Pages

Tuesday 27 April 2021

طاقت جو استعمال، حڪومت کي فائدو ته ڪو نه ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ قائم ٿيل جمهوريت  هيل تائين پٽڙي تان ناهي پر  لوڏن ۾ ضرور رهي آهي، ڪڏهن وزيراعظم نااهل ٿا  ٿين ته ڪڏهن وري سياستدان، احتجاج ڪندڙن کي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو، ڪرپشن ڪيس ايئن هلي رهيا آهن، جيئن ماضي ۾ صحافين تي ٻڪرين چورين جا  ڪيس سنڌ ۾ وڏيرا داخل ڪرائيندا هئا ، ان وقت صحافين کي ته نقصان ٿيندو هو پر  ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيڻ ۽ ثابت ٿيڻ باوجود به اهي عهديدار ۽ سياستدان اڃا به پنهنجي عهدن تي ويٺل آهن، پلي بارگينگ سندن  صادق امين هجڻ جو سرٽيفڪيٽ بڻجي ويندو آهي، ڪيس هلڻ باوجود  ۽ ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي به انهن کي ڪا به پريشاني نه هوندي آهي، ڪجهه اهڙا سياستدان به آهن، جن تي هيل تائين ڪو به ڪيس نيب ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهن، جن تي ثابت ٿيو آهي، اهي جيل ۾ واڙيل آهن، مطلب ته ڪم هلي رهيو آهي پر  انهن وڏين مڇين ۾ هٿ ناهن وڌا ويا، جن ملڪ  جون حالتون خطري ۾ وجهي ڇڏيون آهن، غيرقانوني طور ترسيل کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي ملڪ کي ٺاهيندڙن جا حق غضب ڪيا ويا آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دور ۾ لاهور ۾ مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون، جنهن دوران ڪجهه ماڻهن جي مارجڻ جو واقعو پيش آيو، پرڏيهه ۾ رهندڙ هڪ مذهبي شخصيت ڏيهه پهتو ۽ ڌرڻن جي شروعات ڪئي ۽ شهباز شريف ۽ نوازشريف جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي ۽ چيو  ويو ته جيڪي به مظاهرين مارجي ويا هئا ۽ چيو ويو هو ته ان جو ذميوار شهباز شريف آهي، انهن کان خون جو حساب ورتو ويندو، ان وقت ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ بعد ۾ چندو گڏ ٿيو ۽ اهو چندو ڪيڏاهن هليو ويو، ڪا خبر ناهي پر اها مذهبي شخصيت جڏهن ان وقت جو وزيراعظم ميان محمد نوازشريف نااهل ٿيو ته واپس پرڏيهه هليو ويو، انهيءَ دور ۾ فيض آباد ۾ ڌرڻو به لڳو، وڏن ادارن چيو ته اها اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، انهن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، پوليس وارن ۽ ڌرڻن وارن وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي ۽ ميان محمد نوازشريف ڳالهين  ذريعي مسئلي کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان وقت ته اهو مسئلو حل ٿي ويو هو پر جڏهن تبديلي سرڪار آهي، اها پارٽي به ان وقت انهن مظاهرين جي حامي هئي پر جڏهن  تبديلي سرڪار جي حڪومت آئي، تڏهن انهن خلاف اصل طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو، جيڪو نوازشريف جي دور ۾ نه ٿيو هو.

وزيراعظم عمران خان گذريل ڪافي عرصي کان آمريڪا کي افغانستان ۾ دهشت جي علامت بڻيل طالبان، القاعده ۽ ٻين تنظيمن سان ڳالهين جو مشورو ڏيندو رهيو آهي ۽ چوندو رهيو آهي ته طاقت جي استعمال سان حالتون ويتر خراب ٿينديون، آمريڪا کي انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن،  آمريڪا ڳالهين جي شروعات  به ڪندو هو پر طاقت جو استعمال به ڪندو رهيو آهي هاڻ آمريڪا پاران بيان جاري ڪيو ويو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن  جو خاتمو اچي ويو آهي ۽ ڪجهه دهشتگرد ڀڄي ڪنهن ٻئي ملڪ هليا ويا آهن، اهي ڪهڙي ملڪ هليا ويا آهن، ان بابت ناهي ٻڌايو ويو پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا کي ته دهشتگردن سان ڳالهين جو مشورو ڏئي ٿو پر ملڪ ۾ احتجاج ڪندڙ مذهبي تنظيمن سان ڳالهين ڪرڻ بدران انهن تي طاقت جو استعمال ڪري رهيو آهي، هي اها ئي جماعت آهي، جنهن  نوازشريف خلاف به فيض آباد ۾ ڌرڻو هنيو پر انهن تي اهڙي نموني سان آپريشن نه ڪيو ويو هو، جيئن هاڻ ٿي رهيو آهي، موجوده گهرو وزير شيخ رشيد اڳ ۾ انهيءَ جماعت جي حمايت  ۾ وڏا وڏا  بيان جاري ڪندو هو پر اڄڪلهه انهن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، مطلب  ته جڏهن نوازشريف  جي حڪومت هئي، اها جماعت صحيح هئي هاڻ اها جماعيت صحيح نه آهي، ان وقت ته  انهيءَ جماعت تي پابندي به نه مڙهي وئي هئي، نه ئي انهن جي اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويوهو. تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ انهيءَ جماعت خلاف ڪارروائي به ٿي ۽ هاڻ به ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ جماعت کي ڪالعدم به قرار ڏنو ويو آهي.

