Pages

Tuesday 13 April 2021

ڌارين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو عمل، شيخ رشيد جو بيان

صاحب خان ڀٽي

 وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي سنڌ ۾ ڌاري لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري بيان کانپوءِ سنڌ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي، هر طرف سندس بيان کي سنڌ خلاف وار سمجهيو پيو وڃي، سنڌ جي ساڃاهه وندن جو به سخت رد عمل ظاهر آهيو پر سنڌ جا حڪمران خاموش بڻيل آهن، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي، 1973ع کانپوءِ جيڪا سنڌي قوم خلاف سازش ٿي رهي آهي، ان تي سنڌ جي حڪمرانن مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي، جنهن جو نقصان جي ايندڙ نسل کي تمام گهڻو ٿيندو، هن وقت سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ غير سنڌين مطلب ته غير ملڪين جي لوڌ ڀرتي ٿيل آهي ۽سنڌ جا نوجوان نوڪرين لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن، ايتري قدر جو سرڪاري ادارن ۾ پٽيوالو به غير سنڌي ڀرتي ٿيل آهي، جيڪڏهن سنڌ  جي عوام کي نوڪريون ڏيڻ بدران ڌاري لوڌ کي ڀرتي ڪيو ويندو ته سنڌ جا ماڻهو بدحالي جو شڪار ته ٿيندا، جڏهن سنڌ جا نوجوان نوڪرين لاءِ احتجاج  ڪن يا وري نوڪرين لاءِ گهر ڪن ته انهن کي چيو ويندو آهي ته ڪميشن پاس ڪيو يا وري چيو ويندو آهي ته ميرٽ تي نوڪريون ملنديون، ڇا  سنڌ سرڪار جي اها ميرٽ آهي ته سنڌ پوليس ۾ ٻين صوبن جي لوڌ کي ڀرتي ڪيو وڃي، ها جيڪڏهن سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ سنڌي نوجوان هجن ۽ جن کي نوڪريون نه ملن ها ۽ اهي احتجاج ڪن ها ته ان تي ميرٽ وارو حڪومتي جملو ضرور ٺهڪي ها، پر هتي ڳالهه سنڌ جي نوجوانن جا حق غضب ڪري ڌاري لوڌ کي خوشحال ڪرڻ جو آهي، اهو سبب آهي، سازشي عنصر جن کي اسان سنڌ جا ويري چيون، اهي سنڌ جي چنيسرن سان ملي ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، اهو سلسلو بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ کان شروع ٿيو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين ختم ناهي ٿي سگهيو، ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪڏهن افغانستان ۾ جنگ جو جواز ڄاڻائي ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ته ڪڏهن  خيبرپختونخواهه ۾ آپريشن ڪري ڌاري لوڌ جو رخ سنڌ ڏانهن موڙيو ويو، جيئن ته ڪراچي سنڌ جو گادي وارو شهر آهي، اتي ڌاري لوڌ کي آباد ڪري زمينن جي والار ڪئي وئي ۽ اسان جي سنڌ جي حڪمرانن اسان کي ٻڌايو ته اهي اسان جا مظلوم مسلمان ڀائر آهن، حالتون صحيح ٿينديون ته انهن کي واپس موڪليو ويندو، جيئن افغانستان جي ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪري چيو ويو هو پر ان تي اڄ ڏينهن تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري سوات متاثرن کي پنهنجن علائقن ڏانهن واپس موڪلڻ جي ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، اڃا اهو بار سنڌ برداشت  ئي نه ڪيو هو ته مٿان وري سنڌ جي غريب ماڻهن جا اجها ڊاهي فلسطين جهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون ته جئين سنڌ جو عوام معاشي طور بدحالي جو شڪار رهي ۽  اختيار ڌڻيون پنهنجا مرضي جا فيصلا  ڪرڻ ۾ قائم ٿي وڃن، اٽي ۽ لٽي جو نعرو هڻندڙ حڪمران جماعت به سنڌين جا اجها ڊاهڻ واري معاملي تي خاموش رهي، پر جڏهن ڌاري لوڌ پنهنجا لاش دفنائڻ لاءِ زمين گهري ته ڪراچي ۾ انهن کي سنڌ جي حڪمرانن زمين خيرات ۾ ڏئي ڇڏي،اهو ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو ڌاري لوڌ خيرات ۾ زمينون ڏنيون ويون هجن، بنگلاديش ٽٽڻ کانپوءِ اتان آيل ماڻهن کي به آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حڪمرانن خيرات ۾ زمينون ڏنيون هيون، پر جڏهن ڳالهه سنڌ جي ماڻهن جي اچي ٿي ته ان وقت سنڌ جي حڪمرانن ۽ وفاقي حڪومت وٽ وسيلن جي کوٽ پيدا ٿي  وڃي ٿي، تازو ئي وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ ڪشميرين کي سنڌ ۾ زمينون ڏئي آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ جي حڪمرانن لبيڪ چوڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ خالي پيل سرڪاري زمين جا انگ اکر وفاقي سرڪاري ڏانهن موڪلي ڇڏيا، پر جڏهن سنڌ جي بي گهر ٿيل ماڻهن زمينون گهريون ته انهن کي ڪجهه به نه ڏنو ويو، بدقسمتي سان سنڌ اندر ڌاري لوڌ کي وفاقي توڙي صوبائي سرڪار جو ايڏو ته سهڪار آهي جو هر اداري ۾ لڳي وڃن ٿا پر سنڌين جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا، جنهن تي هر ڪو خاموش آهي، ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ سنڌي نوجوانن جي داخلائن جو معاملو هجي يا وري هاسٽل ۾ رهائش، هر معاملي تي سنڌ سرڪار ڪن لاٽار ڪري رهي آهي، سنڌ پوليس ۾ به ڌارين جي لوڌ کي ڀرتي ڪري سنڌ جي نوجوانن جا حق غضب ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ جا نوجوان سرڪاري نوڪرين لاءِ احتجاج ڪن ته انهن تي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا پر سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ڌاري لوڌ خلاف قدم کڻڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي.

