صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ ڪنٽينر سياست متعارف ڪرائي تبديلي جي نالي تي حڪومت حاصل ڪندڙ پي ٽي آءِ سرڪار لاءِ ملڪ اندر سياسي مزاحمت جو اعلان ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي طاقت ڏيکارڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پراڻي پاڪستان ۾ رات جي وقت ڪنٽينر تي ويهي تقريرون ڪيون وينديون هيون پر هاڻ وڏن اسٽيڊيمز ۾ هزارين ماڻهن جا قافلا وٺي رڳو حڪومت نه پر امپائر کي به للڪاريو پيو وڃي، اڳ ئي اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف پنهنجو موقف سڄي دنيا آڏو رکي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪجهه ڌريون کانئس تمام گهڻو ڪاوڙيل نظر اچي رهيون آهن، ميان محمد نوازشريف واضح طور چئي ڇڏيو آهي، سندس جنگ عمران خان سان نه پر کيس آڻيندڙن سان آهي، ميان محمد نوازشريف پنهنجي گجرانوالا واري تقرير ۾ انهن ڌرين جي سڌي ريت نالو وٺي چيو آهي ته اوهان کي حساب ڏيڻو پوندو، ان جج جو به نالو به کنيو آهي، جنهن سنڌي قوم جي لاشن تي ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان وقت به سنڌي قوم پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهي ۽ ثاقب جي ڌمڪي سان مهاڏو اٽڪائڻ جو اعلان ڪيو هو پوءِ اهو شخص ته رهيو پر ايندڙ وقتن ۾ سندس لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن، ڇاڪاڻ ته ميان محمد نوازشريف واضح طور سندس نالو وٺي چئي ڇڏيو آهي، اهو وقت پري ناهي، جڏهن تنهنجو به حساب ٿيندو؟
جيئن ته ملڪ جو غريب عوام توڙي واپاري برادري ۽ سرمائيدار هن حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيا آهن، ڪيترائي ڀيرا واپاري توڙي سرمائيدار وزيراعظم عمران خان سان ملاقاتون ڪري چڪا آهن ته ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي، واپارين ۽ سرمائيدارن لاءِ نرم پاليسيون آنديون وڃن، جن سان سندن ڪاروبار به هلي ۽ ملڪي معشيت به مستحڪم رهي پر افسوس جو حڪومت انهن جي ڪجهه به نه ٻڌي، ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳندا رهيا، عام واهپي جي شين کان ويندي سمورين شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، وزيراعظم عمران خان پاڻ به چئي رهيو آهي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر مهانگائي ڇو ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ سرڪار جي ايندي ئي ملڪ جون گهرجون پوريون ڪرڻ بدران ڪڻڪ ۽ چانور ايڪسپورٽ ڪيا ويا، جنهن سان ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ چانورن جي کوٽ پيدا ٿي، ان سان گڏ کڻد به ايڪسپورٽ ڪئي وئي، ٻين ملڪن کان امداد وٺندڙ حڪمران وري ڪڻڪ افغانستان کي ڏيڻ لڳا، ظاهر ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ بحران ته اچڻو هو، پر گجرانوالا ۾ ميان محمد نوازشريف واضح ٻڌائي ڇڏيو آهي ته عمران خان جي چوڻ تي اها مهانگائي ڪئي وئي آهي، اڳ ۾ سستي اگهه تي ڪڻڪ ۽ کنڊ کپائي وئي، وري جڏهن ملڪ اندر بحران ٿيو ته اها مهانگي اگهه تي خريد ڪري پاڪستان آڻي غريب ماڻهن جي