Pages

Wednesday, 20 April 2016

جمهوريت لاءِ پيدا ڪيل بحران ...!!!

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر جڏهن  به جمهوريت تي راتاهون هنيو ويو تڏهن  سياستدانن کي ملڪ ڇڏڻو پيو آهي، يا وري انهن کي جيل جو منهن ڏسڻو پيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن وٽ ٻيو ڪو به رستو نه هوندو آهي، جنهن سبب اهي سياستدان پنهنجي ملڪيت پرڏيهه ۾ جمع ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي اهي خدشا هوندا آهن ته ڪنهن به وقت انهن جي گڏ ڪيل ملڪيت ڦرجي سگهجي ٿي. تنهن ڪري اهي سياستدان پنهنجو پئسو پرڏيهه جي ملڪن ۾ رکندا آهن ۽ اهي پنهنجو ڪاروبار  به پاڪستان ۾ ڪرڻ کان لنوائيندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن اهو به خدشو هوندو آهي ته جيڪڏهن سندن حڪمراني جو تختو اونڌو ٿيو ته انهن جي ملڪيت به ضبط ڪئي ويندي ۽ انهن کي ٽڪو به نه ملندو ۽ انهن وٽ ايترا پئسا نه بچندا جو هو ٻيهر سياست ۾ پير رکي سگهندا. سياستدانن جي اهڙي ڪاري ڌن جو سمورو فائدو پرڏيهه جي بينڪن ۽ ملڪن کي ٿيندو آهي  ۽ انهن جي ڪرنسي به مضبوط ٿيندي آهي. ملڪ اندر شايد اهو ڪو سياستدان يا وري ڪو اهڙو طاقتور ڌر جو ماڻهو بچيو هجي جنهن جي دولت ڪنهن پرڏيهه ملڪ ۾ نه رکيل هجي. ڪيترائي اهڙا سياستدان آهن جن جي ملڪيت پرڏيهه جي ملڪن ۾ موجود آهي ۽ اهي هر مهيني  انهن ملڪن ۾ وڃي ترسندا آهن، جيترو وڏو سياستدان هوندو  آهي اوتري گهڻي دولت انهن جي پرڏيهه ملڪن ۾ هوندو آهي، جنهن  بابت ڪنهن کي به خبر نه هوندي آهي ۽ نه ئي هو  پاڻ ڪنهن کي اهو ٻڌائڻ پسند ڪندو آهي.  ان ڳالهه کان ته ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي ته انهن سياستدانن جي خانداني دولت به  هوندي آهي جنهن سبب انهن جو ڪارو ڌن لڪجي ويندو آهي ۽ انهن تي ڪو به سوال اٿارڻ جي همت نه رکندو آهي. اڄ ملڪ جهڙي ريت پاناما ليڪس  معاملي  تي باهه ۾ ٻري رهيو آهي اهو ماضي ۾ ڪڏهن به نه ٿيو آهي. هن ڀيري عوام  کي ڪا به ڳڻتي نه آهي پر حڪمرانن جي ڳلي ۾ گرهه ڦاسي پيو آهي ۽ اهي وڏي سوچ  ۽ سمجهه کان ڪم وٺي  رهيا آهن. اهي سياستدان اهڙو ڪو به فيصلو في الحال نه پيا ڪن جنهن سان عوام کي ڪو فائدو يا نقصان پهچي سگهي.  جڏهن نوازشريف جي  حڪومت جو تختو اونڌو  ڪيو ويو  هو، ان وقت شايد اهو ڪنهن  به نه سوچيو هو  ته جمهوريت شايد ٻيهر واپس ايندي ۽ نه ئي وري اهڙيون ڪي حالتون نظر اچي رهيون هيون ته  ڪا جلد جمهوريت ٻيهر قائم ٿي سگهندي. پر اها اميد تڏهن جاڳي جڏهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين شهيد بينظير ڀٽو  ڏيهه واپس آئي هئي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. ان دوران کيس ڪيتريون ئي ڌمڪيون به ڏنيون ويون ۽  هن ان بابت هڪ پرڏيهي صحافي کي به ان ڌمڪين کان آگاهه ڪيو هو. ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته جمهوريت  جي بحالي واري راهه تي بينظير ڀٽو کي پنهنجي حياتي تان به هٿ کڻڻو پوندو.  بينظير ڀٽو شهادت ڏئي جمهوريت ته قائم ڪئي پر وقت جي حڪمرانن نه ته ان جي خون سان ڪو انصاف ڪيو ۽ نه ئي انهن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪي قدم کنيا، صرف اهي بيان ڏيندي مصروف رهيا ته هو محترمه جي مشن تي هلي رهيا آهن. عوام کي به اها اميد هئي ته بينظير جي قاتلن کي ٻي ڪا به پارٽي وائکو نه ڪندي جيترو پيپلزپارٽي اقتدار ۾اچڻ بعد  ڪندي. جنهن سبب سنڌ جي عوام سميت سڄي ملڪ مان پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪيو ويو پر حڪومت ۾ اچڻ بعد پيپلزپارٽي هڪ نعري تي بيهي رهي ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي. هاڻ به ان ئي نعري تي قائم آهي. شايد اڳتي هلي به پيپلزپارٽي صرف  بيانن کان ڪم وٺي ۽ عملي طور تي بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري ڪي به قدم نه کڻندي.
