Pages

Friday 16 April 2021

خوشحال ماڻهو خيرات ته ناهن وٺندا؟

صاحب خان ڀٽي

ڪافي عرصي کان ٻڌي رهيا آهيون ته سنڌ جا ماڻهو خوشحال ٿي ويا آهن ۽ سنڌ جي حڪمرانن  سنڌ کي پيرس بڻائي ڇڏيو آهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، اهي سڀ ڪجهه سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي ٻڌايون وينديون آهن ته جيئن  هو وقت سر انهن کي ووٽ ڏئي وري اقتدار ۾  آڻي، بدقسمتي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن مان اچي آباد ٿيل ماڻهو نه ته سنڌ جي حڪمرانن کي ووٽ ڏيندا آهن نه ئي وري انهن کي هو پسند ڪندا آهن، ايتري قدر جو اها ڌاري لوڌ سنڌ جي حڪمرانن  کي ڪرپٽ به سڏيندي آهي پر ان باوجود انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪا ڪسر ناهي  ڇڏيندي، جيڪي اصلوڪا رهواسي ۽ هن ڌرتي جا رهواسي آهن، اهي بيروزگار، بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن، خانگي سيڪٽر هجي يا وري سرڪاري نوڪريون، رڳو ڌاري لوڌ کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، سنڌ جا حڪمران رڳو اقتدار جي نشي ۾ رڌل آهن، جن کي سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ انهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو به منصوبو نه آهي، سنڌ جي سون جهڙي زمين کي ڀڳڙن مٺ ۾ ڌارين کي وڪرو ڪري چيو پيو  وڃي ته ان سان خوشحالي ايندي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي روزگار ملندو، پر انهن حڪمرانن کان ڪير پڇندو ته آخر جيڪي سنڌ جون سرڪاري نوڪرين آهن، اهي ڌارين کي ڪيئن ڏنيون ويون؟ آخر  ڇو سنڌ جا نوجوان سرڪار نوڪرين کان محروم آهن، آخر سنڌ سرڪار ڌاري لوڌ تي ايتري مهربان ڇو آهي جو ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جون سرڪاري نوڪريون ملي وڃن ٿا، سنڌ پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ پٽيوالو به ڌاريو ڪيئن ڀرتي ٿي رهيو آهي ؟ آخر اهو سڀ ڪجهه خلائي مخلوق ته ناهي ڪري رهي، جيئن ڪراچي ۾ اڻڄاتل دهشتگرد رت جون ننديون وهائيندا هئا، جن اسان جي حڪمرانن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نظر نه اينداهئا، ايئن سنڌ ۾ ڌاري لوڌ کي آباد ڪرڻ ۽ انهن کي نوڪريون ۽ گهر به خلائي مخلوق ته ناهي ڏئي رهي، ان جو جواب ته سنڌ جي حڪمرانن وٽ هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪافي عرصي کان اقتدار ۾ ويٺل آهن، ڌاري لوڌ کي سموريون سهولتون ميسر آهن ۽ ڌرتي ڌڻين جا گهر بجلي، گئس ۽ پاڻي جهڙي سهولت کان محروم آهن.آخر انهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟

