Pages

Saturday, 12 January 2019

مهانگائي سٽيل عوام مٿان هڪ ٻيو وار


صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌندي پئي وڃي پر حڪومت ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ  ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جا اگهه دنيا جي ٻين مڪلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ورتا پيا وڃن ۽ ان سان گڏ عام واهپي وارين شين تي ايترا ته ٽيڪس لڳايا ويا آهن جو عوام مهانگائي جي گهاڻي ۾ پسجڻ لڳو  آهي، جڏهن ته دوائون مهانگيون هئڻ سبب عوام تمام گهڻو پريشان آهي، پر افسوس جو  ڪنهن کي به رحم نه اچي رهيو آهي، هرطرف مهانگائي سٽيل عوام پسجندي نظر اچي رهيو آهي ۽ حڪمران رڳو پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن ۽ عوام دربدر ڌڪا کائي رهيو آهي. هوئن به ملڪ کي ڌڻي پاڪ قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر افسوس جو حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي.
ماضي جي حڪومتن ته پنهنجي مرضي سان ٽيڪس لڳايا ۽ قرض ورتا ۽ هاڻ وري  موجوده حڪومت انهن حڪومتن جو رڪارڊ به پار ڪري ڇڏيو آهي، ماضي جي ڀيٽ ۾ موجوده حڪومت ۾ مهانگائي جي طوفان غريب ماڻهن کان جيئڻ جو به کسي رهيو آهي، هر طرف ماڻهو پريشان نظر اچي رهيا آهن، مهانگائي سبب بيروزگاري به وڌي وئي آهي پر افسوس جو  حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي، موجوده حڪومت قرض وٺڻ لاءِ  هر ملڪ جا دورا ڪري رهي آهي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته ملڪ جو خزانو خالي آهي، جيڪڏهن ملڪ جو خزانو خالي هو ته ان وقت  جي حڪومت ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي  ئي پوءِ آخر  ڇو موجوده حڪومت چئي رهي آهي ته ملڪ جو خزانو خالي آهي؟ خبر ئي نه ٿي پئي ته جيڪا حڪومت ايندي آهي ته اها اهو ئي راڳ ڇو ڳائيندي آهي ته خزانو خالي آهي؟ 
هاڻ سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته آخر خزانو ملڪ جو خالي هوندو آهي ته حڪمرانن جو هوندو آهي؟ نواز ليگ حڪومت آئي هئي ته ان وقت ان به انهن ئي لفظن جو ورجاءُ ڪيو هو ۽ هاڻ جڏهن  تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي ته ان وقت به اهو ئي راڳ ڳايو پيو وڃي ته ملڪ قرضن ۾ ٻڌل آهي ۽  قرضن جي قسط ادا ڪرڻ لاءِ قرض ورتو پيو  وڃي، جيڪڏهن اهڙِ صورتحال آهي ته پوءِ  وڌيڪ قرض وٺڻ آپگهات ڪرڻ جي برابر آهي پر حڪومت قرض مٿان قرض کڻڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهي آهي ۽ هر اجلاس ۾ قرضن ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن بابت غور ويچار ڪيو پيوو ڃي ۽ چيو  پيو وڃي ته  تحريڪ انصاف حڪومت آءِ ايم ايف جي انهن شرطن کي نه مڃيندي جيڪي ملڪ جي مفاد ۾نه هجن. بهرحال موجوده حڪومت جي قدمن ۽ وڌي ويل مهانگائي مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت شرط مڃڻ لاءِ تيار آهي، جنهن سبب بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌيا ويا آهن ۽ ۽ ڊالر جي مُلهه ۾ به واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سبب ملڪ تي قرض وڌي ويا آهن.
جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته پوءِ ملڪ جو عوام مهانگائي  جي طوفان ۾ تباهه ۽ برباد ٿي ويندو. اڳ ئي بجلي ۽ گئس جو بحران آهي ۽ ملڪ ۾ گيس ۽ بجلي جا اگهه تمام گهڻا وڌي ويا آهن، سنڌ مان گئس به نڪري رهي آهي پر ان باوجود سنڌ کي حصي مان گئس ملي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي سنڌ کي گئس نه ملڻ سبب سراپا احتجا بڻيل آهي. بهرحال حڪومت ڏينهون ڏينهن هر شئي مهانگائي ڪري رهي آهي، اڳ جڏهن ڪو  ٻاهرين ملڪ گهمڻ لاءِ ويندو هو ته ڪجهه نه ڪجهه سامان وٺي ايندو هو، جيڪڏهن گهر ۾ پنج ڇهه ڀاتي هوندا هئا ته انهن لاءِ پنج ڇهه موبائل فون يا پنج ڇهه ليپ ٽاپ وٺي ويندو هو پر تحريڪ انصاف ان تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي، فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ ڪو موبائل کڻي ايندو ته ان کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو،  جيڪڏهن پرڏيهه  مان ڪو شخص پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ تحفو ڏيهه کڻي اچي ٿو ته ان تي به حڪومت کي تڪليف آهي، جيڪڏهن ٽيڪس لڳائڻو آهي ته پوءِ حڪومت ڪاروباري ماڻهن تي لڳائي جيڪي اهڙيون شيون ڪاروبارن لاءِ وڏي تعداد ۾ کڻي ايندا آهن پر عام شهري تي ٽيڪس لڳائڻ مان حڪومت عوام کي وڌيڪ پريشان ڪندي.