جڏهن جمهوريت جي ريل پٽڙي ته چڙهي تڏهن ئي آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ٿيو ۽  يوسف رضا گيلاني کي به ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو، سمورن جيالن  پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ته ڪيو پر پيپلزپارٽي کي اها  خبر ئي نه هئي ته ملڪ جون ڪهڙيون حالتون آهن ۽ ان وقت هر هڪ ماڻهو اهو ئي چئي رهيو  هو ته آصف علي زرداري نئون آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف پراڻو آهي. اهو به چيو ويو هو ته  نوازشريف، زرداري کان اقتدار کسي ويندو پر ائين ممڪن نه ٿي سگهيو. آصف زرداري جي حڪومت به پنج سال مڪمل ڪيا پر ان وقت کيس مختلف بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو، هڪ ميمو گيٽ  ته ٻيو وري اڳوڻو چيف جسٽس  افتخار چوڌري جي بحالي لاءِ شروع ڪيل تحريڪ کي منهن ڏيڻو پيو.  وزيراعظم نوازشريف ان وقت آصف علي زرداري صاحب جي حڪومت ڪرائڻ لاءِ ريلي ڪڍي جنهن بابت چيو ويو هو ته جيڪڏهن اها ريلي اسلام آباد پهتي ته پوءِ آصف علي زرداري جي حڪومت ختم ٿي ويندي، پر آصف علي زرداري سمجهداري کان ڪم وٺندي صبح سوير پرهه ڦٽي جو اڳوڻي چيف جسٽس جي بحالي جو اعلان ڪيو،  جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ وڪيل برادري طرفان جشن ملهايو ويو هو، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي ان وقت چيف جسٽس بڻايو ويو هو جنهن وقت اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف نواز ليگ جي حڪومت ختم  ڪئي هئي. مشرف  جي حڪومت ۾ ئي افتخار چوڌري کي چيف جسٽس بڻايو ويو هو ۽ ان جي حڪومت ۾ ئي مٿس مختلف الزام لڳائي کيس عهدي تان هٽايو ويو هو، جنهن بعد وڪيل برادري سان گڏ پيپلزپارٽي، نواز ليگ، اي اين پي سميت ٻين سياسي تنظيمن   تحريڪ هلائي هئي. جنهن دوران  انهن تي لٺبازي سان گڏ آنسو گئس جو به استعمال ڪيو ويو هو، پر ان وقت نه پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي هئي ۽ نه ئي اهي وڪيل پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، پر جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته حالتون خراب ٿي ويون هيون ۽ عوام چونڊن دوران پيپلزپارٽي کي اڪثريت سان ووٽ ڏنو ۽ زرداري جي حڪومت قائم ٿي، جنهن بعد نوازشريف وڪيل برادري  جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو  پر پيپلزپارٽي افتخاري چوڌري کي بحال ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي پر نوازشريف ۽ وڪيل برادري جي سخت احتجاج سبب هنن  افتخار چوڌري جو بحالي جو آرڊر جاري ڪيو.
آصف زرداري افتخار چوڌري واري معاملي مان جان مس ڇڏائي هئي ته ميمو اسڪينڊل سامهون آيو  هو، اهو معاملو ختم ئي نه ٿيو هو ته  يوسف رضا گيلاني کي به  عهدي تان هٽايو ويو، هي پهرين جمهوريت هئي جنهن  ۾ وزيراعظم کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پيو هو ماضي ۾ به هڪ ڀيرو وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿيو هو ۽ زرداري جي حڪومت ۾ به عدالت کي مان ڏيندي  يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻو پيو هو. هڪ طرف آصف علي زرداري عالمي سطح تي ميمو اسڪينڊل کي منهن ڏئي رهيو هو ته ٻي طرف وري ملڪ ۾ مختلف سياسي اڳواڻ به سندس خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، ايتري قدر جو سنڌ جا دشمن سنڌ کي ٽوڙي ڌار صوبي جو کلي عام مطالبا به ڪري رهيا هئا پر ان باوجود آصف علي زرداري انهن کي جواب ڏيڻ بدران انهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪيو، جنهن بعد کيس اهو به اعزاز حاصل ٿيو ته  سندس عوامي حڪومت  ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مدو پورو ڪيو. آصف علي زرداري جي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ بعد هڪ رڪارڊ به قائم ٿيو ته آصف زرداري بحرانن هوندي به پنهنجي جمهوريت جو سفر جاري رکيو ۽ حڪومت جو مدو پورو ڪيو. آصف علي زرداري حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ بعد چونڊن جو اعلان به ڪيو ۽ ان اليڪشن ۾ نوازليگ اڪثريت ڪامياب ٿي، جنهن بعد نوازشريف پنهنجي حڪومت ٺاهي ۽ وزيراعظم بڻيو. بدقسمتي سان جنهن ڏينهن کان نوازشريف  وزيراعظم جو عهدو سنڀاليو آهي تنهن ڏينهن کان پيپلزپارٽي ته سندس خلاف ڪو به بحران پيدا نه ڪيو آهي پر  قدرتي توڙي هٿرادو  بحران پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. جنهن بابت  تجزيه نگارن جو خيال  هو ته سندس حڪومت  پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي، پر هن وقت تائين ظاهري طور جمهوري حڪومت نظر اچي رهي آهي، جنهن  جي مستقبل بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو. پر هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته جيڪڏهن پاناما ليڪس جاچ درست نموني ٿي  ۽ حڪمرانن کي پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻا پيا ته پوءِ  جمهوريت جي دعويدارن کي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. ماضي ۾ آصف زرداري جي حڪومت ۾ نوازشريف ڪڏهن وڪيلن سان گڏ حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيو هو ته ڪڏهن وري بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف عوام گڏ روڊن تي بيهي حڪومت خلاف نعريبازي ڪندي نظر ايندو هو پر هاڻ ساڳيو ورتاءُ  عمران ساڻس ڪري رهيو آهي، جنهن سبب وزيراعظم جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو آهي ايتري قدر جو سندس حڪومت ٻه ڀيرا ڪرڻ کان بچي آهي ۽ سندس حڪومت بچائڻ ۾ سڀ کان وڏو هٿ آصف علي زرداري جو هو جنهن  هر ڏکئي وقت نوازشريف جو ساٿ ڏنو ۽ اهو چيو ته هو نوازشريف جو نه پر جمهوريت جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، هو ڪنهن ريت جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏيندا. نوازشريف جي حمايت به  آصف علي زرداري کي  ڪيترائي ڀيرا ڳچي ۾ به پئي آهي پر پوءِ به آصف زرداري اهو چوندو رهيو آهي ته هو جمهوريت جي دشمنن کي ڪنهن به ريت ڪامياب ٿيڻ ڏيندا. اڄ جڏهن آصف علي زرداري ملڪ کان ٻاهر آهي تڏهن به نوازشريف ساڻس ملاقات ۽ صلاح مشوره وٺڻ لاءِ لنڊن ويو ۽ اتي سندس سخت مخالف عمران خان به ويو هو. پر هاڻ عوام جو صرف اهو مطالبو آهي ته حڪمرانن سان گڏ ملڪ جي هر هڪ شخص کي پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻ گهرجن ته جئين  ملڪ جو لٽيل مال سامهون اچي سگهي.  عوام به اهو ئي چاهي ٿو ڪو به اهو شخص نه بچي سگهي جنهن پنهنجا اثاثا  لڪائي رکيا آهن ۽ انهن جو ڪارو ڌن ٻاهرن ملڪن ۾ آهي ۽  اهي بااثر ماڻهو به وائکا ٿيڻ گهرجن جن کي ٻاهرن ملڪن جي وفاداري جي ڪري اربين ڊالر مليا، جيڪڏهن  اهي ماڻهو وائکا نه ٿيا ته پوءِ ائين لڳندو ته پاناما ليڪس جي جاچ درست نموني نه ٿي آهي .
03213631398

No comments:

Post a Comment