Pages

Tuesday 13 April 2021

 سنڌ جو گادي وارو شهر  عالمي يتيم خانو ته ناهي..!!

صاحب خان ڀٽي

هونئن ته سنڌ جو گادي وارو شهر انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي پر ٽريفڪ جام شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏي ٿو، پر وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار وٽ هن عالمي يتيم خاني کي ٽريفڪ جي مسئلي مان ڇٽڪاري لاءِ ڪا به حل نه آهي، جنهن سبب عوامي مسئلو حل ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، هر ٻاهريون آيل ماڻهو هن شهر کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اصلوڪا وارث خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڪو هن شهر کي يتيم سمجهي حڪمراني جا خواب ڏسي رهيو آهي ته ڪو وري هن شهر ۾ رتوڇاڻ ڪري هن شهر جي يتيم ماڻهن جون ننڊون ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن شهر کي عالمي يتيم خانو ان ڪري چئي رهيو آهي ته ملڪ جي قيام کان هيل تائين نه صوبائي سرڪار نه ئي وفاقي سرڪار پرڏيهين جي غيرقانوني آمد کي روڪيو آهي نه ئي وري انهن کي واپس موڪلڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي آهي، جنهن سبب هن شهر جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ان مان سڀ کان وڏو مسئلو ٽريفڪ جام هئڻ جو به آهي، هر ڪو ادارو  هن شهر کي لاوارث سمجهي ڦرلٽ ڪري رهيو آهي، ڪڏهن خيرات جي نالي تي زمينون وٺي وڏا شاپنگ مال، سينيما گهر ۽ غير قانوني شادي هال ٺهرايا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري روڊن تي حددخليون  قائم ڪيون وڃن ٿا پر انهن کان ڪو پڇڻ لاءِ نه آهي، نه ئي ڪنهن کي ان جي ڪا ڳڻتي آهي، هن شهر جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، جڏهن ڪو شهرلاوارث هوندو ته ان شهر ۾ ڪٿان کان به ڪو به اچي بدمعاشي ضرور ڪندو، ايئن  هن لاوارث شهر ڪراچي سان ٿي رهيو آهي، نالو تبديل ڪرڻ سان سڃاڻپ ته هن شهر جي تبديل نه ٿي آهي پر ملڪ جي قيام کان پوءِ  هي  پرامن شهر ڀارت ۽ افغانستان جي دهشتگردن جي نشاني تي اچي ويو، جيڪي ڪنهن به وقت چاهين هن شهر کي جام ڪري سگهن ٿا، اها دهشتگردي سوچ هن وقت  ٻوٽي مان وڻ ٿي چڪي آهي، جنهن کي هن يتيم شهر ۾ اصلوڪن وارثن جي موجودگي پسند نه آهي، عوام کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ حڪمرانن کي هن شهر سان لڳاءُ ته آهي پر سنڌ ڌرتي جي اصلوڪن وارثن  جي جان ۽ مال جي حفاظت جو ڪو به فڪر نه آهي، دهشتگرد ڪنهن به وقت ڪنهن سنڌي کي قتل ڪري ڇڏين، انهن کي ڪو به چوڻ نه آهي، هن  شهر ۾ افغانستان، بنگلاديشن ۽ ڀارت مان آيل دهشتگرد کلي عام گهمي رهيا آهن، جيڪي ڪنهن به وقت ڪٿي به بيهي ڪنهن به شهري کان ڦر ڪري سگهن ٿا، جيڪي ڪنهن به سنڌي کي روڪي ان کي قتل ڪري ڇڏين ٿا پر سنڌ جي حڪمرانن جي وات مان هڪ لفظ به نٿو نڪري، هن عالمي يتيم شهر ڪيترن ئي پناهگيرن کي پناهه ڏني آهي، بدلي ۾ انهن پنگاهگيرن هن شهر جي اصلوڪن وارثن جو رت وهايو  آهي، جيڪو سلسلو اڄ ڏينهن تائين بند ناهي ٿي سگهيو، روڊن تي گندو ڪچرو کڻندڙ افغاني به سنڌي کي پٿر هڻي بيدردي سان ماري وجهي ٿو پر سنڌ سرڪار ڌارين جي لوڌ کي هن شهر  مان ڪڍڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه ٿي جوڙي، جنهن سبب سنڌي قوم مايوسي جي شڪار ٿيندي پئي وڃي.

