صاحب
خان ڀٽي
پاناما
ليڪس پيپرز پاڪستاني حڪمرانن جي مٿان وڄ جيان ڪريا آهن، جو سندن رات جون ننڊون به ڦٽي
ويون آهن ، سڀ کان وڌيڪ پريشان وزيراعظم نواشريف ئي ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس اولاد
جو نالو سڌي ريت پاناما پيپرز ۾ آيو آهي ۽
انهن جي آف شور ڪمپنين جو به ذڪر ٿي رهيو آهي. جڏهن کان عمران خان وزيراعظم
نوازشريف خلاف بيان ڏيڻ شروع ڪيا آهن تنهن ڏينهن کان روزانو ڪو نه ڪو اعلان ٻڌڻ ۾ ملي رهيو آهي. مانسهره ۾
وزيراعظم نوازشريف جلسي کي خطاب ڪندي اڍائي روپيا بجلي سستي ڪرڻ جو به اعلان ڪيو
آهي جنهن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي و ئي آهي. نوازشريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪي پي ڪي
۾ هنن جي حڪومت ناهي پر پوءِ به هو اتي ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهن. نوازشريف بجلي
سستي جو اعلان ته ڪري ڇڏيو پر هن وقت بجلي سستي نه پر بجلي فراهم ڪرڻ جي ضرورت
آهي، هڪ طرف هيٽ اسٽروڪ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته مٿان وري بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون ڪلاڪن جا ڪلاڪ
بجلي بند ڪري رهيون آهن جنهن جو ڪو به نوٽيس نه ٿو وٺي. عمران خان اثاثا معملوم ڪرڻ
لاءِ ته روڊن تي اچي ٿو پر غريبن جي غضب ڪيل حقن بابت هن وقت تائين ڪو به عملي قدم ناهي ڪري سگهيو. عمران خان جي
جلسن ۽ ريلين سبب نوازشريف به وائڙو ٿي ويو آهي، جيڪڏهن هاڻ وزيراعظم عمران خان جا
سمورا مطالبا پورا ڪري ٿو ته پوءِ کيس گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو، جنهن مان لڳو پيو ته
نوازشريف ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ پاڻ کي عمران جي ڄار مان ڪچڻ لاءِ ڪو
دڳ ضرور ڳولي وٺندو. جئين جئين وقت جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي تئين تئين نوازشريف جي
لاءِ به پريشانيون وڌي رهيون آهن، نوازشريف کي هڪ ٻي به وڏي پريشاني اها تڙپائي
رهي آهي ته سندس دوست المعروف مفاهمتي
پاليسي جو باني اڄ ڪلهه لنڊن ۾ علاج هيٺ
آهي، جنهن سان سندس فون تي رابطو به ٿيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم نوازشريف لنڊن جي به ياترا ڪئي هئي، جنهن بابت ميڊيا
خبرون به نشر ٿيون هيون ، ڪجهه ٽي وي چينلن ذريعن وٽان وزيراعظم ۽ آصف علي زرداري
جي ملاقاتن جون خبرون به هلايون هيون جنهن جي نواز ليگ طرفان ترديد به ڪئي وئي
هئي. مسلم ليگ ن طرفان اهڙن خبرن کي ڪوڙو به قرار ڏنو ويو هو ۽ بيان ۾ چيو ويو هو
ته نوازشريف ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ڪا به
ملاقات ناهي ٿي.
عمران
خان به پنهنجن تقريرن ۽ پريس ڪانفرنسز ۾ نوازشريف کي هدف بڻائي رهيو آهي ۽ سندس موقف
آهي ته وزيراعظم جي اولاد جي دولت ٻاهرن ملڪن ۾ آهي، جيڪا ملڪ جو لٽيل مال آهي، اهو پئسو ٻاهر هجڻ سبب ملڪ کي
اربين کربين روپيا نقصان ٿي رهيو آهي. عمران خان جي پريس ڪانفرنسز ۽ نوازشريف جي جلسن ۽ تقريبن کي خطاب مان ظاهر
آهي ته هاڻ راند صرف ٻن رانديگرن جي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو ٽيون وچ ۾ آيو ته اهو
لتاڙجي ويندو، ان جو ثبوت پيپلزپارٽي مان
به ملي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن کان پيپلزپارٽي به نواز شريف کان پاسو ڪري رهي آهي، جنهن جو ثبوت
نيويارڪ ۾ ٿيل پيپلزپارٽي جي احتجاج مان ملي ٿو، وزيراعظم نوازشريف کي شايد اها
اميد آهي ته آصف علي زرداري پرڏيهه ۾ ويهي
سندس مدد ڪندو يا سعودي بادشاهه ۽ ٻيا عالمي اڳواڻ وزيراعظم نوازشريف کي بچائڻ
لاءِ ڪوششون ڪندا. انهي غلط فهمي
وزيراعظم نوازشريف عمران خان کي چيلينج ڪري رهيو آهي ته سندس جمهوري حڪومت ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا
ويا آهن، جنهن سان ملڪ جي معيشيت تي به وڏو اثر پيو آهي، نوازشريف پنهنجي مانسهره
واري خطاب ۾ چيو ته هو نٿا چاهين ته حالتون خراب ٿين، ڪجهه عنصر جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ بنا جواز ننڍڙي ڳالهه کي اشو بڻائي رهيا آهن،
جنهن سان جمهوري عمل کي تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي. وزيراعظم نوازشريف جي چهري تي به پريشاني واضع نظر اچي رهي آهي ۽
سندس آواز به تبديل ٿي ويو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته کيس ڪو اشارو ملي ويو آهي جنهن
کي هو مڃڻ لاءِ تيار نظر نه پيو اچي ۽
پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ مختلف اعلان ڪري رهيو آهي، عمران خان به نوازشريف
کي اهو چيو آهي ته هڪ ئي منصوبي کي ٻه ڀيرا
افتتاح نه ڪيو وڃي. عمران خان هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم نوازشريف کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته
هو استعيفيٰ ڏئي ۽ چونڊون ڪرائي ته جئين ڪو
ٻيو ايماندار شخص اچي ملڪ سنڀالي.