کيسن تي ڌاڙو هنيو ويو، و ميان محمد نوازشريف جي اهڙي بيان کان پوءِ سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته آخر حڪمران ڪهڙي ريت ملڪ ۾ مهانگائي ڪندا آهن. ڊالر جو اگهه وڌائي ۽ ڏينهن رات نوٽ ڇاپي ملڪ جي روپئي جو ملهه هٿ وٺي ڪيرايو ويو، ايتري قدر جو سڄي دنيا مان قرض ورتا ويا پر خبر ئي نه پئي ته اهي ڪٿي خرچ ٿيا ۽ ڪيڏانهن ويا، نه پراڻو قرض لٿو ۽ نه ئي وري عوام جي خوشحالي لاءِ ڪو منصوبو شروع ڪيو ويو، وڌيڪ قرض کڻڻ کانپوءِ ملڪي معشيت تباهه ٿي ۽ غربت ۾ اضافو ٿيو، ان سان گڏ صنعتون بند ٿيڻ سبب ڪروڙين ماڻهو بيروزگار به ٿيا، اهو سڀ ڪجهه هن نئين پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، پر ميان محمد نوازشريف واري پاڪستان ۾ امن قائم ٿي رهيو هو، دهشتگردن جو خاتمو اچي رهيو هو، ترقي جا ڪم هر طرف ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، خاص طور تي پنجاب ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا، جنهن ۾ ميٽرو بس سرورس، موٽر وي ۽ ٻيا شامل آهن. پيپلزپارٽي جهڙي جماعت به ڪراچي ۾ دهشتگردن آڏو گوڏا کوڙا ڇڏيا هئا پر نواز ليگ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ انهن دهشتگردن جو وقتي طور تي خاتمو آيو ۽ ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه کنيو، جيڪو امن اڃا به قائم آهي پر اهي نفيس ٻيهر به سرگرم ٿي سگهن ٿا.
جيئن ته پيپلزپارٽي هميشه مفاهمت واري پاليسي تي هلندي آهي ۽ هن ڀيري نوازشريف جو بيانيو سخت آهي، جنهن جي حمايت ڪرڻ اپوزيشن جماعت لاءِ کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ برابر آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي ته ان وقت نوازشريف جيڪو بيان ڪيو، حڪومت توڙي اپوزيشن جماعتون حيران ٿي ويون، ايتري قدر جو گجرانوالا واري پي ڊي ايم جي جلسي ۾ نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز پاڻ ئي چيوهو ته ميان محمد نوازشريف جو بيانيو سخت آهي، ڪڏهن ڪڏهن مون کي به خوف ٿيندو آهي پر موت ۽ زندگي رب جي هٿ ۾ آهي، هو ڪنهن کان ڊڄڻ واري نه آهي، حڪومتي ڌر جا وزير چئي رهيا آهن ته اپوزيشن جماعتن جو جلسو نه پر جلسي هئي، پر جڏهن سندن ننڊون حرام ٿيون ته کين مڃڻو پيو ته گرائونڊ عوام سان ڀريل هو پر ان سان سندن حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو، هڪ ڳالهه ته سچ آهي ته ميان محمد نوازشريف جي تقرير تي اپوزيشن جماعتون ورهايل آهن پر جي يو آءِ سربراهه (ف) مولانا فضل الرحمان نوازشريف جي موقف جي تائيد ڪري رهيو آهي، اها ئي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، جيڪو ميان محمد نوازشريف ڳالهائي رهيو آهي. نوازشريف گجرانوالا جي جلسي چيو ته گذريل 71 سالن کان جمهوري حڪومتن کي هلڻ نه پيو ڏنو وڃي، هن ملڪ ۾ آئين ٽوڙيندڙن کي ڪجهه به نه ٿو ڪيو وڃي پر عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيل حڪومتن کي ڪيرايو ويندو آهي ۽ عوامي ليڊرن کي نااهل ڪيو ويندو آهي يا ڦاهي ڏني ويندي آهي، اتي مان نوازشريف کان به ضرور سوال ڪندس ته آخر نوازشريف پيپلزپارٽي جي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ عدالت جو در ڇو کڙڪايو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي جلسا ۽ ڌرڻا ڪيا هئا، آخر نوازشريف پيپلزپارٽي جي ان وقت جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ عدالت ڇو ويو هو؟
