Pages

Tuesday 27 April 2021

سفري سهولتن جو منتظر سنڌ جو عوام

صاحب خان ڀٽي

اڄ جي جديد ۾ سڄي دنيا ۾ عوام کي بهتر کان بهتري سفري سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر جيڪي روڊ رستا ٺهيل آهن، انهن کي به ڊاهي انساني حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن، هن ملڪ ۾ روڊ پهرين ٺهندو آهي ۽ بعد وري گئس يا گٽر لائين جو پائيپ وڇائڻ لاءِ ان روڊ کي ٽوڙي عوام لاءِ عذاب بڻايو ويندو آهي، اهو سلسلو هن ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي،  ڪراچي ۾ به اڳ ۾ روڊ ٺاهي ٻه ٽي مهينا عوام کي خوش ڪيو ويندو  آهي، بعد ڪو نه ڪو ادارو ان کي ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڊاهي کنڊر بڻائي هليوويندو آهي، پي ٽي سي ايل هجي، واٽر بورڊ هجي يا گٽر جا پائپ وڇائڻ جو ٺيڪو وٺندڙ ٺيڪيدار، سڀني جو هڪ ئي هوندو آهي ته روڊ کي  ٽوڙي واپس هليا ويندا آهن، بعد عوام پيو  ڀوڳيندو آهي، هن وقت خاص طور سنڌ ۾ صرف  ٻين صوبن جي ماڻهن کي خوش ڪرڻ ۽ دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهي آهي ۽ پنهنجي ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ روڊ ڪراچي کان سکر تائين بهتر نموني ٺاهيو ويو آهي ته جيئن ڌاري لوڌ کي اچ وڃ ۾ ڏکيائون پيش نه اچن، باقي سنڌ جا اصلوڪا رهواسي ڀلي بنيادي سهولتن کان محروم هجن، انهن کي ڪو به فرق نه ٿو پئي، سنڌ جا اٻوجهه ماڻهو جن ماڻهن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻين ٿا، اهي نه ته ترقياتي ڪم ڪرائن ٿا نه ئي وري عوام جي ڪا سار سنڀال لهن ٿا، آمرتي دور هجي يا جمهوريتي دور  سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ رهندڙ سنڌ جي وارثن کي سمورن بنيادي  سهولتن کي محروم رکيو ويو آهي، اهو سلسلو هن ملڪ جي قيام کان وٺي هلي رهيو آهي، ڌارين جي لوڌ هزارن ۾ هجي ته انهن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن، جيئن ڪراچي ۾  غيرقانوني رهندڙ بنگالي، بيهاري ۽ برمين جي علائقن مان نظر اچي رهيو آهي.  باقي جن علائقن ۾ سنڌي رهن ٿا اتي نه ته بجلي وقت تي اچي ٿي، نه ئي وري اتي گئس جو پريشر صحيح هوندي آهي، رات جي وقت ته گئس بند ئي ٿي ويندي آهي، بجلي ڪجهه ڪلاڪ نه وڃي ته ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن ته ڪي اليڪٽرڪ وارن کي اڄ ڇا ٿي ويوآهي، يا وري ڪي اليڪٽرڪ وارن کي ڪراچي جي سنڌي وسندين تي رحم اچي ويو آهي؟ جو بجلي بند نه ٿا ڪن، بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند هجڻ باوجود بل هزارين روپين جا اچن ٿا پر انهن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي، سڄو سڄو ڏينهن بجلي بند ڪرڻ  واري مامري جو آخر ڪير نوٽيس وٺندو، جتي غيرقانوني طور ترسيل ڌاري لوڌ رهي ٿي، اتي بجلي هڪ ڪلاڪ به نه ٿي وڃي، اها سنڌين سان  اصل دشمني نه آهي ته پوءِ ڇا آهي، ايئن ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا ناهن ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺاهيا ويا هئا، هاڻ اهي کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، دادو ضلعو اهو واحد ضلعو آهي، جيڪو  ڪنهن زماني ۾ پيپلزپارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي پر اتي به روڊ رستا کنڊر بڻيل آهن، سيوهڻ کان ڄامشورو وارو روڊ ته قاتل بڻجي ويو آهي، ٻين روڊن تي به حادثا ٿي رهيا آهن، هڪ طرف روڊن جي حالت انتهائي بري آهي ته مٿان وري ڊرائيورن پاران مقابلي ۾ اوور ٽيڪ ڪرڻ يا وري موبائل استعمال ڪرڻ سبب انساني جانيون زيان ٿي وڃن ٿو، تازو ئي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ خيرپور ۾ ڪافي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيو آهن پر حڪومت هيل تائين  اهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، خاص طور تي وڏيون  مسافر گاڏيون نه هلڻ جي ڪري ويگنون ۽ ڊوم نالي هلندڙ گاڏين انساني حياتين لاءِ خطرو بڻجي ويون آهن، مسافر بسون هن وقت سنڌ ۾ نالي ماتر رهيون آهن، ڪراچي کي  به افغانستان بڻايو ويو آهي، جتي افغانستان جهڙيون مسافر بسون رهيون آهن ۽انهن کي هلائيندڙ به اتان جا ماڻهو ئي لڳي رهياآهن، ايم ڪيو ايم جي دور ۾ جيڪي ڪروڙين روپين جون مسافر بسون خريد ڪيون ويون ۽ انهن لاءِ جيڪي ڊرائيور رکيا ويا آهن، جن کي سرڪار جي خزاني مان پگهارون ڏنيون وينديون هيون، اهي بسون ڪاڏي ويون،ڪنهن کي ڪار خبر نه آهي، اسان جا ميونسپل  ملازم پگهارن لاءِ  سراپا احتجاج بڻيل آهن پر انهن گاڏين جا لاءِ رکيل عملي هن وقت تائين احتجاج ناهي ڪيو نه ئي وري جيڪو سٽي وارڊ نالي متحده پاران ادارو ٺاهيو ويو، انهن ڪڏهن پگهارن احتجاج ڪيو بس پگهارون بند ڪرڻيون هجن ته سنڌين جون ڪيون وينديون هيون، روڊ رستا تباهه ڪيا ويندا آهن ته رڳو  سنڌي وسندين جا ڪيا ويندا آهن،ترقياتي ڪم ٿيندا آهن ته سنڌخلاف ڳالهائيدڙ  غير سنڌين جي علائقن ۾ ٿيندا آهن، سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان حڪومت ڪندڙ پارٽي هيل تائين نه ته سنڌ جي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري سگهي آهي نه ئي وري سنڌ جي ماڻهن کي بهتر  سفري سهولتون فراهم ڪيون آهن،اسان جي ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ وارو کاتو ته آهي پر اهو کاتو ڪهڙو ڪم ڪري ٿو، ڪا خبر نه آهي، ڪڏهن  معصوم شاگرد فوت ٿي وڃن ٿا ته ڪڏهن  انهن روڊ حادثن ۾ قيمتي انساني جانيون زيان ٿي وڃن ٿيون پر حڪومت کي ڪو به فرق نه ٿو پئي ته آخر اهي حادثا ڇو ٿي رهيا آهن، نه ته روڊن تي اسٽريٽ لائيٽون آهن نه ئي  وري اڪثر شهرن ۾ روڊ رستا بهتر نموني ٺهيل آهن، رڳو ڪراچي کان لاهور تائين جيڪو روڊ ٺاهيو  ويو آهي ان تي موٽروي پوليس نظر اچي ٿي پر هيل تائين نه ته گئس سلينڊر تي هلندڙ گاڏيون ختم ٿي سگهيون آهن نه ئي وري سيکاٽ ڊرائيورن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ڪڏهن حادثا روڊ صحيح نه هجڻ جي ڪري ٿيندا آهن ته ڪٿي وري اوور ٽيڪ  ڪرڻ سبب گاڏيون ٽڪرائجي وينديون آهن، ته ڪٿي وري ڊرائيورن پاران موبائل فون استعمال ڪرڻ جي ڪري انساني حياتيون داءُ تي لڳي وينديون آهن.

سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فوري طور جيڪي روڊ رستا ٽٽل آهن، انهن  جي ٻيهر مرمت ڪرائي وڃي ۽ سنڌ جي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ٽرين سرو س سڄي سنڌ ۾ بحال ڪئي وڃي، ڀلي ٻين صوبن ڏانهن ٽرين نه هلي ڪو به فرق نه ٿو پئي ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڻهن کي ٽرين جي سفري  سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن زراعت  سان لاڳاپيل ماڻهن کي فائدو ٿي سگهي ۽ ٽريفڪ جو آزار جيڪو وڌي رهيو آهي، اهو به گهٽجي وڃي،  ڪراچي کان ڪشمور تائين حڪومت پاران ڪا به ٽرانسپورٽ نه هلائڻ جي ڪري ٽرانسپورٽ مافيا عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، ڀاڙا ايترا ته مهانگا ڪري ڇڏيا اٿن ته جو عوام سفر ڪرڻ کان اڳ به سوچي ٿو، رڳو ڪراچي ۾ ئي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين وڃڻ لاءِ رڪشي وارو 14 سئو کان 15 سئو روپيا وٺي ٿو، جيڪڏهن رڳو ڪراچي ۾ ايترو ڀاڙو ورتو وڃي ته اها سراسر زيادتي آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته حڪومت شهرين کي ڪا به هيل تائين سفري  سهولت فراهم ناهي ڪري سگهي، ماضي ۾ جيڪي ڪراچي لاءِ گرين بس شروع ڪئي وئي هئي، ان تي ڪروڙين روپيا ته خرچ ڪيا ويا پر انهيءَ لساني تنظيم جي ڪري اهي گاڏيون اڄ ڪلهه نظر ئي نه پيون اچن ته ڪا ڏي هليون ويون نه وري هن ملڪ ۾ اهڙين لساني تنظيمن کان ڪو به حساب ڪتاب وٺڻ وارو آهي،  سنڌ حڪومت کي گهرجي ته گرين بسون جيڪي گم ٿي ويون آهن،ا نهن کي هٿ ڪري شهرين کي سفري سهولتون فراهم ڪري ۽  ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به سرڪاري سطح تي وڏيون بسون هلايون وڃن ته جيئن عوام جي قاتل بڻجي ويل  ويگنن، ڊومز ۽ٻين ننڍين گاڏين کان جند آجي ٿي سگهي ۽ ڪيترائي گهر اجڙڻ کان بچي سگهن.

No comments:

Post a Comment