اڄ سڄي دنيا ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري رهي آهي پر اسان جي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ابتڙ ٿي رهيو آهي، وڏن وڏن اجتماعن سان جتي ڪورونا پکڙجڻ جو  خدشو آهي، اتي  هڙتالن سبب ڪورونا  جي سٽيل معشيت ويتر متاثر ٿي رهي آهي.  جنهن سبب  عوام ويتر پريشان ٿي رهيو آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڪجهه ٻيو ڏيکاريو پيو وڃي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪجهه ٻيو ڏسڻ لاءِ نظر اچي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ عوام ويتر ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو آهي ته آخر سچ ڇا آهي، هونئن ته حڪومت سوشل ميڊيا تي مختلف وقتن تي بند ڪندي رهي آهي پر تازو  هڪ مذهبي جماعت جي احتجاجن تي به سوشل ميڊيا کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو هو، جنهن سان عوام ۾ وڌيڪ بيچيني پيدا ٿي وئي هئي ته آخر ملڪ ۾ ڇا ٿيڻ   وارو آهي؟ ايئن لڳي رهيو ته ملڪ جون حالتون تمام نازڪ ٿي ويون آهن،  جڏهن سوشل ميڊيا تي پابندي لڳي ته ماڻهن کي يقين ٿيڻ لڳو، مذهبي جماعت جا احتجاج جاري رهيا پر  حڪومت انهن سان ڳالهين ڪرڻ بدران طاقت جو استعمال ڪيو، ڪراچي کان ويندي اسلام آباد تائين ٽريفڪ جام نظر آئي، مخلتف هنڌن تي ڌرڻن سبب مسافر به پريشان نظر آيا، رستو نه ملڻ جي ڪري ايمبولينسز ۾ موجود مريضن جي فوت ٿيڻ جون به خبرون رپورٽ ٿيون پر حڪومت معاملي کي ڳالهين بدران طاقت جي استعمال سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ وزيراعظم عمران خان طاقت جو استعمال ڪيو، جيڪو آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ کي طالبان سان ڳالهين جو مشورو ڏيندو هو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وزيراعظم ٻين کي ڳالهين جو مشورو ٿو ڏئي ۽ پنهنجن ماڻهن کي جن جي باري ۾ ماضي ۾ چيو ويو هو ته انهن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، انهن تي طاقت جو استعمال ڪيو ويو. آخر ڇو موجوده حڪومت اهڙي سخت پاليسي اختيار ڪئي؟ آخر پنهنجن ئي ماڻهن تي طاقت جو استعمال  ڇو ڪيو ويو؟ ان جو جواب حڪومت وٽ ئي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مظاهرين قانون هٿ ۾ کنيو، جنهن ڪري کين سخت قدم کڻڻا پئجي ويا، اهڙو قانون انهن  نوازشريف جي دور ۾ به هٿن ۾ کنيو هو پر اهڙي ڪارروائي نه ٿي هئي نه ئي انهن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو ته پوءِ هاڻ اهڙي ضرورت ڇو پئي؟ ان وقت ته ڪافي ڏينهن تائين فيض آباد ۾ ڌرڻو لڳل هو ۽ ان وقت جي وزيراعظم ڳالهين کي ترجيح ڏني هئي، طاقت جي استعمال سان هڪ طرف ملڪ جي معشيت  کي ڌڪ لڳو، ٻيو وري پاڙيسري ملڪ کي خوش ٿيڻ ۽ پروپيگينڊا جو موقعو مليو ويو، هن وقت سڄي ملڪ ۾ مذهبي تنظيمن جا ڪارڪن سراپا احتجاج آهن، ايتري قدر جو جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان به مذهبي جماعتن جي احتجاج جي حمايت ڪئي آهي،  مفتي منيب الرحمان جهڙي شخص کي به هڙتال جو سڏ ڏيڻو پئجي ويو، ايتري قدر جو تبديلي سرڪار جي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير به اهڙي فصيلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو، هن وقت ايئن لڳي رهيو آهي ته حڪومت  ۾ ويٺل وزير ئي هڪٻئي جي فيصلن مان متفق ناهي، ڪو به وزير هڪٻئي کان مطئمن نظر نه پيو اچي، آخر اهڙي صورتحال ڇو پيدا ڪئي وئي، تبديلي سرڪار  ۾ به ڏار پئجي ويا، هڪ طرف جهانگير ترين جا سپورٽر ميمبر تبديلي سرڪار کان ناراض آهن ته مٿان وري مذهبي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري معاملي تي به اهي ورهايل نظر اچي رهيا آهن.