بهرحال هاڻ ميان محمد نوازشريف انهن سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سياسي جماعتون جڏهن آمريتي دور ختم ٿي ويندو آهي ۽ جمهوريت بحال ٿي ويندي آهي ته هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ لڳي وينديون آهن، انهن جي سياسي ويڙهه وري به عوام ئي پسجندو آهي. نوازشريف جنهن جنگ جو اعلان ڪيو آهي، اها جنگ عوام ۽ ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي ئي وڙهي سگهجي ٿي، ان سان گڏ انهن سمورين جماعتن کي به ووٽ کي عزت ڏيڻي پوندي ۽ ننڍن صوبن کي پنهنجا حق به ڏيڻا پوندا ۽ ڌارين کي خوش ڪرڻ لاءِ اصلوڪن رهواسين جي سپورٽ ڪرڻي پوندي، تڏهن ئي اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا پر جيئن ته اپوزيشن جماعتون ظاهر طور تي گڏيل نظر اچي رهيون آهن پر اصل ۾ انهن پارٽين ۾ به ايترا ئي ويڇا آهن، جيترا پي ٽي آءِ جا اپوزيشن جماعتن سان آهي، هر هڪ پارٽي ان خوف ۾ ورتل آهي ته متان ٻيهر نواز ليگ اقتدار ۾ اچي وڃي، پيپلزپارٽي کي به اهو ئي خوف آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پنهنجي لاءِ حالتون خراب ڪري رهي آهي، سنڌي قوم جي وسيلن جي ڦرلٽ تي خاموش آهي ۽ اهڙن سازشن جو حصو بڻجي رهي آهي، جيڪي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آهن.
جڏهن پي ڊي ايم جو گجرنوالا ۾ جلسو ٿي رهيو هو ته ان وقت قومي ميڊيا تي اهي ئي حصا نشر ڪيا ويا جيڪي انهن کي ڏيکارڻ جي اجازت هئي پر اڄ جي جديد دور ۾ سوشل ميڊيا تمام گهڻو تيز آهي، هر هڪ ماڻهو انٽرنيٽ ذريعي سمورن اڳواڻن جون تقريرون بنا ڪنهن رنڊڪ جي ٻڌي ۽ ڏسي رهيا هئا، اهو تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو ٿيو آهي جو غريب توڙي امير ماڻهو رات جو جاڳي اپوزيشن جي جلسي کي ٽي وي چينلز تي ڏسي رهيو هو پر افسوس جو هن ڀيري کين حڪومت چور آهي جو راڳ ٻڌڻ ۾ نه آيو پر سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه هلي رهيو هو، ان کي روڪڻ حڪومت جي وس ڳالهه نه هئي، هي اها ئي سوشل ميڊيا آهي، جتي نوازشريف هيرو بڻجي ويو آهي، جنهن کي نواز ليگ پنهنجي حڪومت ۾ سخت کان سخت قانون آڻي پنجري ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. قومي ميڊيا ته نوازشريف جي حڪومتي دور چور چور جا اشتهار به هلايا هئا پر هن ڀيري اپوزيشن جو بيان به نشر نه ٿا ڪن، بهرحال نوازشريف جيڪڏهن اها جنگ کٽي وڃي ٿو ته ملڪ اندر حقيقي جمهوريت قائم ٿيندي ۽ ڪا حڪومت عوامي ووٽ کانسواءِ نه ڪيرائي ويندي، جيڪڏهن سندس معاهدو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ساڳيو ئي نظام هلندو رهندو، حڪومتون ڪرنديون رهنديون ۽ عوام مهانگائي کي منهن ڏيندو رهندو، نه ملڪ جو قرض لهندو ۽ نه ئي ملڪ ۾ ڪا خوشحالي ايندي، ڇاڪاڻ ته قرضدار ڪڏهن به خوشحال نه ٿو ٿي سگهي۽ اهو به قرض ايترو جو ملڪ جو ٻچو ٻچو لکين روپين جو قرضي هجي، اهو قرض تڏهن ئي لهي سگهي ٿو، جڏهن ڪرپشن جو خاتمو ايندو، مهانگائي ختم ٿيندي ۽ روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا.