جهڏي ۾ مرچ
جي پيداوار سڀ کان وڌيڪ ٿيندي آهي، جنهن سبب هتي دنيا جي سڀ کان ٻئي وڏي مرچ منڊي لڳندي
آهي، جتي ڏيهه توڙي پرڏيهه کان ايندڙ واپاري مرچ خريد ڪندا آهن.
حڪومتي بي
ڌياني سبب جهڏي ۾ مرچ منڊي قائم مرچ منڊي
جي عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي، پر پاسي هن وقت تائين به اختيار ڌڻي ڌيان
ناهي ڏنو.
1982ع ۾ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين حاجي رسالدار
عبدالعزيز قائمخاني مرچ منڊي تعمير ڪرائي جنهن تي سوا ٽي لک روپيا لاڳت آئي، جيڪا چار ايڪڙن تي ٺهيل آهي.
مرچي
منڊي ۾ 24 دڪان، مزدورن لاءِ ڪينٽين، هڪ
مسجد ۽ هڪ وڏو گرائونڊ پڻ ٺهرايو ويو هو، جتي هر سهولت پڻ فراهم ڪئي وئي هئي، اها هن
وقت به ڪروڙين روپين جي ملڪيت آهي، پر انتظامي لاپراوهي سبب تباهه ٿي چڪي آهي.
1982 ع ۾ تعمير ٿيل
مرچ منڊي ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه کان واپاري مرچ خريد ڪرڻ ايندا هئا پر هاڻ پرڏيهي
واپارين خريداري بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب هتان جي مرچ جي واپاري طبقي کي ڪاپاري
ڌڪ رسيو آهي.
واپارين سنڌ
ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مرچ منڊي جي تباهي سبب هو تڪليفن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن... ايس او ٽي.
مرچ منڊي جي
عمارت جي زبون حالي سبب هاڻي ڪاروبار منڊي بدران شهر جي اسٽيشن روڊ ۽ مختلف بازارن
۾ ٿي رهيو آهي، جنهن سبب شهري ساهه جي بيماري سبب چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي
ويا آهن.
شهرين سنڌ
ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مرچ جي
دز سبب کين ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي
آهي، مرچ منڊي جو
مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن مرچ جو
ڪاروبار شهر کان ٻاهر ٿي سگهي....ايس او ٽي.......
ضرورت ان
ڳالهه جي آهي ته وڏي وزيرٰ سيد سنڌ سيد
قائم علي شاهه ۽ ٻيا وس وارا معاملي جو
نوٽيس وٺي مرچ منڊي جي ٻيهر تعمير ڪرائن ته جيئن
جهڏي جا واپاري ۽ مزدور طبقو فاقا ڪشي واري زندگي کان بچي
سگهي...............
No comments:
Post a Comment