ڪجهه وقت هن شهر جو سڀ کان وڏو مسئلو بدامني هو، ڇاڪاڻ ته هڪ دهشتگرد تنظيم هن شهر کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش هئي، ان کان اڳ پنجاب جا ماڻهو هن شهر کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا هئا، جڏهن اهي ڪامياب نه ٿيا ته هڪ لساني دهشتگرد تنظيم کي اڳتي آندو، جنهن ايندي ئي سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جتي به ڌاري لوڌ آباد هئي، اتي ته ترقياتي ڪم ٿيا پر سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي ڳوٺاڻن جو درجو ڏئي اتي ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو، ڌاريو بلڊر  ايڏو ته طاقتور هو جو  اهو طاقتور ڌرين سان گڏجي ڳوٺن تي ڪاهه ڪرائيندو رهيو ۽ سنڌي وسنديون ڊاهيندو رهيو پر ان خلاف سنڌ سرڪار ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، اڄ به سنڌي وسنديون غيرقانوني قرار  ڏئي ڊاهڻ جو سلسلو جاري آهي، پر جتي به غير قانوني طور تي افغاني، بنگالي، بيهاري ۽ برمي ترسيل آهن، اتي نه ته پوليس وڃي ٿي نه ئي ڪو بلڊر انهن کي ڊاهڻ جي ڪوشش  ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته هن شهر کي فتح ڪرڻو آهي ته سنڌين کي هن شهر مان بي دخل ڪرڻو پوندو ۽  سنڌ سرڪار ۾ويٺل ڪامور سڀ ڪجهه معلوم هوندي به ڪجهه نه ٿا ڪن ۽ بلڊر مافيا ڳوٺ ڊاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. هن وقت به ڪيترن ئي سنڌي ڳوٺن تي بلدرن جي تلوار لٽيڪل آهي،  مٿان وري  ملير ۾ ٻني ٻارو ڪري پيٽ گزر سفر ڪندڙن لاءِ به سازشون تيار ڪيون ويون آهن ته انهن کان زمينون کسيون وڃن، ٻڌڻ ۾ اچي رهيو  آهي ته ملير جا زميندار ليزون ختم ٿيڻ کانپوءِ سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن ۽ اها زمين وري  ايم ڊي اي کي ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته جيئن انهن زميندارن کان مالڪاڻا حق کسيا وڃن، هن وقت اهي زمينون  ٻني ٻاري لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن، جڏهن اها زمين سرڪار جي کاتي ۾ هلي ويندي ته ظاهر ڳالهه آهي ته اتي ڪا نه ڪا وڏي سوسائيٽي يا ڪو وڏو پروجيڪٽ تيار ڪيو ويندو،جتي ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪيو ويندو، سنڌ جا دشمن سنڌي قوم کي  فخر سان ٻڌائي رهيا آهن ته وڏيون وڏيون سوسائيٽيون ٿيڻ سان خوشحال  هوندي پر اها خوشحالي جي نالي تي سنڌين کي فلسطيني بڻائڻ جي سازش آهي، جنهن  کان سنڌي قوم مڪمل طور اڻ ڄاڻ آهي، ڌاري لوڌ سنڌ جي گادي واري شهر ۾ تيزي سان آباد ٿي رهي آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ملڪ جي قيام وقت سنڌ اندر ايترا يتيم ماڻهو نه آيا هئا، جيترا مشرف جي دور کان پوءِ اچي آباد ٿي رهيا آهن، مشرف جي دور ۾ ڪراچي ۾ خيرات جي نالي تي غريبن کي گهر ڏنا ويا پر اهي گهر سنڌي غريبن کي ڏنا ويا يا وري پرڏيهين کي اها ڪا خبر نه آهي، پر ايترو ضرور چوندس ته انهن مان هڪ گهر به سنڌين کي نه ڏنو ويندو هو، جيڪي پلاٽنگ ٿي اتي الائي ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو آباد ڪيا ويا.

هڪ طرف ڪراچي جي آبادي پرڏيهين جي آمد جي ڪري تيزي سان وڌي رهي آهي ته مٿان وري هن شهر جي وارثن کي ننڌڻڪو بڻايو ويو آهي، زمين جي والار سنڌي نه پر ڌاري لوڌ ڪري رهي آهي، افغاني ۽ ٻيون طاقتور ڌريون زمينن تي قبضا ڪري رهيون آهن، حڪومت انهن ئي ڌارين کي لاش دفنائڻ لاءِ زمينون  ڏئي رهي آهي ۽ جيڪي سنڌي وسنديون آهن، انهن کان مالڪاڻا حق کسڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن فيصلا ڪيا پيا وڃن، آخر اها ڪهڙي ڌر آهي، جنهن هن سنڌ جي گادي وار ي شهر کي عالمي يتيم خاني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،  آخر ڇو سنڌين سان ايڏي نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي جو رڳو ڌارين کي خوش ۽ سنڌي قوم کي تڪليفون پهچايون پيون وڃن، آخر  ڇو ڪراچي کان ڪشمور تائين جتي به سنڌي رهي ٿو ، انهن کي  بجلي، گئس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي سهولت کان محروم رکيو ويو آهي،  آخر ڇو هن ملڪ کي ٺاهيندڙن کي ايڏي سزا ڏني پئي وڃي، ڀارت، افغانستان، بنگلاديش ۽ برما مان آيل ڌاري لوڌ خوشحال زندگي گذاري رهي آهي، انهن جي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون  به ملي وڃن ٿو، زمينون به ملي وڃن ٿيون، انهن کي پنهنجي موت مري ويلن جا لاش دفنائڻ به زمين ڏني وڃي ٿي ۽ ڪکاون گهرن ۾ رهندڙ سنڌين کي ايذايو وڃي ٿو آخر ڇو هر طرف ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊاهي انهن کي بي گهر ڪيو وڃي ٿو، جيڪي هن ڌرتي تي غيرقانوني طور ترسيل آهن، انهن جا گٽر بند ٿي وڃن ته حڪمران آڌي رات جو به پهچي وڃن ٿا پر ڌرتي ڌڻين جي گهرن مان لاش ٿا نڪرن ته اتي ڪو به حڪمران نه ٿو پهچي.آخر ڪڏهن هن شهر ۾ اصلوڪن وارثن کي حق ملندا؟

No comments:

Post a Comment