بهرحال وفاقي گهرو وزير شيخ  رشيد ڪا نئين ڳالهه نه ڪئي آهي، ان ته سنڌي قوم جون اکيون کوليون آهن ته سنڌ سان ستر سالن کان اهو حشر ٿيندو پيو اچي، سنڌي پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ به نٿا ٺهرائي سگهن ڇو ته ڪجهه سنڌ دشمن ڌرين کي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ موجودگي پسند ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن  سنڌي نوجوانن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڪراچي جا ٺهي ويا  ته اهي ڊوميسائل به ٺهرائي وٺندا ۽ کين سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ ڌاري لوڌ کي ڀرتي ڪرائڻ ۾ تمام گهڻيون ڏکيائون اينديون، جنهن سبب  نادرا آفيسز ۾ سنڌين سان  اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ته سنڌي ڪي ڀارت مان هجرت ڪري آيا هجن ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيل ڌاري لوڌ ڪراچي جا اصل وارث هجن، افسوس سان چوڻو  پئجي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ موجود سمورين نادرا آفيسز ۾ سنڌين سان تمام برو  سلوڪ ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ جماعت خاموش تماشائي بڻيل آهي، جنهن کي اهڙي حساس معاملي  تي ڪجهه به فرق نه ٿو پوي، ايتري قدر جو انهيءَ جماعت جا ڪجهه اڳواڻ اهو به چوندا آهن ته ڌاري لوڌ کي ڪارڊ ٺهرائي ڏيندا پوءِ ڀلي اهاڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، ان تي انهن کي ڪو به فرق نه پوندو، جڏهن سنڌ جي حڪمران جماعت اڳواڻ پاڻ ئي ايئن چون ته پوءِ ڪيئن اسان چئي سگهون ٿا ته رڳو وفاقي سرڪار جو ڏوهه آهي؟

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي اهڙي بيان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ملڪ جي قيام کان هيل تائين سنڌي ماڻهن کي ڀت سان لڳايو ويو آهي رڳو سنڌين کي ڪيئن اقليت ۾ تبديل ڪجي، انهيءَ منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي، ڪڏهن آپريشن جي اوٽ وٺي سنڌ ۾ ڌاري لوڌ کي آبادڪيو ويو ته ڪڏهن وري سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ ڌاري لوڌ کي ڀرتي ڪيوويو، ڪڏهن سنڌ جي يونيورسٽي ۾ غير سنڌي نوجوانن جي داخلائن لاءِ ڪوٽا وڌائي وئي ته ڪڏهن وري سنڌ جي گادي واري شهر ۾ هڪ دشتگرد تنظيم پاران سنڌي نوجوانن جي داخلائن تي پابندي لڳرائي وئي، پر ان وقت به سنڌ جا حڪمران خاموش هئا، اڄ به شيخ رشيد واري بيان تي خاموش آهن، هونئن به سنڌ ۾ رهندڙ بيهاري، بنگالي، برمي ۽ افغاني غيرقانوني طور ترسيل آهن پوءِ آخر حڪومت انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري مامري تي ايتري سنجيده ڇو آهي؟ هڪ طرف حڪمران رڙيون ڪري رهيا آهن ته ملڪ جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي ته ٻئي طرف وري پناهگيرن لاءِ سرحدون کوليون ويون آهن، سنڌ جي ماڻهن کي چيو پيو وڃي ته ٻه ٻار خوشحال ڪٽنب جي ضمانت آهي، ڇا ڌاري لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ سان آبادي گهٽجي ويندي، جيڪڏهن نه ته پوءِ غيرقانوني طور ترسيل غيرملڪين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس ڇو نه ٿو موڪليو وڃي؟ آخر سنڌ جا حڪمران سرحدن کي ايترو محفوظ ڇو نه ٿا بڻائن ته ڪو ڌاريو سنڌ ۾ غيرقانوني طور تي داخل نه ٿي سگهي، آخر ڪيستائين اسان سنڌ دشمنن جي سازشن جو شڪار ٿيندا رهنداسين.سنڌ جي قومپرست ڌرين کي ان معاملي تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪري اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي.

No comments:

Post a Comment