صاحب
خان ڀٽي
هر سال
مئي جي پهرين تاريخ کي مزدورن جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي ۽ انهن جي ڏنل
قرباني جي ياد ۾ ميڙاڪا به ڪوٺايا ويندا آهن پر افسوس جو هن وقت تائين مزدورن کي
دنيا اندر جائز حق ناهن ملي سگهيا. 1880ع ۾ آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مزدورن پنهنجا حق حاصل
ڪرڻ لاءِ هڪ جدوجهد شروع ڪئي هئي جيڪا ڏسندي ڏسندي تيز ٿي وئي هئي ۽ سمورا مزدور هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا هئا. مزدورن
پنهنجا جائز حق حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا تحريڪ شروع ڪئي ان کان پوئتي نه هٽيا ۽ نه ئي
ان تحريڪ تان انهن هٿ کنيو. 1880ع جي آخري ڏهاڙن ۾ جڏهن مزدور تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ
لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيا ته مٿن پوليس
اهلڪارن حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران اهلڪارن
گولين جي برسات ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور شهيد ۽ زخمي ٿي پيا، پر ان وقت جي حاڪمن کي ڪو
به رحم نه آيو هو، پوليس اهلڪارن جي وحشياڻي رويي
۽ جانورن واري ورتاءُ سبب ڪيترن ئي مزدورن کي پنهنجي جانين تان هٿ کڻڻو پيو
هو. سرمائيدارن جي اهڙي رويي جي سڄي دنيا ۾ مذمت به ڪئي وئي هئي.
شڪاگو ۾
پوليس هٿان شهيد ٿيل مزدورن جو ڏوهه صرف ايترو هو ته هنن سرمائيندارن کان پنهنجو حق گهريو هو جيڪو
سرمائيندارن کي پسند نه آيو. انهن مزدورن
جو مطالبو صرف ايترو هو ته هو صرف 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ چاهين پيا، مزدور صرف ايترو ئي مطالبو ڪري رهيا هئا ته کين مناسب اجرت به ڏني
وڃي ته جئين انهن جا خاندان به خوشحال ٿي. افسوس جو ظالم سرمائيدارن کي رحم
نه آيو ۽ انهن پوليس هٿان بي گناهه مزدورن
کي قتل ڪرايو، سرمائيدارن جي اهڙي عمل بعد شڪاگو جي عوام روڊن تي نڪري آئي هئي ۽
هر طرف سرمائيدارن خلاف نعرا ٻڌا ويا، جنهن بعد سرمائيدارن گوڏا کوڙيا ۽ مزدورن جي شهادت رنگ لاتو، سرمائيدارن
مزدورن جي ڏنل قرباني کي تسليم ڪندي ڪم ڪرڻ جو وقت 8 ڪلاڪ منظور ڪيو، جنهن تحت اڄ
به مزدور ڪم ڪري رهيا آهن. پر افسوس جو
سنڌ اندر اڄ به 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي، جنهن خلاف ڪو به آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن سبب مزدور پنهنجا ٻچا وڪڙڻ تي مجبور ٿي
رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب هتان جي سرمائيداراڻو طبقو آهي، جيڪو مزدورن جو حق
کائي مال گڏ ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. اهڙو حال سنڌ جو به ئي آهي، جتي وڏيرن ، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن مزدورن کان
سمورا حق کسي ڇڏيا آهن، جنهن سبب هو بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. اڄ جڏهن سڄي دنيا
۾ خاص طور اسان جي پياري ملڪ ۾ شڪاگو جي شهيدن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
ان ڏينهن تي اهي مزدور، پورهيت ويساري نٿا سگهجن جن کي احتجاج ڪرڻ تي قتل
ڪيو ويو. تنهن باوجود نه ته انهن فيڪٽرين جي مالڪن خلاف ڪو ڪيس داخل ٿئي ٿو ۽ نه
ئي وري انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ملڪ واحد سنڌ صوبو آهي، جتي سرمائيدار پنهنجي حاڪميت قائم ڪري ويٺا آهن، جن کي نه ڪو چوڻ وارو آهي ۽ نه ئي
وري انهن کي ڪو روڪڻ وارو آهي.
