صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾
احتساب جو ادارو ته موجود آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به هڪ ڪرپٽ ڪاموري کي سزا ناهي
ملي سگهي ۽ ئي وري ڪي اهڙيون ڪارروايون ڪيون ويون آهن جنهن سان ڪرپشن کي روڪڻ ۾
ڪا اڳڀرائي ٿي هجي. ڪنهن به ماڻهو نه
سوچيو هو ته هن ملڪ ۾ فوجي آفيسرن خلاف به
ڪرپشن جي جاچ ٿيندي، جنهن بابت ڪو تصور به نه پيو ڪري سگهي. هاڻ جڏهن پاڪ
فوج ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، جنهن مان لڳي پيو ته ملڪ اندر
تبديلي جي شروعات ٿي وئي آهي. جيڪو پڻ سٺو عمل آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي
کان سياستدان به چئي رهيا هئا ته سسڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڪا به مقدس ڳئون نه
آهي. اهڙن بيانن کي ٻڌڻ بعد اها خبر نه هئي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪ فوج ۾
ڪرپشن خلاف ڪارروائي شروع ڪرائيندو ۽ نه ئي وري ان بابت ڪو سوچي رهيو هو ته جنرل
راحيل شريف فوج اهلڪارن کي برطرف ڪندو . آرمي چيف بدعنواني جي الزام ۾ 12 اعليٰ
آفيسرن کي برطرف ڪيو آهي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف فوجي آفيسر
ليفٽيننٽ جنرل، هڪ ميجر جنرل، 5 برگيڊيئر،
هڪ ڪرنل، 3 ليفٽيٽننٽ ۽ هڪ ميجر کي برطرف ڪيو آهي. جنهن بعد ليفٽيننٽ جنرل عبيدالله خٽڪ، ميجر جنرل
اعجازشاهد، برگيڊيئر، سيف الله، برگيڊيئر عامر، برگيڊيئر اسد، شهزاده، برگيڊيئر
رشيد، ڪرنل حيدر ۽ ميجر نجيب کي برطرف ڪيو ويو آهي، پر ان بابت ڪي به تفصيل جاري
نه ڪيا ويا آهن. برطرف ڪيل سمورا آفيسر
ايف سي بلوچستان ۾ مقرر رهي چڪا آهن، ليفٽيننٽ جنرل عبيدالله خٽڪ ۽ ميجر جنرل
اعجاز شاهد آءِ جي ايف سي رهي چڪا آهن، آرمي
چيف جنرل راحيل شريف سمورن آفيسرن کان پلاٽ، زرعي زمين ۽ ٻيون سهولتون واپس
ورتيون آهن.جڏهن ته ميڊيا ۾ به اهي خبرون آهن ته ڏيڍ سئو کان وڌيڪ فوجي اهلڪارن
خلاف جاچ هلندڙ آهي، جڏهن ته 8 کان 10 فوجي اهلڪارن خلاف جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي
وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برطرف ڪيل سمورا فوجي آفيسر ايف سي بلوچستان ۾
مقرر رهي چڪا آهن. جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل عبيدالله خٽڪ آءِ جي ايف سي بلوچستان جي
عهدي مقرر رهي چڪو آهي. جيڪو هن وقت آءِ
جي آرمز جي پوزيشن تي مقرر هو ۽ ڊسمبر 2017ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻوهو، ذريعن جو چوڻ آهي ته
برطرف ڪيل ٻيو اعليٰ ترين آفيسر ميجر جنرل اعجاز شاهد پڻ آءِ جي ايف بلوچستان جي
عهدي تي مقرر رهيو ۽ سندس ان عرصي دوران ڪرپشن جا الزام سامهون آيا آهن. ذريعن
وٽان اها به ڄاڻ ملي آهي ته برطرف ڪيل
فوجي آفيسرن کان پلاٽ، زميون ۽ ٻيون
سهولتون واپس ورتيو ويون آهن. جڏهن ته کين پينشن ۽ ميڊيڪل جي سهولت مليل رهندي.
