Pages

Tuesday, 8 January 2019

هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ ۽ پسجندڙ عوام


صاحب خان ڀٽي
نواز ليگ جي حڪومت ۾ شروع ٿيل  سياسي ڇڪتاڻ هن وقت تائين جاري ۽ ساري آهي،  نواز ليگ جي حڪومت هئي ته ان وقت به تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي  اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي ۽ هاڻ جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي، تڏهن به ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، تحريڪ انصاف  نواز ليگ جي حڪومت دوران رڳو نواز ليگ  خلاف ڳالهائيندي هئي ۽ پيپلزپارٽي تي هلڪو هٿ رکندي هئي پر هاڻ جڏهن پي ٽي  آءِ اقتدار  ۾ اچي چڪي آهي ته سندس رخ  پيپلزپارٽي ڏانهن به وڌي ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ تحريڪ انصاف جا  وزير نواز ليگ کانپوءِ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي چور چئي رهيا آهن ۽ نواز ليگ جي  اڳواڻن جو چوڻ  آهي ته هن حڪومت ۾ سياسي انتقام ورتو پيو وڃي، جڏهن ته پيپلز پارٽي به نواز ليگ لاءِ ڳالهين جا در کولي ڇڏيا آهن پر هن وقت تائين ٻنهي پارٽين هڪ ٻئي جي ضابطه طور  حمايت جو اعلان نه ڪيو آهي.
پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته هو موجوده صورتحال کي اڪيلي سر ئي منهن ڏيندا پر  نواز ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته جيڪڏهن کين ٽارگيٽ بڻائڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته هو پيپلزپارٽي سان هٿ ملائي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪجهه عرصي کان پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ اڳواڻن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، جڏهن ته  نواز ليگ جا ڪيترائي اڳواڻ گرفتار به آهن ۽ ڪيترن ئي خلاف نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،  پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف به جاچ هلندڙ آهي، ايتري قدر جو  وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا  هئا، جنهن تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو هو، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته بلاول ڀٽو زرداري معصوم آهي، سندس نالو اي سي ايل ۾ ڇو وڌو ويو ۽ سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري۽ مراد علي شاهه جا نالا اي اسي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو.
جنهن تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو ته  بلاول ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍنداسين پر جاچ ضرور ڪئي ويندي، ٺگس آف پاڪستان ۾ انٽرول هلي رهيو آهي، جيڪو جاري رهندو،  جي آءِ ٽي جيترا به اڪائونٽ ڏنا اومني گروپ يا آصف زرداري گروپ ڪنهن انڪار نه ڪيو آهي. رد عمل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا چيو ته سياست هڪ جدوجهد جو نالو آهي پر ڪجهه ماڻهن کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، حڪومت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ جي لاءِ اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ جهڙا ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته  مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف کي جيل ان ڪري وڌو ويو ته حڪومت ٺاهڻي هئي ۽ هاڻ  