Pages

Tuesday, 5 April 2016

قبيلائي تڪرارن جي ور چڙهيل سنڌ

صاحب خان ڀٽي
عوام کي  تحفظ  فراهم ڪرڻ  حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، پر افسوس جو  ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرپشن ۽ قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب امن امان جي  صورتحال سان گڏ قبيلائي تڪرار  به وڌي رهيا آهن. سنڌ جا شهري علائقا ته اسٽريٽ ڪرائيم، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ٻين مسئلن جي ور چڙهيل آهن ته ٻهراڙي  وارن علائقن ۾ به قبيلائي تڪرار  ڏينهون ڏينهن  تيز ٿي رهيا آهن، جن پٺيان ڪيترائي ڪارڻ آهن،  ڪجهه قبيلائي تڪرار زمين، ملڪيت تان شروع ٿيندا آهن ته ڪن جهيڙن جو مک ڪارڻ سڱاوتي معاملو هوندو. سنڌ ۾  گذريل ڪيتري ئي عرصي کان قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن،  انهن تڪرارن سبب هن مهل تائين سوين خاندان اجڙي چڪا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ ته ڌريون مورچا بند ٿيل آهن، انهن ڌرين جي جهيڙي ۾ نه رڳو انهن جي خاندان جا ماڻهو متاثر ٿيندا آهن پر انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي به پلاند طور نشانو بڻايو ويندو آهي ۽  ننڍڙن ننڍڙن هٿڙن ۾ قلم بدران بندوق ڏياري ويندي  آهي. شڪارپور، دادو، سکر حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ هن مهل تائين  ڪا به  حڪومتي رٽ قائم نه ٿي سگهي آهي، ان جا به  ڪيترائي سبب آهن.جن علائقن ۾ قبيلائي تڪرار  هلندڙ آهن، انهن ئي علائقن ۾ بااثر  ماڻهو حڪومت ۾ ويٺل آهن، جن جي حڪم بنا اتان ڪک به هيڏي هوڏي نٿو ٿئي.  روزاني  قبيلائي تڪرارن جون خبرون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن ته سنڌ قبيلائي تڪرارن جي باهه ٻري رهي آهي،  سنڌ اندر مختلف برادريون زمين جي معاملي تي هڪ ٻئي جا ماڻهو قتل ڪنديون آهن يا وري سڱاوتي تڪرار تي هڪ ٻئي جا ماڻهو قتل ڪيا ويندا آهن. انهن قبيلائي علائقن ۾ جڏهن به ڪو جهيڙو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيندا آهن، تنهن وقت به حڪومت طرفان ڪي به قدم ناهن کنيا ويندا. جنهن سبب هن وقت به سنڌ قبيلائي تڪرارن جي باهه جي ور چڙهيل آهي.  جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي به سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ  سمورين برادارين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا کڻي قبيلائي تڪرار ختم جي اپيل ڪئي هئي، جنهن بعد ڪجهه تڪرارن  ۾ ٺاپر آئي هئي، شهيد بشير خان قريشي جي به اها ئي خواهش هئي ته سنڌ کي قبيلائي تڪرارن جي لعنت کان ڇٽڪارو ڏياريو وڃي، هاڻ شهيد بشير خان قريشي ته ناهي رهيو  ۽ نه ئي ڪو ٻيو  قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ اڳتي قدم وڌائڻ جو سوچي رهيو  آهي. جيڪڏهن قومپرست ڌرين طرفان شهيد بشير خان قريشي جيان  قافلا وڃن ته پوءِ شايد انهن قبيلائي تڪرارن  ۾ ٺاپر اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن هن وقت به ڪنهن قبيلائي تڪرار ني خاتمي لاءِ قدم نه کنيا ته پوءِ اڃا وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي وينديون ۽اهي قبيلائي تڪرار اڃا وڌيڪ پکڙجي سگهجن ٿا،
ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قبيلائي جهيڙا  ڪڏهن ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان شروع ٿيندا آهن ته ڪڏهن وري  سڱاوتي تڪرار تان وڌي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪجهه قبيلائي تڪرارن جي شروعات اهڙن معمولي ڳالهين کان ٿيندي آهن جنهن جو ڪو ماڻهو سوچي به نٿو سگهي ۽ اهڙن قبيلائي جهيڙن کي ٻڌڻ  بعد کل به ايندي آهي،  اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آهن جن ۾ مينهن جي ڇيڙي لاهڻ تان به جهيڙو ٿيو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مينهن جي ڇيڙي لاهڻ سبب ٻن ڌرين ۾ جهيڙو وڌي ويو. جنهن ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين جو استعمال به ڪيو ويو. بعد ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته  مينهن وڃي ٻئي ڪنهن جي زمين ۾ ڇيڻو لاٿو جنهن تان  زمين جو مالڪ ڏمرجي پيو ۽ مينهن کي گولي هڻي ڇڏي، جنهن تان  ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو. هڪ قبيلائي تڪرار  جون خبرون ميڊيا  ته به آيون، جنهن بابت اخبارن ۾ لکيل هو ته ٽريڪٽر ٽرالي  ۾ جلال چانڊيو جي گانو هلايو  ويو ته ٻي ڌر کي ڪاوڙ لڳي  ۽ ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. اها ته ڳالهه پري جي رهي پر ڪچي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ريڊيو وڏي آواز هلائڻ تان به ٻن قبيلن ۾ جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ به ڪيترائي نوجوان زخمي ٿي پيا هئا. هڪ طرف قبيلائي جهيڙا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن ته ٻي طرف وري ڪيترائي ماڻهو ڪارو ڪارو جي ڪڌي رسم جي ور چڙهي ويا آهن. ڪارو ڪاري جي  ڪڌي رسم سبب قبيلائي تڪرار ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.  