صاحب خان ڀٽي
صوفين
جي سرزمين سنڌ امن، ڀائيچاري ۽ مهمانوازي جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي، قدرت
سنڌ کي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، هن سرزمين تان گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلو سميت
ٻِيون قدرتي شيون نڪرنديون رهن ٿيون پر حڪمرانن جي بي حسي جي ڪري سنڌ جا ماڻهو بک،
بدحالي ۽ بيروزگاري جهڙن انيڪ مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، 1947ع کان رڳو وڏا وڏا
نعرا هڻي سنڌين کان ووٽ وٺي اقتدار جا مزا ماڻيا ويا پر سنڌي قوم لاءِ نه ته
جمهوريت ۾ ڪجهه ڪيو ويو ۽ نه ئي آمريتي دور ۾ سنڌين جو ڪو مستقبل بهتر ٿي سگهيو،
سڄي دنيا کي خبر هئي ته سنڌي قوم امن پسند قوم آهي، انگريزن جو دور هجي يا وري
عربن جو دور، هر دور ۾ سنڌي قوم پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ۽ مزاحمت جو دڳ اختيار ڪيو
آهي، سنڌ دنيا جو اهو واحد خطو آهي، جنهن ڪنهن به ٻئي ملڪ تي حملو ناهي ڪيو پر هن
صوفين جي ڌرتي تي ڪيترن ئي ملڪن جي دهشتگرد بادشاهن حملا ڪري فتح ڪرڻ کانپوءِ
سنڌين جو وجود دنيا مان ختم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ڪجهه جنوني انهن کي هيرو ڪري
به پيش ڪندا آهن پر انهن جو دنيا خاتمو ڪيئن ٿيو، ان بابت تاريخ کي تبديل ڪيو ويو،
ڪنهن کي مڪمل طور تي انهن حملي آورن جي موت جي باري ناهي ٻڌايو، آخر ٻڌائن به ته ڪيئن؟ اهي بدڪردار جو هئا، جن افواهون
پکيڙي سنڌ تي حملا ڪيا، انهن جو ته وجود ختم ٿيڻو هو، پر سنڌي قوم پنهنجي وجود جي
جنگ وڙهندي رهي آهي ۽ اڄ به وڙهي رهي آهي، ماضي ۾ به طاقتور ڌريون بندوق جي زور تي
سنڌ کي فتح ڪري سنڌين جو وجود ختم ڪرڻ چاهين پيون، اڄ به ڪري رهيون آهن ۽ سنڌي قوم
پنهنجي مزاحمتي جنگ جاري رکيو پئي اچي، پر افسوس جو اسان مان ڪجهه غدار انهن سازشن
جو حصو بڻجي ويا آهن.
جيڪڏهن
ايئن نه هجي ها ته افغاني، بنگالي، برمي، بيهاري ۽ ٻيا ڌاريا اسان جي صوفين جي
ڌرتي آباد ٿي، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي پکيڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿي وڃن ها،
افغانستان مان آيل انتهاپسندن مذهب جي نالي تي سنڌ ۾ پناهه ورتي، اڄ سنڌي قوم جو
خون وهائي رهيا آهن پر حڪومت انهن کي پنهنجن وطن واپس موڪلڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي
رهي آهي، صوبائي حڪومت هجي يا وفاقي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهن، لڳي ايئن رهيو
آهي ته اهي افغاني دهشتگرد سنڌين کي چٿڻ لاءِ آندا ويا آهن ۽ سنڌ سرڪار ان جي
حمايتي آهي؟ پر سنڌ جا حڪمران ياد رکن ته اڄ جيڪي اهي اقتدار جا مزا ماڻي رهيا
آهن، اهي سنڌي قوم جي ووٽ جي ڪري ماڻي رهيا آهن، جڏهن اهي دهشتگرد اڪثريت ۾ ٿي
ويندا ته سنڌ جي حڪمرانن سان اهڙو ورتا ڪندا جيڪو انهن ڪڏهن سوچيو ئي نه هوندو،
اها سنڌي قوم آهي، جيڪا اوهان جا ظلم پنهنجو سمجهي
برداشت ڪري رهي آهي، نه ته ڪراچي ۾ جڏهن گٽر بند ٿيندو آهي ته سنڌ سرڪار سان اهي
ڪهڙو حشر ڪندا آهن، اها ته اوهان کي چڱي ريت خبر هوندي.
بهرحال
هن ڀيري سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي اڏاوتون ڪرڻ کانپوءِ قانوني طور قبضو حاصل ڪرڻ
لاءِ وفاق آئلينڊ اٿارٽي قائم ڪئي آهي، جنهن تي سڄي قوم سراپا احتجاج بڻيل آهي،
احتجاج ڪندڙن تي بندوقون سڌيون ڪيون پيون وڃن، انهن کي گرفتار
ڪري جيلن ۾ وڌو پيو وڃي ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت جمهوريت کي بچائڻ وارا نعرا هڻڻ ۾
رڌل نظر اچي رهي آهي، سنڌي قوم کي خبر آهي ته جيڪڏهن هڪ دفعو وفاق کي قانوني طور
ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي اجازت ملي وئي ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ انهن سگهاري
ڌرين لاءِ سولو بڻجي ويندو آهي، افسوس سان چوڻو ٿو ته پئي ته ڏينگي ٻيٽ تي اڏاوتي ڪم
شروع به ٿي ويو، وڏيون عمارتون ٺهي به ويون پر سنڌ سرڪار کي ڪا خبر ئي نه پئي،
مطلب ته سنڌ جا حڪمران اگهور ننڊ ستل آهن، جن کي پنهنجي ڌرتي جي ڪا خبر نه ٿي پئي ته ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن
انهن ٻيٽن تي ڀارت قبضو ڪري وڃي ها ته ڇا سنڌ سرڪار ان وقت به ايئن خاموش ٿي ويهي
رهي ها، نه ته پوءِ آخر سنڌ سرڪار ٻيٽن تي اڏاوتي ڪمن کان ڪيئن اوجهل رهي، ظاهر طور تي ايئن لڳي رهيو آهي ته سنڌ سرڪار
اهڙين سازشن ۾ ٻٽ بڻيل آهي.