وزيراعظم
نوازشريف جو اهو سوال پنهنجي جڳهه ته اهم
آهي ته آخر نئون پاڪستان ڪٿي ٺهي رهيو آهي، جنهن جو جواب شايد عمران
خان وٽ به نه هجي، عمران خان ماضي ۾
تبديلي جو نعرو هنيو هو ۽ چيو هو ته
تبديلي آ نهي گئي آ گئي هي، تحريڪ انصاف
سربراهه عمران خان جي تبديلي واري نعري ته
ملڪ اندر وڏي مقبوليت ماڻي جهڙي ريت 1973ع کان پوءِ پيپلزپارٽي جي نعري اٽو لٽو
اجهو ( روٽي، ڪپڙا، مڪان ) مشهور ٿيو هو.
تحريڪ انصاف سربراهه عمران جڏهن کان تبديلي جو نعرو هنيو آهي ان ڏينهن کان
ملڪ ۾ جلسن ۽ جلوسن ۾ اڳواڻن جي خطاب دوران گانا هلائڻ جي روايت به پئجي وئي آهي، جيڪا به وڏي تبديلي آهي، ڇاڪاڻ ته
عوام کي هاڻ جلسن جلوسن ۾ ٿورو انٽرٽينٽمنٽ مليويو آهي، جيڪو اڳ نه هو. هڪ ٻي به وڏي تبديلي نظر اچي رهي آهي جيڪا هتي
لکڻ ضروري سمجهيو آهي اها تبديلي عمران جي
جلسن ۾ اها آهي ته عمران جي جلسن ۾ عورتن تان بدتميزي ٿيندي آهي ۽
ان کي اردو ميڊيا (دهمڪ پيل )جي نالي سان هلائيندي آهي ان لفظ جي معنيٰ ته سمجهه ۾
ته ناهي اچي سگهي پر ايترو ضرور چوندس ته
جڏهن جلسن ۾ عورتن سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي
جنهن سان نارين کي روئڻو پوي ۽ ان کي تبديلي جو نالو ڏنو وڃي ته اهو سڀ کان
وڏو زوال آهي. عمران خان جي جلسن ۾ نه ته ڪي عورتن لاءِ ڪي جدا ويهڻ
جو بندوبست ڪيو ويندو آهي ۽ نه وري انهن کي سيڪيورٽي فراههم ڪئي ويندي آهي،
ڪجهه ڏينهن عمران خان جي ٿيل جلسي ۾ جهڙي ريت عورت سان بدسلوڪي ڪئي وئي ۽ ميڊيا ان کي ڏيکاريو جنهن سان ان عورت جي به تذليل ٿي
۽ ان سان گڏ پارٽي جي پت به وائکي ٿي وئي
آهي ته ان پارٽي ۾ اهڙا نوجوان به آهن، جيڪي عورتن جي عزت به نه پيا ڪن. جيتوڻيڪ عمران خان ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر لڳي نٿو
ته هو اهڙن بدمست نوجوانن کي قابو ڪري
سگهي.
پاناما
ليڪس معاملو ختم ٿئي يا نه ٿئي پر جنهن ريت ملڪي معيشيت کي نقصان پهچي رهيو آهي،
شايد ان جو اندازو ڪنهن کي به نه هوندو. پيپلزپارٽي به سنڌ اندر پنهنجي مرضي سان
بل پاس ڪري رهي آهي ۽ انهن جي هڪ وڏي پريشاني به
ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪي
آهي، اها پريشاني ختم ڪرڻ وارو ٻيو نه پر
هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ئي آهن، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ڪراچي اندر هر روز هڙتال ڪئي
ويندي هئي ۽ هميشه نفرت پکيڙيندڙ شخص جون
تقريرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون هيون جنهن تي هن وقت تائين پابندي لڳل آهي.
جنهن جي ڪري پيپلزپارٽي سک جو ساهه
کڻي رهي آهي پر افسوس جو ان سڪون واري پل ۾ آصف علي زرداري موجود نه آهي،
جنهن سبب سنڌ اندر ٻيو ڪو وڏو اشو ناهي ٿي
سگهيو، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ نه جهڪندا، شازشي عنصر
پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿيندا. پر وزيراعظم هن وقت تائين عمران خان جي مطالبي کي ناهي مڃيو، جنهن مان لڳي
ٿو ته ايندڙ وقت ۾ اڃان وڌيڪ نوازشريف لاءِ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ۽ کيس گهر ڀيڙو
به ٿيڻو پئجي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته عمران خان جو نئون پاڪستان جلد مڪمل ٿي رهيو
آهي، پر هن وقت تائين عمران خان طرفان اهو
ناهي ٻڌايو ويو ته اهي ڪهڙا ڪهڙا صوبا آهن جيڪي
سندس نئين پاڪستان ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هاڻ جڏهن عمران نئين پاڪستان جو
اعلان ڪري ڇڏيو آهي تڏهن هر هڪ صوبي جي ماڻهو کان راءِ وٺي ته ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ساڻس
گڏ آهن جيڪي پراڻي پاڪستان کي ڇڏي سندس نئين پاڪستان ۾ شمار ٿيندا.
No comments:
Post a Comment