ جو حڪم ڏنو هو.چيف جسٽس اثاثا لڪائڻ واري ڪيس ۾ نوازشريف ۽
جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏنو هو، جڏهن ته توهين عدالت ڪيس ۾ دانيال
عزيز، نهال هاشمي ۽ طلال چوڌري سميت مختلف پارليامينٽيرينز کي نااهل قرار ڏئي گهر ڀيڙو
ڪيو هو.
.جڏهن ميان ثاقب
نثار چيف جسٽس جو حلف کنيو هو ته ان وقت ڪيسن جو تعداد 30 هزار 404 هو، جن جو
تعداد وڌي 40 هزار 540 ٿي ويو آهي. ميان ثاقب نثار جي رٽائرمينٽ تي فل ڪورٽ ريفرنس
۾ 17 مان 16 ججن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصورعلي خان ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي.الوداعي
تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه
گنجائش ناهي، ججن جو ڪم نهايت مشڪل آهي، جڏهن ته نئين چيف جسٽس چيف جسٽس آصف سعيد
کوسا چيو هو ته انصاف جي فراهمي ۾ دير ختم
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار اتي استعمال ڪندس جتي ٻيو حل موجود نه
هجي.چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته 20 سالن کان وڌيڪ عدالت ۾ گذاريو، هميشه ڪوشش ڪئي
ته قانون ۽ ضابطي اندر رهندي فيصلا ڏيان.بهرحال
نئين چيف جسٽس آصف سعيد کوسا 2010 ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان
ذميواريون سنڀاليون هنيون ۽ هـُو هِن وقت سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي.سپريم ڪورٽ
۾ جج مقرر ٿيڻ کان اڳ جسٽس آصف سعيد کوسا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جج جا فرض انجام ڏئي
رهيو هو، جيڪو هاڻ ميان ثاقب نثار جي وڃڻ
کانپوءِ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجي ويو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري ۽ ميان
ثاقب نثار جا فيصلا ته ميڊيا تي ڇانيل رهندا هئا۽ ايتري قدر جو اڳوڻي چف جسٽس ميان
ثاقب نثار ميڊيا تي عدالتي فيصلن تي تجزيو
ڏيڻ ۽ انهن تي بحث ڪرڻ کان به روڪيو هو.
No comments:
Post a Comment