اسپتالن ۾ دوائون نه ٿيون ملن، ڊاڪٽر ۽ عملو خانگي ڪلينڪن کي وڌيڪ وقت ڏئي ٿو، اسڪولن ۾ استاد پڙهائڻ نه ٿا اچن، گئس، بجلي ۽ ٻين مطالبن لاءِ ڪو ڌرتي ڌڻي احتجاج ڪري ته انهن تي  لٺبازي ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، آخري خوشحال سنڌ جا ماڻهو ايترا بدحال ڇو آهن، ڇو سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي  سهولتون فراهم ڪرڻ بدران ٻين ملڪن مان آيل لوڌ کي نوازڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، سنڌ جي ماڻهن کي ڏينهون ڏينهن پٺ تي ڌڪڻ جون ڪوشش ڪير ڪري رهيو آهي،  سنڌ جي هڪ وڏي جماعت ڪافي عرصي کان سنڌ تي حڪمران ڪري رهي آهي، جنهن هيل  تائين روزگار جا  در سنڌين لاءِ ناهن کوليا، پوليس کان ويندي ٻين سمورن کاتن ۾ ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، ڇا سنڌي ايترا خوشحال ٿي ويا آهن، جو ٻين صوبن جي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون ڏئي پاليو پيو وڃي؟ هتي يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪري سنڌ جا نوجوان نوڪرين لاءِ دبدر شڪار آهن، انهن کي نوڪريون نه ٿيون ملن، جڏهن سنڌ  تي حڪمراني ڪندڙ جماعت تي ڪو وڃي ٿو ته اهي وري سنڌين کي نوڪريون ڏيڻ بدران ڪاروبار شروع ڪرڻ جو مشورو ڏين ٿا، آخر اهو مشورو ڌاري لوڌ کي ڇو نه ٿو ڏنو وڃي، آخر انهن کي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻي نوڪريون ڇو ٿيون ڏنيون وڃن، ها اگر سنڌ جا سمورا پڙهيل لکيل نوجوان  سرڪاري نوڪرين سان لڳل هجن ها ۽پوءِ به جڳهون خالي هجن ها ته اتي ڌاري لوڌ کي  ڀرتي ڪيو وڃي ها ته اسان ان تي اعتراض به نه ڪيون ها پر هتي سنڌ جي نوجوان کي پٽيوالي جي  نوڪري به نٿي ملي ۽ ٻين صوبن جي وڏين وڏين پوسٽن تي مقرر ڪيو ويو آهي، ايئن خانگي سيڪٽر ۾ به  ڌاري لوڌ کي ٻين صوبن مان آڻي روزگار سان لڳايو پيو وڃي، اصلوڪن رهواسين  لاءِ در بند ڪيا ويا آهن، اها وڏي سازش نه آهي ته پوءِ ڇا آهي ايتري قدر جو سنڌ جي يونيوسٽين ۾ افغانستان ۽ ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ در کليل آهن پر سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ڌرتي ڌڻين لاءِ در بند ڪيا ويا آهن، انهن ادارن ۾ سنڌ جي دشمنن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، جن جا پيٽ سنڌ جي ٽيڪس تي پلجن ٿا ۽ منافقت به سنڌ جي نوجوانن سان ڪري رهيا آهن، انهن شاگردن کي گادي واري شهر جي يونيورسٽين ۾داخلائون ملي به وڃن ته اتي ڀرتي ٿيل تعصب پرست ۽ سنڌ دشمن عملو سنڌي نوجوانن کي اڳتي اچڻ کان روڪيندو رهيو آهي، پهرين اهي تعصب پرست سنڌي نوجوانن جي داخلائن ۾ رڪاوٽ بڻجندا آهن، جيڪڏهن هو داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ته انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هيسائيندا رهندا آهن، ڪڏهن فيل ڪري ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن هاسٽل مان بي دخل ڪيو ويندو آهي، شاگردن جي احتجاج باوجود سنڌ سرڪار جون اکيون نه کلنديون، جيڪڏهن اتي ڪو ڌاريو سنڌ خلاف بغض رکندڙ  احتجاج ڪري ته وزير آڌي رات جو پهچي ويندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته اسان هتي پناهه ورتي آهي ۽ جن افغانستان، بنگلاديش، برما ۽ ڀارت مان اچي سنڌ ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل آهن، اهي سنڌ جا وارث آهن، جن جي اشاري تي اسان جي حڪومت هلي رهي آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته انهن کي ايتريون سهولتون نه ملن ها.

خوشحال سنڌ جا خواب ڏيکاريندڙ حڪمرانن سنڌ جي  غريب ۽ مستحق ماڻهن کي  روزگار ڏيڻ بدران خيرات جا پئسا وٺڻ لاءِ قطارن ۾ لڳائي ڇڏيو آهي، ڪراچي کان ويندي ڪشمور  تائين جيڪي به بينظير انڪم سپورٽ مطلب احساس ڪفالت سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، اتي مستحق ماڻهن جون قطارون لڳيون پيون آهن، جن جي گهرن ۾ ڪمائڻ وارو ڪير به مرد نه آهي يا وري آهي ته پيرسن آهن، اهي ماڻهو 12 هزار روپيا وٺڻ لاءِ قطارون لڳائي انتظار ڪندا رهن ٿا، اتي مقرر عملو جن جي گهرن ۾ سموريون سهولتون موجود آهن پر ان باوجود کين حرام کائڻ جي عادت پئجي وئي آهي، جيڪي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به مستحقن جي پئسن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ ۾ رڌل آهن، جيڪي سينٽر  سڄي سنڌ ۾ قائم ڪيا ويا آهن،  اتي موجود عملو ايئن سمجهندو  آهي، اهي پئسا سندن پيءُ جي کيسي مان وڃي رهيا آهن، اسان کي به جڏهن پگهار ملندي آهي ته اڪائونٽنٽ پئسا ڏيڻ ۾ ايتري دير ڪندو آهي جو لڳندو آهي ته اهو پنهنجي کيسي مان ڏئي رهيو هجي، مالڪن پاران پگهار ڏيڻ باوجود اڪائونٽنٽ جي دل چاهيندي ته ورڪرن کي پگهار ملي، ايئن  احساس ڪفالت  سينٽر تي مقرر عملي جو رويو آهي، جيڪي پلجن ته انهن غريبن جي ٽئڪسن جي پئسن تي ٿا پر  انهن جو رويو مالڪاڻو هوندو آهي، جيئن هو پنهنجي کيسي مان پئسا ڏيندا هجن، کين  ايترو شرم به نه هوندو آهي ته اهي مستحقن جو حق کائي رهيا آهن، اهو سڀ ڪجهه  ان ڪري ٿي رهيو آهي جو حڪومت پاڻ اهڙي ڪرپشن کي ختم نه ٿي ڪرڻ چاهي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار چاهي ته  اهي سمورا احساس ڪفالت سينٽر بند ڪري خانگي بئنڪن ۾ سمورن مستحقن جا اڪائونٽ کولرائي سڌي ريت انهن جي اڪائونٽن ۾ رقم منتقل ڪري سگهي ٿي پر ايئن ٿيو ته اهڙن حرام خورن جا حرام کائڻ وارا در بند ٿي ويندا، جيڪي سينٽرن تي  مستحق عورتن جي تذليل ٿا ڪن، اتي موجود عملي جا کيسا خالي ٿي ويندا، جيترا پئسا  مستحقن ۾ رقم ورهائيندڙن تي خرچ ڪيا وڃن ٿا، انهن پئسن سان اڃا به وڌيڪ ماڻهن جي مدد ٿي سگهي ٿي، انهن احساس ڪفالت سينٽرن  مان جند آجي ڪرائي سمورن مستحقن جا اڪائونٽ کولرايا وڃن ته جيئن ڪو  ايجنٽ مستحق جي رقم مان ڪٽوتي نه ڪري سگهي.