حڪومت کي هلائڻ لاءِ نوازشريف کي جيل ۾ وڌو ويو آهي. بهرحال حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي آهي،ان سان ملڪ جي معشيت کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ڪاروبار بلڪل ٺپ  ٿي ويوآهي، ڊالر جومُلهه به وڌي ويو آهي پر  معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته گردشي قرضن ۾ به  واڌ ٿي وئي آهي پر افسوس جو  حڪومت معشيت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، گيس،بجلي ۽ پاڻي جي بحران کانپوءِ  معيشت تباهه ٿي وئي آهي، ماڻهو بي روزگار ٿي رهيا آهن، 
ايتر ي قدر جو بلڊر  به حڪومتي فيصلن خلاف احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن، جنهن سبب چئني طرفن کان رڳو حڪومت خلاف ئي بيان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، چيف جسٽس ميان ثاقب نثاربه چئي رهيو آهي ته حڪومت ۾ اهليت نه آهي، نواز ليگ به چئي رهي آهي ته تحريڪ انصاف وٽ ڪو به پلان نه آهي، پيپلزپارٽي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي سنڀالي نه پئي سگهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم عمران خان رڳو قرض وٺڻ لاءِ دورا ڪري رهيو آهي ته  نيب وري اپوزيشن خلاف ڪارروايون ڪندي نظر اچي رهي آهي، مسلم ليگ ن جو چوڻ آهي ته عليمه خان جو جيڪو ڪاروبار آهي، هو وزيراعظم عمران خان جو آهي، نيب آخر مالم جبا ڪيس ۽ عليمه خان جي ملڪيتن بابت ڪا ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪري؟ نواز ليگ جي اهڙن سوالن واقعي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن پر هاڻ ڏسڻو آهي ته  حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن خلاف به ڪارروائي ٿيندي يا وري رڳو اپوزيشن ميمبر رڳو رڙيون ڪندي نظر ايندا،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڪا صورتحال ملڪ ۾ پيدا ٿي رهي  آهي، ان سان سياسي پارٽين کي ته  گهٽ نقصان ٿيندو پر عوام کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي، سياسي پارٽين  جي ڇڪتاڻ سبب ملڪ جي معشيت جو ڦيٿو  رڪجي  ويو آهي، وزيراعظم  عمران خان  جنهن به ملڪ جو دورو ڪيو آهي ۽ ته ان وقت هن  ڪرپشن جي خاتمي  جو چيو آهي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرپشن سبب ملڪ هن وقت تائين ترقي نه ڪري سگهيو آهي.
جيڪڏهن واقعي ڪرپشن  جو خاتمو ڪرڻو آهي ته پوءِ ڪنهن به اداري کي بخش نه ڪيو  وڃي، جيڪڏهن  احتساب عمل ۾ ٻٽو معيار اختيار ڪيو ويو  ته پوءِ  هن ملڪ  مان ڪرپشن جو خاتمو ناممڪن ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته رڳو  اپوزيشن خلاف واويلا ڪرڻ ته اهي چور آهن ته پوءِ اهو عمل درست نه هوندو، ڇاڪاڻ ته  رڳو چور چوڻ ۽ خراب ٻولي ڳالهائڻ سان ڪرپشن  ختم نه ٿيندي، هن ملڪ جي سموري نظام کي درست ڪرڻ لاءِ هڪ  خاص حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جنهن سان  هن ملڪ مان ڪرپشن جي پاڙ پٽجي سگهي؟ جيئن ته تحريڪ انصاف ڪرپشن جي خاتمي ۽ تبديلي جي نعري تي اقتدار ۾ آئي پر اپوزيشن جو اهو الزام آهي ته اها سليڪٽيڊ حڪومت آهي ۽  تحريڪ انصاف کي زبردستي کٽرايو ويو  آهي، جيڪڏهن  اسان چونڊن  جي اڳ واري صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته ان وت به نواز ليگ  قائد نوازشريف چئي رهيو هو ته سندن اميدوارن کي ڌمڪائي پارٽي تبديل ڪرڻ جو چيو پيو وڃي.