وزيراعظم عمران خان  ملڪ جي موجوده صورتحال تي ملڪ کي ٻڌايو ته  ٽي ايل پي ۽ سندن مقصد ساڳيو آهي بس طريقيڪار ۾ فرق آهي ته پوءِ  اهڙي جماعتن تي طاقت جو استعمال  گهٽ ۾ گهٽ نه ڪرڻ گهرجي ها. حڪومت کي اهڙي پاليسي تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ها، هن وقت تبديلي سرڪار هڪ طرف جهانگير ترين ۽ ٻئي طرف وري مذهبي جماعتن خلاف  ڪارروائي جي ڪري بند گهٽي ۾ ڦاسي پئي آهي، اپوزيشن به حڪومت کي ناڪام قرار ڏئي چڪو آهي، عوام جا هجوم به ٻڌائن پيا ته موجوده حڪومت جي پاليسي جي ڪري هو تمام گهڻا پريشان آهن، عوام حڪومتي غلط پاليسين جي ڪري ڪورونا وائرس جي پرواهه ڪرڻ بنا روڊن تي اچي وڃي ٿو، جنهن سان ظاهر ڳالهه آهي ته دنيا غلط تاثر ويندو ته هن ملڪ ۾ ايس او پيز تي ڪو به عمل نه ٿي رهيو آهي، هونئن هن ملڪ ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن، هڪ طرف مهانگائي ته ٻئي طرف وري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ آهي، جڏهن به ڪورونا تيزي سان پکڙجي ٿو ته اسپتالن ۾ بيڊ  ختم ٿي وڃن ٿا، جيڪڏهن حڪومت ڪورونا  کي ڏسندي مذهبي تنظيمن سان ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪري ها (جيئن عمران خان آمريڪا کي طالبان  سان ڳالهين جي صلاح ڏيندو رهيو آهي،)  ته اڄ ملڪ ۾ ماڻهو خوف  ۾ مبتلا نظر نه اچي ها ۽ نه ئي ٻاهر وڃڻ کان ڊڄي ها، وڊيوز جيڪي سوشل ميڊيا تي اچي رهيو آهن، انهن مان ڪجهه ۾ اهلڪارن ته ڪجهه وري مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن تي تشدد ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، اهي وڊيو حقيقي آهن يا نه ؟ ان جي ته خبر نه آهي پر انهن وڊيوز سان عوام گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان به لنوائي رهيو آهي ته متان ڪٿي ڌرڻو لڳل نه هجي، هاڻ انهن پرتشدد مظاهرن ۾ ڪيتريون جانيون ضايع ٿيو، ان جي ته خبر ناهي ڇاڪاڻ ته اسان کي ميڊيا تي صرف ڪيسٽ جو هڪ پاسو ٻڌرايو پيو وڃي، جڏهن ٻيو پاسو ٻڌڻ جو وقت آيو ته سمورا اڇا ڪارا چٽا ٿي ويندا ۽ مستقبل ۾ جيئن هڪ مذهبي شخصيت پرڏيهه مان آيو  ۽احتجاج ڪيائين، شايد هن حڪومت خلاف به ايئن احجتاج ٿئي، پر وري به وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي پاليسين تي غور ڪرڻ سان گڏ ڳالهين جو ئي رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيئن هو چوندو رهندو آهي ته مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، طاقت جي استعمال سان حالتون ويتر  خراب ٿينديون، جيئن افغانستان ۾ طاقت جي استعمال سان هيل تائين آمريڪا ڪجهه حاصل ناهي ڪري سگهيو، انهي جنگ سان  نقصان ٿيو آهي ته رڳو  ملڪ جي عوام جو ٿيو آهي، افغاني وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ سنڌ کي دهشتگردي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي.

No comments:

Post a Comment