پيپلزپارٽي
اڳواڻ نثار کهڙو ۽ سردار ناصر شاهه چئي رهيا آهن ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان سنڌين جي ترقي ٿيندي ۽ صوبو
ترقي ڪندو، ايتري قدر اهو به چيو ويو ته جڏهن هو ذوالفقار آباد رٿا شروع ڪري رهيا
هئا ته ان وقت به مٿن سخت تنقيد ٿي هئي پر ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان مقامي ماڻهن جي ترقي ٿيندي ۽ ماڻهن
کي روزگار به ملندو، پر انهن کي ڪير سمجهائي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين اسان سرڪاري
توڙي خانگي نوڪرين ۾ ڌارين کي ڀرتي ٿيل ڏٺو آهي، جيڪو حق سنڌي نوجوانن جو هو، اهي ته ٻين صوبن کان آيل ماڻهو کائي رهيا آهن،
سنڌي نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي رلي رهيا آهن، ڪرپٽ آفيسر سنڌين کي ان ڪري نوڪريون
نه ٿا ڏين ته انهن وٽ انهن ڪرپٽ آفيسرن کي ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن
هوندا، آخر سنڌي نوجوانن جو قصور ڪهڙو آهي؟ جو انهن کي
نوڪرين کان محروم ڪري ڌارين عورتن ۽ مردن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن؟ ڇا سنڌ جي حڪمرانن کي ووٽ ڏيڻ انهن جي غلطي
آهي؟ يا وري سنڌ دشمنن جي اها سازش آهي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن؟
جيئن
ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن چئي ڇڏيو آهي ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان ترقي ٿيندا، اها
ترقي اسان ٻيٽن تي ويندڙ ڌرتي ڌڻين کي ڏيکاريل بندوقن سان
ڏسي سگهون ٿا، اڃا ته ٻيٽن تي ڌاريا آباد ئي ناهن ٿيا، رڳو عمارتون ٺهيون آهن،
جڏهن ڌرتي ڌڻي انهن ٻيٽن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته نيوي
اهلڪارن کين بندوقون ڏيکاري پوئتي وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيون، وارننگ به ڏيندا رهيا
ته اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪجي، اهو منظر ڏسي ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ سنڌي پنهنجي
وطن ۾ به بندوق جي زور تي يرغمال بڻيل آهن، آخر ڪهڙي قانون تحت سنڌين کي پنهنجي
وطن تي انهن کي يرغمال بڻائڻ جو حق ڏنو آهي، آخر ڇو ڌرتي ڌڻين کي ٻيٽن ڏانهن وڃڻ
کان روڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ان ڪري ته نه روڪيو ويو ته وفاق جون سنڌ دشمن پاليسون
وائکيون ٿي وڃن ها، ڇا اها هڪ جمهوري ملڪ جي توهين نه آهي ته ڌرتي ڌڻين کان پنهنجي
وسيلن تان کسيو وڃي؟ آخر سنڌ جا حڪمران اهڙي ڪڌي عمل
تي ڇو خاموش آهن؟ هن وقت تائين سنڌ جي وڏي وزير انهن ٻيٽن تي وڃڻ جي به ڪوشش ناهي
ڪئي، ميڊيا تي خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته ٻيٽن تي غيرقانوني ڪم جاري آهي پر ان
باجود سنڌ جي حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، هر طرف بندوق جي زور تي سنڌ جي شعور کي يرغمال بڻائي بنگلاديش
جهڙيون پيدا ڪرڻ وارن کي ڪير روڪيندو؟ آخر ترقي جي نالي تي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل
ڪرڻ واري سازش تي سنڌ جا حڪمران ڇو خاموش آهن.
اسان اهڙي ترقي کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، جنهن ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪيو وڃي، باقي رهي ڳالهه هٿيارن جي زور تي سنڌي قوم جو آواز دٻائڻ واري معاملي تي سنڌي قوم کي هڪ ڀيرو ٻيهر انهن سڌيون ڪيل بندوقن واري ڪڌي عمل خلاف پرامن احتجاج ڪرڻو پوندو، اڄ ٻيٽن تي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌي قوم ڏانهن بندوقون سڌيون ڪيون ويون آهن، جيڪڏهن ٻيٽن تي ڌاريا آباد ٿي ويا ۽ شهر اڏجي ويا ته اهي سنڌين کي گوليون هڻڻ ۾ دير به نه ڪندا، حڪمرانن کي گهرجي ته ٻيٽن واري معاملي تي اقتدار جي لالچ ۾ اچي خاموش ٿي ويهي نه رهي، هن عالمي سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ۽ ٻيٽن تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي ته جيئن وفاق ۾ ويٺل سنڌ دشمن عنصرن کي خبر پئي ته سنڌي قوم اڃا زنده آهي، هاڻ گهڻو ٿيو، ڪافي سنڌي قومپرستن جو رت وهي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ زيادتيون برداشت نه ڪبيون، پاڪستان کي ٺاهيندڙ سنڌي آهن ۽ سنڌي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا، بندوقن جي زور تي هو سنڌ جي شعور کي وقتي طور تي پوئتي ڌڪي سگهن ٿا پر روڪي نه ٿا سگهن.
No comments:
Post a Comment