بهرحال  چونڊون ته خيريت سان ٿي ويون  ۽ هاڻ تحريڪ انصاف جي حڪومت  قائم ٿي چڪي آهي پر  انهيءَ سڄي عمل دوران  ملڪ جي معشيت جو ٻيڙو جيڪو ٻڏيو آهي، اهو عمل ملڪ جي تاريخ ئي ڪڏهن شايد ٿيو هجي، حڪومت ايئن قرض وٺي رهي آهي، جيئن سڀاڻي ٿيندي ئي نه. شايد حڪومت کي يقين ئي نه آهي ته سڀاڻي به  سج اڀرندو. هن وقت پي ٽي آءِ جي حڪومت چين، دبئي، سعودي عرب سميت ڪجهه ٻين ملڪن کان به قرض وٺڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي ۽ مختلف ملڪن جي اڳواڻن کي دعوت به ڏني پئي وڃي ۽ سعودي عرب کان اوڌر تي پيٽرول خريد ڪرڻ جي به  وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري رهي آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو  شڪ نه آهي ته سعودي عرب هڪ ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ امداد به ڏني آهي پر  افسوس جو  حڪمرانن ان امداد کي ڪنهن به منصفاڻي نموني خرچ نه ڪيو آهي، جڪيڏهن خرچ ڪيو به آهي ته ان بابت اهو ڪڏهن به نه ٻڌايو  ويو آهي ته جيڪو به قرض ورتو ويو، اهو قرض ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي.
 جيڪا به حڪومت آئي قرض ورتو ۽ واپس هلي وئي ۽ ڀوڳڻو عوام کي پيو، ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پيو آهي،  اڳ ۾ جيڪي جمهوري حڪومتون قرض وٺنديون هيون ته ملڪ ۾ بيروزگاري ٿوري ختم ٿيندي ۽ ڪجهه ترقياتي ڪم ڏسڻ ۾ ايندا هئا پر هن حڪومت ۾ ته ترقياتي ڪم ٿيندي نظر نه پيو اچي پر ماڻهو ضرور بي گهر ٿي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو دادو ۾ حددخليون ڄاڻائي ڊاٿل گهرن جا بي گهر ماڻهو اڄ به پريشان آهن ۽ ڪيترائي بي گهر ماڻهو فوت به ٿي چڪا آهن پر افسوس جو نه ته صوبائي حڪومت کي رحم آيو آهي ۽ نه ئي وفاقي حڪومت هن وقت تائين آپريشن جي اوٽ ۾ غريب ماڻهن جي اجهن کي ڊاهڻ جو سلسلو روڪيو آهي، جئين ته هن ملڪ ۾ عجيب قانون آهي ته عجيب حڪم ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، جيڪي محل غير قانوني آهن، انهن کي ڊاهڻ جي حڪومت ۾ ڪا به سگهه نه آهي ۽ نه ئي وري حڪومت انهن کي ڊاهڻ لاءِ ڪي حڪم جاري ڪري رهي آهي پر جتي غريب ماڻهن جا اجها آهن، انهن کي حد دخليون ڄاڻائي گهر ڊاٿا پيا وڃن.
جيئن ته هن ملڪ لکين غيرقانوني ماڻهو ترسيل آهن پر حڪومت کي اهي غير قانوني ماڻهو نظر نه پيا اچن پر نظر اچي رهيا آهن ته هن ملڪ جا اصل  وارث نظر اچي رهيا آهن، جنهن کي بندوق ڏيکاري بي گهر ڪيو پيو  وڃي. جيڪڏهن حڪومت کي غيرقانوني حددخليون هٽائڻ جو ايڏو شوق هو ته اڳ ۾ جيڪي ڊالر جي لالچ ۾ جيڪي غيرقانوني پرڏيهي ماڻهن کي ترسايو ويو آهي،  انهن کي ملڪ مان ڪڍڻ گهرجي ها ته پوءِ اسان اهو چئون ها ته واقعي حڪومت  درست ڪم ڪري رهي آهي پر افسوس جو هتي ته گنگا ئي ابتي پئي وهي، وزيراعظم عمران خان پاڻ غيرقانوني ترسيل  پرڏيهين کي هن ملڪ جي سڃاڻپ  ڏيڻ جو چئي رهيو آهي،  جيڪڏهن ڊالرز عيوض ترسايل پرڏيهين سان ايڏي محبت ڏيکاري سگهجي ٿي ته پوءِ هن ملڪ جي اصل وارثن کي پنهنجن اجهن ۾ رهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي،  هونئن ته رياست جي اها ذميواري آهي ته  عوام کي روزگار، اٽو، لٽو ۽ اجهو فراهم ڪري پر هن حڪومت ۾ ته اٽو، لٽو ۽ اجهو سڀ ڪجهه ڦريو پيو وڃي. جيڪڏهن  حڪومت ۽  اپوزيشن وچ ۾ اها ڇڪتاڻ هلندي رهي ته غريب عوام ئي پسجندو رهندو،  

No comments:

Post a Comment