Pages

Wednesday 7 April 2021

پي ڊي ايم جو انت ايئن ته نه ٿيڻو هو...!!

صاحب خان ڀٽي

هن ملڪ ۾ سياستدانن وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ملڪ ٺهڻ کان وٺي سياستدان هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪندي نظر آهن، ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون جڏهن آمريتي دور ايندو آهي ته متحد ٿي وينديون آهن پر جڏهن نالي ماتر جمهوريت قائم ٿيندي آهي ته اهي سياستدان هڪٻئي جا جاني دشمن بڻجي ويندي آهن ۽ هڪٻئي جون حڪومتون ڪيرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندا آهن، اهو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ  ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي مدو ڪيو هو، ان دوران به مسلم ليگ ن ان وقت تحريڪ هلائي هئي، عدالتن جا در به کڙڪايا ويا هئا ۽ اهو عدالتي هٿيار مٿن به هليو، جيڪو ڪامياب ٿي ويو ۽ ميان محمد نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي جيل وڃڻو پيو،مسلم ليگ ن ان وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي نااهل ڪرايو بعد جڏهن نواز ليگ جي حڪومت آئي ته پيپلزپارٽي بنا ڪنهن رنڊڪ جي پنهنجي حڪومت جون واڳون هڪ چونڊيل جماعت جي حوالي ڪيون، جنهن دوران ترقياتي ڪم ته ٿيا پر نواز شريف نااهلي کان بچي نه سگهيو، هن وقت مٿن ڪيس هلي رهيا آهن، في الحال ميان محمد نواز شريف علاج جي بهاني پرڏيهه ۾ آهي، اهڙي جلا وطني شهيد بينظير ڀٽو به ڪاٽي آهي، پر جڏهن سنڌ ڌرتي تي جلا وطني کان پوءِ قدم رکيا ته جمهوريت دشمنن کي سندس آجيان نه وڻي، ڪراچي جا روڊ عوامي سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳا هئا، شايد بينظير ملڪ جي اها واحد ليڊر هئي، جنهن جو پاڪستان جي تاريخي استقبال ٿيو، جيڪو شايد ڪنهن جوبه نه ٿيو هجي ۽ نه ئي هاڻ ٿي سگهي ٿو، جمهوريت جي بقا لاءِ ڏيهه پهتل شهيد بينظير ڀٽو کي ڪراچي ۾ ڌماڪي ذريعي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جمهوريت دشمن ناڪام ويا ۽ سوين جانيون زيان ٿي ويون، ڪيترائي ماڻهو انهن  جمهوريت دشمنن جي ڪري معذور ٿي ويا، انهن جو ڏوهه رڳو اهو هو  جو هو پنهنجي ليڊر کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا، ان جو استقبال ڪرڻ لاءِ پهتل هئا، جڏهن جمهوريت دشمن ڪراچي ۾ ناڪام ويا ته انهن بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ نشانو بڻايو ۽ اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب  ٿي ويا، بينظير جي شهادت کي ڪيترو ئي عرصو گذري چڪو آهي پر بدقسمتي سان هيل تائين قاتل ۽ قاتلن جي ماسٽر مائيند کي اسان جو قانون پڪڙي ناهي سگهيو، پيپلزپارٽي حڪومت رهندي به بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار ڪرائي نه سگهي، نه ئي جمهوريت جي حامي جماعت مسلم ليگ ن بينظير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪاحڪمت عملي جوڙي ايئن وقت گذرندو ويو ۽ ماڻهن بينظير جي قاتل بابت پڇڻ ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ ته وارثن اهو نعرو هڻي معاملو لئه مٽي ڪري ڇڏيو ته جمهرويت بهترين انتقام آهي.