اڄ سنڌ
۾ به شگاگو جهڙيون حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن، هتان جا سرمائيدار به مزدورن جو رت
پي رهيا آهن جن کي روڪڻ لاءِ وقت جا حاڪم ڪي به قدم نه پيا کڻن، جنهن جي ڪري غريب
ماڻهو غربت جي چڪي ۾ پسجي رهيا آهن ۽ انهن
جا ٻچا بک ۽ بدحالي ۾ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. ڪوٽڙي، خيرپور، نوابشاهه ۽ ٻيا
ڪيترائي اهڙا سنڌ ۾ شهر آهن جتي پورهيت کي مناسب اجرت نه پئي ملي ۽ نه ئي انهن
کي 8 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي، سنڌ اندر ڪيتريون اهڙيون فيڪٽريون ۽ ملون آهن جتي مزدورن کان جبري طور 10 کان 12
ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي پر حڪومت انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. سنڌ اندر اهڙا ڪيترا ادارا آهن جتي مزدورن کان
12 ڪلاڪ کان 14 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انهن کي اجرت به ان حساب سان نه پئي ڏني
وڃي. غربت ۽ بدحالي سبب مجبورن انهن کي ڪم
ڪرڻو پئي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن هو هڪ ڏينهن احتجاج ڪندا ته سندس
ٻچا بک وگهي مري ويندا ۽ وقت جي حڪمرانن
کي ڪا ڪهل به نه ايندي. جنهن سبب اهي احتجاج ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن
ملڪ ۾ ليبر قانون موجود آهي پر ان تي عمل
ٿيندي ڪٿي به نظر نه اچي، جيڪي به ادارا مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، اهي به اکيون ٻوٽي ويٺا آهن. سنڌ اندر رڳو سرمائيدار
نه پر زميدارن جو به به ساڳيو حال آهي
سرمائيدار فيڪٽرين ۽ ملن اندر غريب مزدورن
جو رت پي رهيا آهن ته زميدار وري گهٽ اجرت ته هارين کان ڪم وٺي رهيا آهن، جنهن سبب
اهي ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندا پيا وڃن.
اڄ جڏهن
شڪاگو جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
تڏهن مون کي ڪوٽڙي ۾ پگهارن لاءِ احتجاج
ڪندي شهيد ٿيل پورهيت جي ياد اچي رهي آهي،
جيڪو ديوان ٽيڪسٽائل فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو
آهي، جنهن کي پگهارن لاءِ احتجاج دوران پوليس اهلڪارن قتل ڪيو هو، جنهن هن وقت
تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، ان پورهيت جا وارث اڄ به انصاف لاءِ دربدر ڀٽڪي رهيا آهن پر وقت جي حاڪمن تي جونءَ به نٿي
چري. پيپلزپارٽي حڪومت ۾ به هڪ شخص بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي
ماري ڇڏيو هو، ڪراچي ۾ به قائم سمورين فيڪٽرين ۾ 12 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي پر افسوسو جو هن وقت تائين
ڪنهن به اداري انهن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي. حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه ۾ به فيڪٽرين ۽ دڪانن
تي ڪم ڪندڙ مزدورن کان 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انهن کي اجرت به گهٽ ڏني پئي وڃي. جيڪڏهن
غريب پورهيت احتجاج ڪن ٿا ته کين ٻن ويلن جي ماني لاءِ ترسڻو پئي ٿو جنهن سبب هو لاڳيتو احتجاج نٿا
ڪري سگهن ۽ نه ئي ڪا اهڙي تنظيم آهي جيڪا انهن جي حقن لاءِ آواز اٿاري، جنهن مان
لڳي ٿو اهو سڀ ڪجهه انهن جي قسمت ۾ لکيل
آهي.
جيڪڏهن
هن وقت به سنڌ جي پورهيتن جدوجهد شروع نه
ڪئي ته پوءِ ڪڏهن به اهي پنهنجا حق نه وٺي
سگهندا ۽ ائين هونءِءَ ناانصافين کي
برداشت ڪرڻ ۾ پورا هوندا. جيتوڻيڪ هتان جا سرمائيدار ۽ زميدارن غريبن جو حق کائي رهيا آهن پر حڪومت به ڪا گهٽ نه ڪئي آهي، حڪومت ۾ ويٺل
ڪامورن به سنڌ اندر فيڪٽريون ۽ ملون قائم ڪري پنهنجا معمولي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ غريب
پورهيتن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.جيڪڏهن سنڌ اندر مزدورن جي حقن جي
جدوجهد شروع نه ٿئي ته پوءِ ماضي جيان هن وقت سنڌ جي بجيٽ هڙپ ڪئي ويندي ۽ مزدورن
کان جبري طور ڪم ورتو ويندو، جنهن سان مزدور طبقو ڪڏهن به خوشحال نه ٿيندو. مزدور ائين پاڻ
کي باهه ڏئي ساڙيندا رهندا ۽ سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور هوندا، جيڪڏهن سنڌ جي
پورهيتن کي پنهنجي قسمت تبديل ڪرڻي آهي ته اهي روڊن اچن ۽ پنهنجا حق حاصل ڪن.