صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف
سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ سڄي پاڪستان جيان سنڌ ۾ به
پنهنجي تبديلي جي نعري کي عملي جامو پارائڻ لاءِ سنڌ جي دورن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو اعلان ان
وقت ٿيو آهي، جڏهن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پاران چيو ويو ته تحريڪ انصاف جا وزير مڙي وڃي، ٻي صورت ۾ ڏڦير پکيڙيندڙ وزيرن جي سنڌ ۾ داخلا
تي پابندي جو وٽن اختيار آهي، اهڙي بيان کانپوءِ حڪمران جماعت جون ننڊون حرام ٿي
ويو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهڙي بيانن سان ماحول خراب ٿيندو، فواد چوڌري چيو آهي ته
کيس سنڌ جي دوري کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، ايتري قدر جو عمران خان جي سنڌ جي ياترا جو شيڊول به جاري ڪيو ويو آهي،
جنهن سبب پيپلزپارٽي به سنڌ ۾ سرگرميون
تيز ڪري ڇڏيون آهن.
پيپلزپارٽي
جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران به جلسا ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ گرم گرم
بيان به جاري ڪيا پيا وڃن، تحريڪ انصاف سنڌ
۾ اهم اڳواڻن سان رابطا به شروع ڪري ڇڏيا آهن، ايتري قدر جو عمران خان به خانڳڙهه
پهچي رهيو آهي، جنهن بعد سنڌ ۾ هڪ گرما گرمي وارو ماحول پيدا ٿيندي نظر اچي رهيو
آهي، هونئن ته اسان ڪجهه ڏينهن اهي خبرون ٻڌي رهيا هئاسين ته اڳوڻي صدر آصف علي
زرداري ۽ سندس ڀيڻ خلاف ڪارروائي ٿيڻ جو
امڪان آهي پر جڏهن آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف بيان جو سلسلو شروع ٿيو
ته وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ جي ملڪيت به ميڊيا جي زينت بڻجي وئي آهي، سندس دبئي
سميت مختلف ملڪن ۾ پراپرٽي ظاهر ٿي آهي، جنهن جي هن تصديق به ڪئي آهي ۽ عليمه خان
چيو آهي ته هن اها ملڪيت سلائي مشين جي ذريعي ٺاهي آهي، جنهن تي سندس مزاق اڏايو
پيو وڃي.
بهرحال
اپوزيشن پاران وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي ملڪيت بابت جاچ جو مطالبو ڪري
رهي آهي پر نيب کيس اڃا تائين طلب نه ڪيو آهي پر عليمه خان پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ پيش
به ٿي چڪي آهي پر ان باوجود اپوزيشن پاران وزيراعظم عمران خان کان عليمه خان جي ملڪيت بابت پڇا ڪرڻ
وارو سلسلو جاري آهي،جيڪو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڄي
ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي جيل ۾ قيد ڪرڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف پنهنجي توپن جو
رخ پيپلزپارٽي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان تحريڪ انصاف جا وزير، مشير ۽ صلاحڪار
پيپلزپارٽي جي قيادت تي ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي جي قيادت جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل
ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ويندي ويندي پيپلزپارٽي
جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ
جو حڪم به ڏنو هو پر وفاقي ڪابينا نالا نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي،
جنهن تي
پيپلزپارٽي جي وزيرن طرفان چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم تي اي سي ايل مان نالا نه ڪڍڻ توهين
آهي، جنهن تي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس
وٺي پر ان باوجود تحريڪ انصاف پنهنجي فيصلي تي قائم آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي و
زيرن جو ڳالهائڻ وارو طريقو اڄ به اپوزيشن
ميمبرن جيان آهي، جنهن سبب اڃا به اها ئي ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، جيڪا اڳ ڪئي
ويندي هئي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چور جيل ۾ ويندا،
جيڪڏهن سنڌ
جي وڏي وزير کي شرم آهي ته پوءِ اهو استعيفيٰ ڏئي؟ بهرحال هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائندو
ته جعلي اڪائونٽس واري ڪيس ۾ ڪير ڪير
استعيفيٰ ڏيندو ؟ پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته تحريڪ انصاف رڳو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي
شاهه پٺيان ئي ڇو پئي آهي، ٻيا وزير به کوڙ سارا آهن، انهن کان استعيفيٰ جو مطالبو
ڇو پيو ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته
پيپلزپارٽي جڏهن يوسف رضا گيلاني وزيراعظم هو ۽ سندس خلاف عدالتي فيصلو آيو ته ان
وقت به متبادل ڳولهي رکيو هو ۽ هڪ ٻئي وزيراعظم کي چونڊرايو هو پر هاڻ جيئن ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي
۽ تحريڪ انصاف پنهنجي تبديلي واري نعري کي سنڌ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي پر اهو تڏهن ئي
ممڪن ٿي سگهي پيو جڏهن تحريڪ انصاف اقتدار ۾ نه هئي ۽ کيس ايتري ئي موٽ ملي ها جيڪا
ٻين صوبن ملي آهي.
جيئن ته تحريڪ انصاف سنڌ کان ان وقت دور رهي ته اليڪشن ۾
پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿي وئي ۽ ٻين صوبن تبديلي واري نعري کي تمام
گهڻي موٽ ڏني پر جڏهن تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي پنهنجي حڪومت ٺاهي ته ان وقت پيپلزپارٽي
۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ تمام گهڻيون وڇوٽيون هيون ۽ اهي وڇوٽيون تحريڪ انصاف لاءِ تمام
گهڻو فائديمند ثابت ٿيون ۽ تحريڪ انصاف سولائي سان ٽنهي صوبن ۾ پنهنجا پير ڄمائي
ورتا پر جيئن جيئن وقت گذريو ته مهانگائي
جو جن بوتل مان نڪري آيو ۽ عوام مهانگائي جي بار دٻجي ويو، ايتري قدر جو حڪومت به
عوام مٿان بار وجهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ تبديلي جا خواب ڏيکاريندڙ تحريڪ انصاف ايترا
ته ٽيڪس لڳايا جو هر شئي مهانگائي ٿي وئي، تحريڪ انصاف بجلي ۽ گئس جا اگهه ايترا
ته وڌائي ڇڏيا جو غريب عوام جي چيلهه ئي چٻي ٿي وئي، اڳ اسان ٻڌنداسين هئاسين ته
آپريشن ذريعي دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي پر هاڻ اسان کي نظر اچي رهيو آهي
ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام تي ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز لڳائي چيلهه چٻي ڪئي آهي، ايتري قدر جو جر جي پاڻي جي استعمال جا اگهه به مقرر ڪيا پيا وڃن، ان سان ته عوام وڌيڪ پريشان ٿي
ويندو، جيڪڏهن زراعت وارن تي به جر جي پاڻي
تي ٽيڪس لڳايو ويو ته آبادگار تمام گهڻو پريشان ٿي ويندا؟
بهرحال هن
وقت جيڪا جنگ هلي رهي آهي ۽ اها اقتدار جي نه پر هڪ ٻئي کي نيچ ڏيکارڻ جي ٿي رهي
آهي، اهو ئي سبب آهي جو سياستدان هڪ ٻئي کي چور چئي رهيا آهن، جيڪڏهن رڳو اقتدار جي
جنگ هجي ها ته اها اليڪشن وقت اها لفظ استعمال ٿين ها پر هاڻ جيئن ته تحريڪ انصاف
اقتدار ۾ آهي ته ان وقت سياسي گرفتاريون ۽
گٿا لفظ ڳالهائڻ ڪنهن به حڪومت لاءِ سٺا نه آهن. جئين ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير
فواد چوڌري جي ڳالهائڻ ۽ بيان ڏيڻ تي ڪيترائي
ڀيرا ايوان ۾ احتجاج به ٿي چڪا آهن پر ان باوجود تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پنهنجي
رويي ۾ تبديلي نه آندي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ تاريخ
۾ اهڙا لفظ استعمال نه ڪيا آهن ۽ نه ئي وري ميڊيا تي ڪڏهن به اهڙا جملا پڙهڻ لاءِ
مليا آهن، جيڪي اڄ حڪمران جماعت جا وزير استعمال ڪري رهيا آهن. بهرحال قومي
اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز
شريف به چور ڪوٺڻ تي اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هو.جڏهن ته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته حڪومت
کي اندران ئي اڏوهي کائي رهي آهي ۽ ان کي اسان نه ڪيرائينداسين پر پاڻ ئي ڪِرندي
هن وقت سموريون پارٽيون سوچي رهيون آهن ته نيب چيئرمين وٽ وڃن، مان چوان ٿو توهان ڇو
انهن وٽ وڃو ان کي پارليامينٽ سامهون حاضر ٿيڻ گهرجي، منهنجي اها ڳالهه ناهي، مان
وڏا نيب ڏٺا آهن ۽ ڏسندو رهندس، ڳالهه اها آهي ته جنهن ڏينهن حڪومتي ميمبرن کي
گهرايو ويندو ته ان ڏينهن ڇا ٿيندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته
ڪنهن به وفاقي وزير جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي ناهي، عمران خان سڄي ملڪ جو وزيراعظم
آهي جتي چاهي اچي وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته مونکي سرڪاري دوري ۽ ڀلي پار ڏانهن سڏ تي
پرڏيهه وڃڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.
مطلب ته هن
وقت ٻنهي پارٽين ۾ ڇڪتاڻ چوٽ تي آهي، جيڪڏهن
سنڌ سرڪار کي وفاقي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ يقينن حالتون ضرور خراب
ٿينديون، جنهن سان وفاق کي به نقصان ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٽن صوبن ۾ تبديلي واري نعري هيٺ تحريڪ انصاف اقتدار حاصل ڪيو
آهي، جتان هاڻ مختلف نعرا ٻڌڻ ۾ ملي رهيا
آهن. مهانگائي سبب حڪمران جماعت تان عوام
جو ويساهه کڄندو پيو وڃي ۽ ملڪ جو عوام
تحريڪ انصاف جي تبديلي کان پري ڀڄندو پيو وڃي،اهڙي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جو سنڌ ۾
تبديلي وارو نعرو ڪم نه ايندو، ڇاڪاڻ ته
جهڙي ريت ماڻهن جا گهر ڊاهڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ بي روزگاري وڌي رهي آهي، اهڙي
صورتحال ۾ سنڌ جو عوام ته ڇا ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي هن تبديلي واري
نعري کي هاڻ پذيرائي نه ملي سگهندي. جيڪڏهن حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري ها ۽
بجلي ۽ گئس جا اگهه نه وڌائي ها ته اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها، باقي رهي ڳالهه
طاقت ذريعي ڪنهن جي حڪومت ڪيرائڻ جي ته پوءِ
انهيءَ طاقت جو سنڌ تي استعمال سان
تحريڪ انصاف جي حڪومت کي نقصان ٿيندو؟ هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر تحريڪ انصاف ۽
پيپلزپارٽي وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ کان ويندي لڪيل ملڪيتن
تائين ڪڏهن پهچندي؟ ۽ ان کانپوءِ عوام کي ڪهڙا ڪهڙا بيان ٻڌڻا پوندا اهو ته هاڻ
وقت ئي ٻڌائيندو؟
No comments:
Post a Comment