Pages

Tuesday 27 April 2021

ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽين لهر ۽ مهانگائي سٽيل عوام

صاحب خان ڀٽي

تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ملڪ معاشي بحران جي ور چڙهي ويو آهي،  حڪومت جي پاليسين جي ڪري عوام بک، بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت جي ناڪام پاليسين جي ڪري هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، ڪيترن ئي سرڪاري ملازمن کي  به نوڪريون ته برطرف ڪيو ويو  آهي، ماڻهو روزگار ۽ ٻن ويلن جي ماني جو پريشان ٿي ويا آهن ته مٿان وري ڪورونا وائرس اسان جو پيڇو ڪرڻ ڇڏي ئي نه ٿو، جن ماڻهن وٽ هڪ ويلي جي ماني کائڻ جا پئسا نه آهن، اهي آخر ماسڪ، سينيٽائزر ۽مهانگا هٿ ڌوئڻ وارا صابڻ ڪٿان خريد ڪندا، حڪومت رڳو اعلان ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت هجي يا وري صوبائي حڪومتون رڳو سخت پاليسيون اختيار ڪري رهيون آهن، اڳ ئي ماڻهو روزگار نه هجڻ جي ڪري آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ان موقعي تي ڪاروبار بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سان عوام ٻٽي عذاب ۾ جو شڪار ٿي ويو آهي، حڪومت لاڪ ڊائون سٽيل دڪاندارن ۽  ننڍن واپارين توڙي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هيل تائين ڪا پرگهور نه لڌي آهي، خاص طور سنڌ ۾ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، پاڻي نه هجڻ جي ڪري زراعت کي نقصان ٿي رهيو آهي، مٿان وري فيڪٽريون بند ٿيڻ جي ڪري ماڻهو روزگار لاءِ پريشان ٿي ويا آهن ۽ سنڌ جا حڪمران ڪورنا جي ٽين لهر باوجود هيل تائين ٻين صوبن مان  مايندڙ ماڻهن جي لوڌ کي روڪي ناهي سگهي، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون، ڪنهن به وقت ٻين صوبن مان آيل ماڻهن جي ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪورونا وبا ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا، جيئن هن وقت پنجاب ۾ صورتحال خراب ٿي وئي آهي،ا هڙي صورتحال سنڌ ۾ ٿي سگهي ٿي، هونئن ته حڪومت پابندي لڳائي آهي پر ان تي عملو ٿيندو يا نه؟ ان بابت ڪجهه نه  ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪورنا جي پهرين لهر آئي  هئي، ان وقت به ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا هئا، ٽرين سروس به ڪجهه وقت بند رهڻ کانپوءِ کولي وئي هئي، پر سنڌ حڪومت جي سخت قدمن جي ڪري ڪورونا تي ضابطو رهيو هو پر هن وقت ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ڪورنا جي ٽين لهر انتهائي خطرناڪ آهي ۽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس تمام گهڻا رپورٽ ٿي رهيا آهن، ملڪ ۾ فوتين جو انگ به وڌي رهيوآ هي، جنهن سان ملڪ جي ماڻهن ۾ خوف وڌي رهيو آهي، سنڌ حڪومت کي  گهرجي ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جي سنڌ ۾ اچ وڃ تي  پابندي لڳائي ته جيئن هن عالمي وبا  جو  مقابلو ڪري سگهجي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  حڪومتي ناقص پاليسين ي ڪري سنڌ ۾ صحت  جون ڪي به بهتر سهولتون  نه آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ ڪڏهن معصوم ٻارڙا اڙري وگهي فوت ٿي رهيا آهن ته ڪڏهن ايڊز، ٽي بي ۽ ڪاري سائي جهڙي موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، حڪومت کي سڀ خبر آهي ته سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ورچڙهيل آهن ۽ انهن وٽ خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ جي سگهه به نه آهي، ان باوجود حڪومت اکيون ٻوٽي ويٺي آهي، جڏهن به ڪورونا جي ٽيسٽ ٿئي ٿي ته سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪاري سائي ۽ ٻيون بيماريون ظاهر ٿين ٿيون، جيڪا حڪومت لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي، تازو ئي صوبي ۾ ايڊز ۽ ارڙي بيماري جي ڪري ماڻهو  بيمار ٿيا ۽ ڪيترائي معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا  پر حڪومت رڳو  سيمينار ڪوٺائڻ ۾ پوري رهي  ۽ ارڙي جي بيماري کان معصوم ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ ڪي به  قدم نه کنيا، سرڪاري اسپتالن جو اهو حال آهي ته ڪڏهن ڊاڪٽر ناهن ته ڪڏهن وري انهن جون هڙتالون رهن ٿيون، جنهن سبب مريض دربدر  ٿيندا رهن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو پورو آهي ته اتي وري دوائن جي کوٽ آهي، غريب مريض مهانگيون دوائون خانگي اسٽورن تان خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا، پر سنڌ جي صحت کاتي جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، حڪمران چئي رهيا آهن ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو علاج ڪرائڻ ايندا آهن، هتي صحت جون سهولتون بهتر آهن، جيڪڏهن ان ۾ ڪا به صداقت هجي ها ته سنڌ جا ماڻهو ڪاري سائي، ٽي بي، ايڊز ۽ ارڙي جهڙي بيماري ۾ فوت نه ٿين ها،  اهڙي بيان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ  ڌارين  لاءِ  ته  علاج جون بهتر  سهولتون آهن پر ملڪ جي عوام لاءِ ڪي به سهولتون موجود نه آهن، سنڌ حڪومت ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀلي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪري پر ان کان اڳ انهن ماڻهن جون حياتيون به بچائي، جن کين ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي، هن وقت سنڌ  حڪومت لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي جو معصوم ٻار ارڙي وگهي فوت ٿي رهيا آهن پر انهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڪي به قدم نه کنيا آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار ارڙي جهيڙي بيماري جي روڪٿام ۾ڪامياب نٿي ٿي سگهي ته پوءِ عالمي وبا ڪورونا جو مقابلو ڪيئن ڪندي؟ ڇا دڪان بند ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي ادارن کي روڊ تي آڻڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو؟ آخر انهن ماڻهن جي سار لهڻ ڪنهن جي زميواري آهي، جيڪي ڏهاڙي تي ڪم ڪندا آهن ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري بي روزگاري کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن وٽ راشن ڪير پهچائيدو؟ اهو لاڪ ڊائون تڏهن ڪامياب ٿي سگهي ٿو، جڏهن غريب ماڻهن  کي راشن فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو گهر ۾ ويهي ڪورونا  صورتحال جو مقابلو ڪري سگهن، ماڻهو هڪ ٻه ڏينهن ته گهر ۾ ويهي سگهن ٿا پر جيڪڏهن لاڪ ڊائون وڌيڪ لڳو ته ڪو به ادارو ماڻهن کي ڪنٽرول ڪري نه سگهندو؟ جنهن جي ڪري حڪومت جي ذميواري آهي ته اڳ ۾ ماڻهن کي کائڻ ۽ پيئڻ جو سامان فراهم ڪري ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻي ته جيئن هو پاڻ کي زنده رکي سگهن، ايئن نه ٿئي جو حڪومت جي ڪورونا کان بچائڻ جي ڪوشش ماڻهن جي بک جي ڪري موت جو ڪارڻ بڻجي وڃي؟

هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جي  ڪري غريب ماڻهو  پريشان آهي ۽ تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ سرڪاري توڙي خانگي ادارن جا ماڻهو  پريشان آهن،  ڪيترن ئي ادارن ۾ مان ماڻهو بي دخل ڪيا ويا آهن،  هونئڻ ته تبديلي سرڪار عوام کي روزگار  ۽ گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ جيترن ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو،  ان کان ٻيڻ تي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي،  جيترا گهر  غريب ماڻهن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، ان کان وڌيڪ سنڌ ۾ غريب ماڻهن جا اجها ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن،   وفاقي حڪومت  ۽ صوبائي  حڪومتن کي عوام کي رليف ڏيڻو پوندو ته جيئن اهي ايس او پيز تي مڪمل طور عمل ڪرائي سگهن، جيڪڏهن  بک جي ڪري حالتون خراب ٿيون ته   ماڻهن روڊن تي هوندا ۽ ڪو  به ادارو  عوام کي روڪي نه سگهندو، اڳ ئي ملڪ ۾ معاشي بحران هلي رهيو آهي، ماڻهو روزگار جي ڪري پريشان آهن، جيڪي مسواڙ تي رهن ٿا، انهن لاءِ مسواڙ ڏيڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي، بجلي  ايتري ته مهانگي ڪئي وئي آهي، جو ڪو سوچي به نه ٿو سگهي، هي اهو واحد ملڪ آهي، جتي بجلي ته  روز مهانگي ڪئي وڃي ٿي پر اهو   فراهم نه ٿي ڪئي وڃي، 24 ڪلاڪن مان رڳو ڇهه  ڪلاڪ  بجلي فراهم ڪري،  ٺوٺ جيڏا بل موڪليا وڃن ٿا، اهڙن ادارن سان ته  غريب ماڻهو وڙهي به نه ٿو سگهي نه ئي وري اهڙن ادارن خلاف احتجاج ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾  غريبن سان  ناانصافي ڪندڙ ادارن خلاف احتجاج ڪرڻ تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيندا آهن،  اهو سبب آهي جو ڪي اليڪٽرڪ کان ويندي سمورن  بجلي فراهم ڪندڙ  ڪمپنين جو ڏاڍ جاري ۽ ساري آهي،  ڳرا بل موڪلڻ باوجود اهي ڪمپنيون صارفين کي بجلي به فراهم نه  ٿيون ڪري سگهن، اهي ادارا اهو سڀ ڪجهه انڪري ڪري رهيا آهن جو انهن کي خبر آهي ته حڪومت ساڻن گڏ آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو احتجاج به ڪندو ته ان تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو؟ حڪومت چئي رهي آهي ته گهرن ۾ ويهو  مٿان وري  بجلي ڪمپنيون بجلي بند ڪري ڪهر جهڙي گرمي ۾ عوام کي پريشان ڪري رهيون آهن. حڪومت کي گهرجي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ سان گڏ عوام کي بجلي، گئس ، پاڻي ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جو بندوبست به ڪري ڏئي ته جئين ماڻهو ٻين پريشانين کان آجو ٿي ڪورونا جو مقابلو ڪري سگهي.

No comments:

Post a Comment