گذريل
ڪيتري ئي عرصي کان ڪرپشن بابت خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون آهن پر افسوس جو افسر
شاهي، جاگيرداراڻي ۽ سياسي ڪلچر سبب انهن
ڪرپٽ ڪامورن کي سزا ناهي ملي سگهي. جيڪڏهن
ڪنهن شخص کي گرفتار به ڪيو ويو آهي ته ان
کي لٽيل مال مان اڌ حصو وٺي ڇڏيو ويندو آهي، جنهن سبب ڪرپشن هن ملڪ کي اڏوهي جيان
کائي رهي آهي. ڪرپٽ ڪامورا ڏينهون ڏينهن امير کان امير ٿيندا پيا وڃن، جيتوڻيڪ ملڪ
جا احتساب ادارا اها دعويٰ ڪندي ٿڪندا ئي
ناهن ته سندن ڪاررواين سبب ڪرپشن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. جڏهن به ڪرپشن بابت ڪنهن وڏي
سياستدان جي ڳچي ۾ هٿ پيا آهن تڏهن اهي ٻيڪاٽ ٻڌڻ ۾ آيا آهن ته کين انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اهو
چيو ويندو آهي ته مقدس ڳئن خلاف ڪا به ڪارروئي نه پئي ڪئي وڃي. ملڪ ۾ جڏهن به
ڪنهن سياستدان خلاف ڪرپشن جي جاچ ٿيندي آهي ته ان وقت اهو چيو ويندو آهي ته ٻين
خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ٿئي ۽ اهڙين ڪاررواين کي سياسي انتقام چيو ويندو آهي. جڏهن
کان نيب ۽ ايف آءِ اي طرفان ڪارروايون
شروع ٿيون آهن تنهن ڏينهن کان ڪرپٽ ڪامورن جون ننڊون به حرام بڻيل آهي، اهو ئي
سبب آهي جو ڪيترن ئي آفيسرن سرڪاري رڪارڊ کڻائي گهر رکي
ڇڏيو آهي يا ته وري غائب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت به روزاني خبرون رپورٽ ٿينديون
رهيون آهن. جيڪب آباد، نوشهروفيروز، دادو ۽ نوابشاهه ۾ به ٽي ايم او ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي،
جنهن بابت نيب انتظاميا طرفان جاچ شروع
ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي ٿيندي نظر نه پئي اچي، صرف خبرون
ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون آهن. افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪرپشن جو واويلو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن جمهوريت ايندي آهي پر
ڪڏهن به جمهوريت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهي رهي، جيترو به وقت سياستدانن
کي مليو،ا نهن صرف مال ميڙڻ تي لڳايو، جنهن سبب ملڪ اندر ترقياتي منصوبن تي درست
نموني ڪم نه ٿي سگهيو آهي. پشتو ڳالهائيندڙ چوندا آهن ته هٿيار پٺاڻ جو زيور آهي ته پوءِ جيڪڏهن اسان کڻي ائين چئون ته
ڪرپشن جمهوريت جو زيور آهي ته ته اهو غلط
نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ سپاهي کان وٺي وڏن عهدن تائين ڪرپشن ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪرپشن کي جمهوريت جو زيور چيو وڃي ته به اهو
غلط نه هوندو، ڇو ته هن جمهوريت ۾ ئي نوجوانن بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ کي ساڙي
ماريو آهي ۽ هن جمهوري ۾ ئي بک بدحالي سبب والدين پنهنجا ٻچا وڪڙڻ تي مجبور ٿيا
آهن، هن وقت به ڪيترائي ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ پنهنجي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، بنگلاديش
به ملڪ کان ڌار ٿيڻ بعد پنهنجي معيشيت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، پر افسوس جو هن
ملڪ ۾ ڪرپٽ ڪامورن جي ڳچي ۾ درست نموني هٿ نه وڌا ويا آهن. اها ڳالهه درست آهي ته
کوکلن نعرن ۽ ڪرپشن سبب ملڪ هن وقت تائين ترقي ناهي ڪري سگهيو ۽ نه ماڻهن جي زندگي
تبديل ٿي سگهي، ڌارين جي لوڌ کان ويندي دهشتگردي تائين، سڀني مسئلن جا ذميوار به
هتان جون طاقتور ڌريون ۽ سياسي ڌريون آهن، جن جي فيصلن سبب ڌارين سان گڏ دهشتگرد
به هن ملڪ ۾ داخل ٿيا ۽ ملڪي حالتون خراب ڪري ڇڏيون. سيڪيورٽي ادارا به اهو چئي چڪا آهن ته ملڪ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي،
جنهن جي روڪٿام لاءِ هو ڪارروايون شروع ڪرڻ وارا آهن.
هاڻ
جڏهن ڪرپشن خلاف جاچ جي شروعات فوج کان شروع ٿي چڪي آهي تڏهن لڳي پيو ته سياستدانن خلاف ڪارروايون به تيز ڪيون وينديون
۽ انهن مٿان به دٻاءُ وڌي ويندو،
جنهن کين گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. ڪجهه تجزيه نگار چئي رهيا آهن جمهوري حڪومت
خلاف سازش ٿي رهي آهي، ته وري ڪجهه تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته فوج کي بدنام ڪرڻ
جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ، آرمي چيف جي فوجي آفيسرن کي برطرفي واري حڪم بعد ميڊيا
تي وڏو بحث ڇڙيل آهي. هر طرف انهن فوجي آفيسرن
جو ذڪر ٿي رهيو آهي، جن جا ٻار
فراري ۾ سفر ڪندا آهن، جن جو مال ٻاهرن ملڪڻ ۾ رکيل آهي. جنهن بابت اهي بيان به
ٻڌڻ ۾ آيا آهن ته انهن فوجي آفيسرن خلاف جاچ به ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪجهه فوجي آفيسر جي ڪري ملڪي فوج جو وقار جيڪو
بلند ٿي رهيو هو اهو انهن آفيسرن جي ڪرپشن سبب عالمي سطح تي گهٽجي رهيو آهي ۽ دنيا
ڻ۾ اهي بحث آهن پاڪستاني فوج ۾ به ڪرپٽ آفيسر موجود آهن، انهن آفيسرن سبب ملڪ جي
فوج جو نالو عالمي سطح تي بدنام ٿيو آهي، جيڪڏهن انهن کي معاف ڪيو ويو ته پوءِ
مستقبل ۾ اهڙا ٻيا به آفيسر جنم وٺي سگهن ٿا، جنهن سبب آرمي چيف جنرل راحيل شريف
انهن ڪرپٽ فوجي آفيسر کي برطرف ڪرڻ سان گڏ انهن خلاف ڪيس فوجي ڪورٽن ۾ هلائي ۽
انهن آفيسرن کي سزا به ڏياري ته جئين دنيا
اندر مثال قائم ٿئي. انهن ڪرپٽ فوجي آفيسرن کي
سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جئين ڪرپٽ سياسي ڪامورا ڪرپشن ڪرڻ کان اڳ سئو
ڀيرا سوچين ۽ انهن کي ڪرپشن ڪرڻ جي به همت
نه ٿئي.
No comments:
Post a Comment