نوازشريف جي “ووٽ کي عزت ڏيو ” وارو نعرو مقبول ته ٿي رهيوآهي پر ڪاش نواز ليگ به پنهنجي اقتدار ۾ ووٽ کي عزت ڏئي ها ته کيس اهو نعرو لڳائڻ نه پئي هئي، نوازليگ سميت سڀني کي خبر هئي ته جمهوري دور ۾ حڪمرانن جي چونڊ ڪيئن ٿيندي آهي پر ان باوجود اهي سموريون جماعتون پنهنجي پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيون هيون پر هن ڀيري وقت کان اڳ ئي نوازشريف کي هٽايو ويو، ان سان گڏ کيس نااهل به ڪيو ويو پوءِ اپوزيشن جماعتن کي اهو نظام خراب لڳو ۽ اهو سليڪشن وارو نظام ختم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي عوام جي ووٽ کي عزت ڏيارڻ لاءِ روڊن تي آيا.
نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت وڃڻ واري آهي، پر وزيراعظم عمران خان چئي رهيو آهي ته فوج حڪومت سان گڏ آهي، حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيندو، پر اپوزيشن جماعتون چئي رهيون آهن ته عوام ساڻن گڏآهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته عمران خان جي حڪومت رهندي يا وري اپوزيشن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندي، هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته عوام موجوده حڪمرانن کان جنگ آجي ڪرائڻ چاهين ٿا، جنهن سبب پراڻي پاڪستان ۾ وڃڻ چاهين ٿا ۽ تبديلي جو نعرو ٻڌندي ئي کين ڪاوڙ اچي وڃي ٿي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو پي ٽي آءِ حڪومت مهانگائي ختم نه ڪري سگهي ۽ عوام کي روزگار فراهم نه ڪيو، ايتري قدر جو جيڪي ماڻهو روزگار سان لڳل هئا، سندن غلط پاليسين جي ڪري صنعتون بند ٿي ويون ۽ اهي بيروزگار ٿي ويا، ظاهر ڳالهه آهي، جڏهن ماڻهن کي روزگار نه ملندو ته اهي اهڙي تبديلي کي ڇا ڪندا؟ جنهن ۾ کين ٻن ويلن جي ماني به نصيب نه ٿئي، جڏهن چورن جي حڪومت هئي تڏهن غريب ماڻهو پيٽ ڀري کائي ته سگهي پيو پر هن نئين پاڪستان ۾ ته ماڻهو پنڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اپوزيشن جماعتون نوازشريف واري بيانئي تي متحد رهيون ته حڪومت هلي ويندي پر ان سياسي ليڊر ان چڪر ۾ لڳي ويا ته متان مولانا فضل الرحمان وزيراعظم ٿئي وڃي ۽ نواز ليگ وارا سوچين ته متان بلاول وزيراعظم ٿي وڃي، انهيءَ سوچ سان اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، وزيراعظم ڪير ٿيندو، انهيءَ جو انهن وٽ ڪو اختيار نه آهي، جيڪڏهن اهي واقعي عوام جي ووٽ کي عزت ڏيڻ چاهين ٿا، اهو فيصلو عوام تي ڇڏين ته عوام ڪنهن کي وزيراعظم ٿو چونڊي، جيڪڏهن بلاول سٺا ڪم ڪيا هوندا ته اهي چونڊجي ايندو، جيڪڏهن نوازشريف سٺا ڪم ڪيا هوندا، ته سندس پارٽي جي حڪومت قائم ٿيندي.
Saturday, 17 October 2020
نوازشريف جو بيانيو، ڇا حڪومت وڃڻ واري آهي؟
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment