Pages

Wednesday, 9 January 2019

غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق نه کسيو..!!


صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ حددخليون ڄاڻائي غريب ماڻهن جا اجها ڊاهڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اهو سلسلو  اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ شروع ٿيو هو، ان وقت ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا ويا ۽ ڪيترن ئي سنڌي وسندين کي ڊاٿو به ويو پر افسوس جو  اهڙي عمل تي حڪمرانن کي ڪو به رحم نه آيو، ان کان پوءِ  دهشتگردن ڪراچي  ۾ سنڌي وسندين  حملا  به ڪيا ۽ ماڻهن کي بي گهر به ڪيو، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي ان وقت جي سنڌ حڪومت ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي ۽ نه ئي وري ڪراچي ۾ سنڌي وسندين جو ڊاهڻ جو سلسلو بند ٿيو آهي. ڪيترن ئي بلڊرز جون اکيون اڄ به سنڌي وسندين ۾ کتل آهن ۽ اهي سنڌي وسنديون سنڌ دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهيون آهن، اهو سبب آهي جو مختلف وقتن تي سنڌي وسندين کي ڊاهيو ويو آهي،
هونئن ته پيپلزپارٽي غريب عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ جو واعدو ڪندي آهي پر اقتدار ۾ هوندي به عوام جي لاءِ ڪا خاص حڪمت عملي نه جوڙي سگهندي آهي، جتي به بنگالي، بيهاري، برمي ۽ افغاني رهن ٿا، انهن جي اجهن کي ڊاهڻ لاءِ ڪنهن  وٽ به همت نه آهي پر سنڌي وسندين کي ڊاهڻ ايترو سولو آهي، جيئن کير مان وار ڪڍڻ.جيڪي به ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون آهن، انهن کي هڪ سازش تحت ليز نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن قائم علي شاهه وڏو وزير هو ته ان وقت ڪجهه سنڌي وسندين کي ليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر اعليٰ ڪهڙي مخلوق کيس دٻاءُ وڌو جو هو پنهنجي اعلان تان ئين ڦري ويو ۽ پيپلزپارٽي هن وقت تائين ڪنهن به سنڌي وسندي کي ليز نه ڪري سگهي آهي،
هونئن ته پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻڻ وارا سنڌي ئي آهن پر افسوس جو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي کي سنڌي ياد نه ايندا، جيڪڏهن سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي کي ياد اچي ها ته اڄ ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ليز ٿيل هجن ها ۽ اتي صحت، تعليم سميت سموريون بنيادي سهولتون موجود هجن ها پر افسوس جو انهن سنڌي وسندين ۾ نه ته بجلي جو ڪو خاص انتظام ٿيل هوندو آهي ۽ نه ئي وري  انهن وسندين ۾  تعليم جو بهتر نظام هوندو آهي، جڏهن به انهن سنڌي وسندين بابت وفاق ۽ صوبائي حڪومت کان سوال ڪيو ويندو آهي ته حڪمرانن پاران اهو چيو ويندو آهي ته اهي غيرقانوني وسنديون آهن پر انهن حڪمرانن کي افغانين، بيهارين، برمين ۽ بنگالين جون وڏيون وڏيون بستيون نظر ڇو نه پيو اچن، ڇا سنڌ ۾ پرڏيهي رهن ٿا، اهي حڪومت لاءِ قانوني آهن ۽ جيڪي هن ملڪ جا اصل وارث آهن،  انهن جون وسنديون غير قانوني آهن؟ آخر ڪيئن اهي حڪمران ملڪ جي اصل وارثن جي وسندين کي غيرقانوني قرار ڏئي رهيا آهن، حڪمران ملڪ جي اصلوڪن وارثن تي انسانيت ڇو نه پيا ڏيکارين، آخر رڳو پرڏيهين تي ئي حڪمرانن جي انسانيت ڇو جاڳندي آهي؟ آخر ملڪ جي اصلوڪن وارثن تي رحم ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟
اڳ جڏهن ملڪ ۾ حددخليون ڄاڻائي سنڌي وسندين کي ڊاٿيو ويندو هو ته سنڌ جا قومپرست رڪ جي ديوار بڻجي حڪمرانن آڏو  اٿي بيهندا هئا پر افسوس جو  حڪمرانن پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري سنڌي قومپرستن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، اهو  رڳو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو قومپرست سنڌ دشمنن کي سندن اصل چهرو ڏيکاريندا آهن، جڏهن به سنڌ تي ڪو برو وقت آيو ته  ڪا سياسي پارٽي روڊن تي نڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندي آهي پر قومپرست پنهنجي  قوم لاءِ  ڪنهن به وقت  پنهنجا سر ڪٽائڻ لاءِ تيار  هوندا آهن، اڳ جڏهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي هڪ سازش تحت ڊاهڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ان وقت قومپرستن ئي انهن سنڌي وسندين کي بچائڻ لاءِ آواز اٿاريو هو باقي ووٽ وٺندڙ پارٽيون ته ڪا به مطئمن جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيون هيون. بهرحال قومپرستن جيڪي پنهنجي قوم لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، شايد ڪنهن ٻئي نه ڏنيون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه اڳواڻ ته اقتدار لاءِ سياست ڪندا آهن پر  قومپرست پنهنجي قوم جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريندا آهن پر هن وقت جيڪا سنڌ جي صورتحال آهي، ان تي رڳو اهو ئي چئي سگهجي ٿو  ته سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي وسندين کي ڊاهڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو ته نئين پاڪستان ۾ جيڪي حددخلين خلاف ڪارروايون شروع ٿيون آهن، اهي رڳو غريبن تائين محدود آهن، باقي جن جا محل آهن، انهن کي ته گهر ليز ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون وينديون آهن ۽ باقي غريب ماڻهن جي لاءِ ته هڪ الڳ قانون موجود آهن، جنهن سبب غريبن جون وسنديون ڊاٿيون وينديون آهن، آخر محلن کي ليز ڪرائڻ لاءِ هدايت ڪري سگهجي ٿي ته پوءِ غريبن جي اجهن کي ليز ڪرائڻ جي مهلت ڇو نه ٿي ڏني وڃي، آخر ڇو حڪمران ماڻهن کان اجهو ڦري رهيا آهن.
اسان سوچيو هو  ته نئين پاڪستان ۾ غريب عوام کي سمورا حق ملندا پر هن نئين ملڪ ۾ ته ماڻهن جا اجها ڊاٿيا پيا وڃن، ڪراچي سميت سنڌ  جي مختلف شهرن ۾ حددخليون ڄاڻائي غريب ماڻهن جا اجها ڊاٿا پيا وڃن پر افسوس جو سنڌ سرڪار اکيون ٻوٽي ويٺي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ننڍن ننڍن شهرن ۾  حددخلين خلاف ڪارروايون اشارو آهن ته تمام جلد ڪراچي ۾ جيڪي به سنڌي وسنديون آهن، انهن کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي سنڌي وسندين تي بلڊرز مافيا ۽ سنڌ دشمنن جون اکيون کتل آهن ۽ هن وقت ۾ جئين ته عوام کي احتجاج  ڪرڻ جو به حق نه آهي ته ان ڳالهه ڪو کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته بلڊر مافيا ۽ سنڌ دشمن عنصر پنهنجي ناپاڪ ارادن کي  ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندا،
جيڪڏهن پيپلزپارٽي  رڳو ڪراچي ۾ جتي به سنڌي وسنديون آهن، انهن کي ليز ڪري ها ته پيپلزپارٽي کي ڪو نقصان نه ٿئي ها پر  پيپلزپارٽي اهو ڪم نه ڪيو۽ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي وسندين مٿان تلوار لٽڪي رهي آهي. بهرحال حددخلين جي اوٽ ۾ جيڪي ڪارروايون ٿيون آهن، انهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ڪٽنب بي گهر به ٿيا آهن، اهڙو هڪ افسوس ناڪ واقعو دادو ۾ به پيش آيو آهي، جتي ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ واري پٽي مان ڪيترن ئي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب  متاثر خاندان دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پر افسوس جو هن وقت تائين حڪومت انهن کي متبادل جڳهه فراهم نه ڪري سگهي آهي،  ڪيترائي ماڻهو ٿڌ جي شدت وڌي وڃڻ سبب فوت به ٿي چڪا آهن پر افسوس جو حڪومت انهن  جي مدد لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اٽو،لٽو ۽ اجهو ڏيڻ ته حڪومت جو ڪم هوندو آهي پر نئين پاڪستان جي حڪومت اهو سڀ ڪجهه عوام کان ڦري رهي آهي، ڪاروبار تباهه ٿي چڪو آهي،  ماڻهو بي گهر ۽ بي روزگار ٿي رهيا آهن ۽ سوال ڪرڻ تي حڪومت جا وزير ڪاوڙجي پون ٿا ۽ صحافين کي گهٽ وڌ ڳالهائن ٿا، اهڙا هڪ ٻه واقعا  پيش به اچي چڪا آهن، تحريڪ انصاف پنجاب جو صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ به سوال پڇڻ تي صحافين تي ڏمرجي پيو هو ۽ صحافين خلاف خراب لفظ استعمال ڪيا، ان کان اڳ اسلام  آباد آبي وسلين بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا به هڪ صحافي خلاف سخت لفظ استعمال ڪيا هئا.
اسان خاص طور سنڌ حڪومت کي ايتري گذارش ضرور ڪنداسين ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مشن کي نئين پاڪستان ۾ ختم نه ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوام لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ جو نعرو هنيو هو پر اڄ نه ته عوام کي  پائڻ لاءِ لٽو  آهي، نه ئي اجهو ۽  کائڻ لاءِ اٽو آهي؟  ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب  انسان حياتيون زيان ٿي رهيون آهن، جانور به مري رهيا آهن ، اهڙي صورتحال هوندي به جن  غريب ماڻهن وٽ سر ڍڪڻ لاءِ اجهو آهن، انهن کان اهو اجهو کسيو پيو وڃي، اها  غريب عوام تمام گهڻي زيادتي آهي، جيڪڏهن ڪنهن تبديلي کي ووٽ ڏنو آهي يا وري ناهي ڏنو  ان جو بدلو غريب عوام کان نه ورتو وڃي، سياسي پارٽيون پنهنجي اوٻر عوام تي نه ڪڍن، غريب عوام کان جيئڻ جو حق نه کسن.

No comments:

Post a Comment