جيئن رمضان جي ڀلاري مهيين ۾ احساس ڪفالت جي وظيفي جي رقم جاري ٿي  آهي، هر شهر ۾ مستحقن جون قطارون لڳل نظر اچي رهيون آهن، اهو ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو  احساس ڪفالت سينٽر  تي مقرر عملو  دنيا کي ڏيکارڻ چاهي ٿو ته  انهن تي تمام گهڻو ڪم جو بار آهي ۽ جيڪا پئسن جي ڪٽوتي ٿي رهي آهي، اهو انهن جو حق آهي پر افسوس جو حڪومت اهڙن خلاف هيل تائين اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي آهي، جيڪي ڪٽوتي ڪن ٿا گرفتار به ٿين ٿا پوءِ انهن کي باعزت بري ڪيو وڃي ٿو، حڪومت  جيڪڏهن انهن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري ته انهن کي همت ئي نه ٿيندي پر انهن کي خبر آهي ته سنڌ جا حڪمران پاڻ کي ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي  انهن خلاف ڇا  ڪارروائي ڪندا، جنهن سبب اهي پاڻ کي قانون کان مٿانهن سمجهي رهي آهي. هن وقت جهڙي ريت مستحقن جون نٽهڻ اُس ۾ قطارون لڳل نظر اچي رهيون آهن، جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪمران جماعت ڳچ عرصو حڪومت ۾ رهڻ  باوجود سنڌ جي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، جيڪڏهن حڪومت ڌاري لوڌ کي خوش ڪرڻ بدران سنڌ جي ماڻهن لاءِ روزگار جا وسيلا پيدا ڪري ها ته اڄ ايترا مستحق ماڻهو خيرات جا پئسا وٺڻ لاءِ  قطارون لڳائي نه بيهن ها، سنڌ جو دشمن به اهو ئي چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي ۽  بيروزگاري جو شڪار هجن ته جيئن اهي پنهنجو حق نه گهري سگهن، جنهن سبب روزگار جا سمورا در سنڌ جي ماڻهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، ڪن روزگار نه ملڻ جي ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو ته ڪن وري بک ۽بدحالي کان بچڻ لاءِ حڪومت پاران خوشحال سنڌ جي غريب ماڻهن لاءِ جاري ڪيل وظيفي جي رقم کي ترجيح ڏني،  نٽهڻ اُس ۾ لڳل سنڌ جا اصلوڪن ماڻهن جون وظيفي جي رقم لاءِ لڳل قطارون  وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جي منهن تي چماٽ آهن، جن  سنڌ جي ماڻهن جو اهڙو حشر ڪيو آهي جو هاڻ انهن جو پيٽ پالڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي، ڪوئلو، گئس، پيٽرول ۽ ٻين معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ جا ماڻهو  ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن ۽ ڌاري لوڌ کي  سرڪاري توڙي خانگي سيڪٽر ۾ نوڪريون ڏئي ٺٺ ڪرايا پيا وڃن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي وظيفي جي رقم لاءِ ذليل ۽ خوار ڪيو پيو وڃي.

No comments:

Post a Comment