بهرحال بينظير ڀٽو جا قاتل ته گرفتار نه ٿيا پر هاڻ وري ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن واضح طور چئي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن مريم نواز کي ڪجهه به ٿيو ته هو پيپلزپارٽي وارن وانگر پاڪستان  کپي جو نعرو نه هڻندا، نواز ليگ اڳواڻ جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي  تمام گهڻو وائرل به ٿي رهي آهي، ڌمڪين باوجود مسلم ليگ ن پي ڊي ايم جي مشن کي جاري ۽ ساري رکڻ جو وچن ڪيو پر  سينيٽ اليڪشن سمورين سياسي پارٽين جي پت وائکي ڪري ڇڏي، ايوانن ۾ بل منظور ڪرائڻ هجن يا وري ڪو ٺهراءُ منظور ڪرائڻو هجي اپوزيشن اڪثريت ۾ هجڻ باوجود هارائي پئي وئي، ايوانن جي ٻاهران مخالف ڌر جا اڳواڻ دانهون ڪندا رهيا ته اهڙن بلن جي هو مخالفت ڪندا رهندا، جيڪڏهن اپوزيشن ميمبر بائيڪاٽ ڪري ايوان مان اٿيا هليا پئي ويا تڏهن بل اڪثريت سان منظور ٿيندا رهيا، ڪنهن کي ڪا خبر نه پئي پئي ته اها ڪيئن منظور ٿي رهيا هئا، ان کانپوءِ مخالف ڌر اڳواڻن جي مخالفت ميڊيا تي ملڻ لاءِ ملندي هئي ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي مهانگائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن سينيٽ اليڪشن جي چونڊ ٿي ته پيپلزپارٽي يوسف رضاگيلاني کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار بيهاريو  پر کيس شڪست نصيب ٿي، جنهن کانپوءِ نواز ليگ پنهنجو اپوزيشن ليڊر آڻڻ پئي چاهي پر  پيپلزپارٽي يوسف رضا گيلاني کي مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جنهن پهرين ايوان ۾ تقرير ڪئي ته هو مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلندو ۽ جيڪڏهن حڪومت کي مدد جي ضرورت پئي ته ان جي مدد ڪندو، اهڙي بيان مان صاف ظاهر ٿي رهيو  هو ته دال رڳو ڪاري نه پر ديڳڙي به ڪاري هئي، جنهن سبب مخالف ڌر ڇڙ وڇڙ جو شڪار ٿي وئي، وفاقي  وزير شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم کي نقصان پهتو ته ان جو فائدو سڌي ريت پي ٽي آءِ کي ٿيندو، جيئن ته سينيٽ اليڪشن کانپوءِ پي ڊي ايم جي اتحاد کي برقرار رکڻ ڏکيو ٿي ويو هو ۽ مخالف ڌر اڳواڻ هڪٻئي جي اڳيان وائکا ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ اتحاد کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻن جماعتن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا ۽ عوامي نيشنل پارٽي شوڪاز نوٽيس ملڻ کانپوءِ فوري طور اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ اهو ٽٽي ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديلي سرڪار کٽي وئي، جنهن  وزيراعظم کي سليڪٽيڊ قرار ڏنو ويو، ان جي حمايت ۾ پي ڊي ايم جا اڳواڻ ڳالهائڻ لڳا، ڪنهن عهدي کي ترجيح ڏني ته ڪنهن وڪرو ڪرڻ کي ترجيح ڏني، ايئن ڪم هلندو رهيو ۽ تبديلي سرڪار پنهنجو سفر جاري ۽ ساري رکيو پئي اچي، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان عوام کي ٿيو آهي، جو هي واحد حڪومت  آهي، جنهن کي ايوانن اندر مزاحمت ڏسڻي نه ٿي پئي، نه ئي وڏا وڏا ڌرڻا لڳن پيا، اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو اپوزيشن ۾ ويٺل جماعتون پنهنجن ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۾ پوريون آهن،جنهن جماعت تي ڪو به ڪرپشن جو ڪيس نه آهي، اها وري انهن ڪيسن جي متاثرن جي پٺيان لڳل آهي، جي يو آءِ ف چاهي ته ملڪ جي وڏي جماعت ٿي اڀري سگهي ٿي ۽ وٽن عوامي طاقت به آهي، پر ڪيسن کي منهن ڏيندڙ جماعتن جي پٺيان لڳي جي يو آءِ پنهنجي  عوامي طاقت کي گهٽائي رهي آهي، جن مٿان ڪيس هلي رهيا هجن، اهي ڪهڙي ريت عوامي مفاد لاءِ اڳيان ايندا، انهن وٽ ته وقت ئي نه هوندو جو عوامي مسئلن کي صحيح نموني سمجهي سگهن.

بهرحال هن وقت پي ڊي ايم جي ٽٽڻ سان عوام کي وڌيڪ مهانگائي کي منهن ڏيڻو پوندو، حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ ته اڃا ڪهڙيون عام واهپي جون شيون مهانگي ڪندي، ڪهڙا نوان ٽيڪس لڳائيندي، بجلي ڪيتري مهانگي ٿيندي، گئس جا اگهه ڪيترا وڌايا ويندا، ان جو اسان کي ڪجهه ڏينهن اندر خبر پئجي ويندي، ڇاڪاڻ ته هاڻ پي ڊي ايم اتحاد ٽٽي چڪو آهي، جيڪو پيٽرول هڪ ٻه روپيا سستو ٿيو، اهو به ٻيڻ ٽيڻ تي مهانگو به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هاڻ ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي ۾ اختلاف وڌي ويا آهن،  ظاهري ڳالهه آهي ته ان جو فائدو حڪومت کي ئي ٿيندو، اسان ته سوچيو هئوسين ته حڪومت انهيءَ اتحاد کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳواڻن کي جيلن ۾ وجهندي پر هتي ته ڪهاڻي ئي ابتي ٿي وئي، مخالف ڌر اڳواڻ ته هڪٻئي سان ٺهيل ئي نه هئا نه ئي وري هڪٻئي مان هو متفق نظر اچي رهيا هئا، چوندا آهن ته لوهه پنهنجي زنگ جي ڪري ئي ختم ٿي ويندو آهي پر اسان کي اها خبر نه هئي ته پي ڊي ايم به پنهنجي زنگيل سوچ جي ڪري ئي ختم ٿي ويندي، هاڻ جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز کي هڪ نئون اتحاد جوڙڻ گهرجي، جنهن ۾ بلوچستان، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ سنڌ جي ننڍين ننڍين جماعتن کي به شامل ڪيو وڃي ۽ ساڳئي پي ڊي ايم واري منشور تحت عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو وڃي، جن پارٽين اتحاد کي نقصان پهچايو، ان کي انهيءَ اتحاد کان پري رکيو وڃي ته جئين عوام ايندڙ مهانگائي جي طوفان ۽ حڪومت پاران مهانگائي جي تيار ڪيل بم کان بچي سگهي.

No comments:

Post a Comment