بهرحال ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ تي چڙهي وئي آهي، ڀاڻ مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن سبب زراعت به تباهه ٿيندي پئي وڃي، پاڻي کوٽ جو بحران  پنهنجي جاءِ تي پر ٻج مهانگي ٿيڻ سبب هاري پنهنجو خرچ به فصل مان نه پيو ڪڍي سگهي، حڪومت اهڙين شين تي ٽيڪس لڳائي رهي آهي، جنهن سان ملڪ کي به نقصان ٿيندو، جيڪڏهن زراعت واري شين تي ٽيڪس وڌيڪ لڳايو ويو ته  آبادگار کي نقصان ٿيندو ۽ فصل به گهٽ ٿيندو، جنهن سان آبادگارن کي ته نقصان ٿيندو پر حڪومت کي ٿيندو، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته آبادگارن کي  وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهي ٿي
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دوا ٺاهيندڙ ڪمپنيون ڪافي عرصي کان دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري رهيون هيون  ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس به هلي رهيو هو، جڏهن ته  دوائن جا اگهه نه وڌائڻ تي حڪومت کي دوائن جي فراهمي بند ڪرڻ جي به ڌمڪي ڏني وئي هئي، جنهن سبب بجلي ۽ گئس جي اگهن  کان پوءِ وفاقي سرڪار مهانگائي سٽيل عوام تي مهانگائي جو  ٻيو وڏو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي فارما سيوٽيڪل ڪمپنين جو مطالبو تسليم ڪندي دوائن جي اگهن ۾ 9 کان 15 سيڪڙو تائين واڌ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.جنهن بعد غريب عوام ٻيهر پريشان ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ ا ئي مهانگائي جو طوفان آيل آهي مٿان وري حڪومت پاران دوائون مهانگيون ڪرڻ وارو عمل عوام دشمن آهي، اڳئي انساني حياتيون بچائيندڙ دوائون تمام گهڻيون مهانگيون آهن.
ايتري قدر جو ملڪ اندر صحت جي سهولتن جي اڻهوند آهي ۽ دوائن جي کوٽ سبب هيپاٽائيٽس جا مريض دربدر آهن، دوائون نه ملڻ سبب سرڪاري اسپتالن ۾ مريض علاج ڪرائڻ کان لاچار آهن، بجلي ۽ گئس جا اگهه ته اڳ ئي وڌايا ويا آهن  ۽ هاڻ وري دوائون مهانگيون ڪرڻ ايئن آهي جيئن غريب ماڻهن کي مهانگائي جي ٽياس تي ٽنگڻ آهي، جيڪڏهن دوائن جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته ملڪ جو عوام تمام گهڻو پريشان ٿي ويندو آهي ۽ دوائون مهانگيون هئڻ سبب ملڪ جو غريب عوام دوائون خريد نه ڪري سگهندو، اڳ ئي جيڪا اسان جي ملڪ جي  اسپتالن جي حالت آهي، اها سڀني کي خبر آهي.
حڪومت کي گهرجي ته  دوائون مهانگيون ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي عوام ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪري، ٻي صورت ۾ عوام جنهن تبديلي واري نعري تي تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو آهي، ان تبديلي تان عوام جو ويساهه کڄي ويندو، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي ملڪ ۾ اهي نعرا لڳي رهيا آهن ته اسان کي نئون ملڪ نه پر پراڻو ملڪ کپي ۽ ان سان گڏ پنجاب مان اهي نعرا ٻڌڻ ۾ اچن پيا ته” ايسي تبديلي نامنظور“  جيڪڏهن حڪومت عوام جي بهتري لاءِ ڪي قدم کڻي ها ته اڄ اهي نعرا ٻڌڻ لاءِ نه ملن ها، اسان ته حڪومت کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته بجلي ۽ گيس جي اگهن سان گڏ دوائن جي اگهن ۾ ڪيل واڌ وارو فيصلو واپس وٺي ملڪ جي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.  


No comments:

Post a Comment