ڪيتريون ئي اهڙيون سماجي تنظيمون آهن، جيڪي پڻ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن پر افسوس انهن سماجي تنظيمن جون آفيسون به رڳو شهرن ۾ آهن، اهي تنظيمون نه انهن علائقن ڏانهن وينديون آهن، جتي ڪارو ڪاري جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ۽ نه ئي انهن علائقن ڏانهن وڃي اها خبر چار لهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته انهن  کي  ڪهڙي ريت ماريو ويو ۽ ڪهڙي گناهه ۾ قتل ڪيو ويو، شايد ان جو جواب  انهن سما جي تنظيمن وٽ به نه هوندو.  جڏهن به سنڌ اندر ڪو ڪارو ڪاري جو واقعو پيش ايندو آهي ته اهي تنظيمون شهرن  ۾ ريليون ڪڍي پنهنجا بيان جاري ڪنديون آهن ۽ محسوس ڪرائينديون آهن ته انهن کي تمام گهڻو فڪر آهي جنهن سبب هو  حد کان وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهن. گڏيل قومن طرفان سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي پر افسوس جو اڄ تائين ڪارو ڪاري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ناهي ڏني وئي جنهن سبب ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو پيو وڃي. جنهن ڏينهن کان ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪندڙ جوابدارن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو ۽ انهن کي به سخت کان سخت سزا ڏني وئي ته اهو ڏينهن پري ناهي ته جنهن ڏينهن سنڌ ۾ اهڙي ڪڌي رسم جو خاتمو اچي ويندو.  
ملڪ اندر عدالتون قائم آهن  ۽ هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ ٿاڻا به قائم آهن پر افسوس جو هن وقت تائين  قبيلائي جهيڙن ۾ ٺاپر ناهي اچي سگهي،   عدالتون هجڻ باوجود بااثر پنهنجي  مرضي هلائڻ لاءِ نبيرو  ڪرڻ لاءِ جرڳو ڪرائن ٿا، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ جرڳو ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي پر ان باوجود سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل ايم اين ايز توڙي ايم پي ايز جرڳو ڪرائيندي نظر اچي رهيا آهن. جن جون خبرون ميڊيا تي روز نشر ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ عدالتون قائم آهن ۽  عوام جي تحفظ لاءِ  پوليس ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا آهن پوءِ هن وقت تائين سنڌ ۾ قبيلائي جهيرن تي ٺاپر ڇو نه اچي سگهي آهي. جنهن پوليس تي اربين روپين جي بجيٽ خرچ ڪئي وڃي ٿي اها قبيلائي جهيڙا ختم نه ڪرائي سگهي ته ان پوليس جي هجڻ جو به ڪو مقصد نٿو رهي.  عدالتن کي گهرجي ته انهن علائقن ۾ جن ۾ قبيلائي جهيڙا  وڌي ويا آهن ۽ ڌريون مورچا بند ٿيل آهن، اتي  پوليس بدران  ٻئي ڪنهن  سيڪيورٽي اداري کي  مقرر ڪيو وڃي ته جئين انهن علائقن ۾ جهيڙو ختم ٿي وڃي ۽ امن جي  فضا ٻيهر  بحال ٿئي.  ڇاڪاڻ ته انهن قبيلائي علائقن ۾ پوليس انهن قبيلن جي بااثرن جي اشارن تي نچندي آهي جنهن سبب معصوم ماڻهو انهن جي جهيڙي ۾ اجل جو شڪار بڻبا آهن، جن جون خبرون ٻڌي سنڌ  جي هر ساڃاهه وند جي اک آلي ٿي ويندي  آهي.  ڪجهه ڏينهن اڳ ڳڙهي ياسين ۾ سومرا، ڏاهاڻي ۽ رند برادري  وچ ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، جنهن  دوران سومرا برادري جي 6 ڄڻا مارجي ويا هئا. جيڪڏهن اهڙا واقعا سنڌ ۾  جاري رهيا  ته پوءِ  شايد سنڌ ۾ رڳو نوجوانن جا لاش ئي  گهرن مان کڻبا ۽  حڪومت صرف  بيانن تائين ئي محدود هوندي.  جيڪڏهن نبيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سيڪيورٽي جا  انتظام بهتر بڻايا وڃن  ته پوءِ شايد  انساني جانيون بچي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار صرف زمين تان نه پر معمولي ڳالهه تان به شروع ٿيا آهن، جيڪڏهن قانون نالي جي سنڌ ۾ ڪا شيءَ هجي ها ته پوءِ سنڌ ۾ هن وقت تائين امن امان جي صورتحال ختم ٿي وڃي ها ۽ انهن  علائقن ۾ جن ۾ قبيلائي جهيڙا هلندڙ آهن اتي ٻارڙن جي هٿن ۾ بندوق بدران قلم هجي ها، جنهن جي  سڄي ذميواري اسان جي پوليس ڊپارٽمينٽ تي اچي ٿي. جيڪڏهن  قبيلائي علائقن ۾ پوليس امن قائم  نٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ حڪومت کي گهرجي ته انهن علائقن ۾ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته  جنهن ريت ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو آهي اهڙي ريت شايد انهن علائقن ۾ اهڙن  قبيلائي جهيڙا ڪندڙ هٿياربندن کي پٽو وجهي سگهجي. جيڪڏهن  قبيلائي جهيڙا ڪندڙن جي ڳچي ۾ پٽو نه وڌو ويو ته وڌيڪ جاني نقصان ٿيندو ۽ سنڌ قبيلائي جهيڙن جي باهه ۾ ٻرندي رهندي.

No comments:

Post a Comment