صاحب خان ڀٽ
پاناما ليڪس جي
پهرين ٽريلر ئي پاڪستان اندر وڏو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي جو وزيراعظم نوازشريف کي
قوم کي ٻه ڀيرا اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ خطاب
ڪرڻو پيو پر اهو معاملو اڃا پنهنجي انجام تي پهتو ئي نه هو ته وري مٿان پاناما
ليڪس ٻيهر 9 مئي تي وڌيڪ 400 سئو پاڪستانين
جي آف شور ڪمپينين ۽ اڪائونٽن تان پردو کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾
دنيا جي 2 سئو ملڪن سان لاڳاپايل ڪمپنين، فائونڊيشنز ۽ شخصيتن جا نالا شامل آهن، جنهن
بعد هڪ دفعو ٻيهر مختلف سياسي، سماجي پارٽين جي اڳواڻن سميت واپارين ۾ هڪ بي چيني
پکڙجي وئي آهي، وفاقي ڪابينا به پاناما
ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اماڻيل ٽرمز آف ريفرنسز ( ٽي او آرز
) جي قطعي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن دوران اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته انهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ڪئي ويندي. جڏهن
ته پ پ ۽ بار ايسوسيئيشن ۾ ٽي او آرز تي
اتفاق ڪيو ويو آهي، خورشيد شاهه جي سربراهي هيٺ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي ٿيل گڏجاڻي
۾ سرڪاري مول متن کي رد ڪري آرڊيننس تحت آزاداڻي ڪميشن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو
آهي، جڏهن ته سيد علي ظفر طرفان چيو ويو آهي ته حڪومت جي انڪوائري ڪميشن جي مول
متن تي کين تمام گهڻا خدشا آهن، هاڻ ڏسڻو اهو
آهي ته ڇا نواز مخالف ڌريون ان
فيصلي تي راضي ٿينديون يا وري اهو ساڳيون ممڻ متل هوندو. ڇاڪاڻ ته
وزيراعظم نوازشريف جا مخالف هاڻ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا آهن، جنهن جو مثال عمران
خان جي 24 اپريل واري جلسي مان
ملي ٿو. جماعت اسلامي جو امير سراج
الحق به 24 اپريل وزيراعظم نوازشريف جي احتساب جو مطالبو ڪيو هو. پيپلزپارٽي به هاڻ انهن جو ساٿ ڏيڻ تي
مجبور ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته جن به ماڻهن جا نالا پاناما ليڪس ۾ آيا آهن انهن دنيا
اندر خلاف ممڻ متل آهي ۽ انهن جون ننڊون
حرام ٿي ويون آهن، پر سعودي عرب ۽ ڀارت ۾ هن وقت تائين پاناما ليڪس پيپرز بابت عوام جو ڪو به رد عمل سامهون ناهي اچي
سگهيو آهي،
جيتوڻيڪ سعودي بادشاهه
شاهه سلمان بن عبدالعزيز سميت سعودي جي
ٻين اهم اڳواڻن جا نالا شامل آهن ، ان
باوجود اتي ٺاپر آهي، ڇاڪاڻ
تي ماضي ۾ به جيڪي به سعودي اندر احتجاج ٿيا آهن، انهن احتجاج
ڪندڙن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي هئي، ايتري قدر جو
احتجاج ڪرڻ تان هڪ
اڳواڻ کي ڦاهي به ڏني وئي هئي. هاڻ اتي ڪرپشن توڙي ملڪي ناڻو لٽيندڙن خلاف
عوام جو روڊن تي اچڻ هڪ سواليا نشان بڻيل
آهي ۽ اتان جي عوام به شايد ڪڏهن نه چاهيندي ته
پاناما ليڪس پيپرز ۾ نالي اچڻ سان هو پنهنجي ملڪي کي خراب حالتن ڏانهن ڌڪين ۽ معيشيت کي تباهه
ڪن. افسوس جي ڳالهه آهي ته پاناما ليڪس واري معاملي بعد وزيراعظم نوازشريف جو بيان
آيو آهي ته ملڪ اندر قرض معاف ڪرائيندڙن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، ان جو مطلب ته وزيراعظم نوازشريف وٽ انهن سڀني
ماڻهن جي نالن جي فهرست موجود آهي، جن ماڻهن
سرڪاري بينڪن مان قرض کڻي پوءِ معاف ڪرايو آهي ۽ انهن ۾ به ٿرٿلو مچي ويو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم نوازشريف جي اولاد خلاف اڃان
وڌيڪ جاچ ٿي يا انهن خلاف ڪارروائي لاءِ
دٻاءُ وڌيو ويو ته پوءِ لڳي ٿو نوازشريف انهن سياسي اڳواڻن جا نالا پڌرا ڪندو جن بينڪن مان قرض کڻي بعد ۾ معاف
ڪرايا آهن. هن وقت وزيراعظم جا اهڙا بيان ڪا به معنيٰ نه پيا رکن ڇاڪاڻ ته سندس نالو پاناما ليڪس ۾ اچڻ بعد قوم جو اعتماد
ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب هن وقت
تائين قرضو معاف ڪرائندڙن خلاف عوام ڪارروائي جو مطالبو نه ڪيو آهي. جيڪڏهن انهن قرض کڻي معاف ڪرائيندڙن
سياستدانن خلاف ڪارروائي ٿئي ته پوءِ
شايد ماحول ۾ ٿورڙي ٺاپر اچي سگهي، جيڪڏهن انهن کان اهو قرض ٻيهر واپس ورتو
وڃي ته ملڪ جون حالتون به سڌري سگهن ٿيون. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ملڪ اندر اهڙا ڪيترائي
سياستدان آهن جن بينڪن مان پنهنجي اولادن، مٽن، مائيٽن ۽ دوستن کي قرض ڏياريو ۽
بعد ۾ معاف ڪرائڻ ۾ مدد به ڪئي آهي، جنهن
سان ملڪ هن وقت ته آءِ ايم ايف جو قرضي
بڻيل آهي. بدقسمتي سان گذريل ڪيتري عرصي کان اسان جو ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ دٻجندو پيو
وڃي، جنهن مان ڪڍڻ لاءِ هن وقت تائين ڪنهن به
قدم ناهي کنيو. جمهوري حڪومت هجي يا نه، ملڪ کي قرض ضرور ملندو آهي، جنهن
سبب ملڪ جو هر هڪ فرد هن وقت به قرضي بڻيل آهي، جمهوري حڪومت يا ٻئي ڪا حڪومت هجي
جڏهن به قرض کنيو ويندو آهي ته ان جي سزا صرف عوام کي ڀوڳڻي پوندي آهي. وڏيون
سهولتون حاصل ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل
ڪامورا صرف آءِ ايم ايف کان قرض ته کڻن ٿا
پر اهو قرض هن وقت تائين لاهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي ۽ اهي
ڪامورا صرف پنهنجي عياشين ۾ پورا آهن.
پي ٽي آءِ سربراهه
عمران 24 اپريل واري جلسي بعد سنڌ مان
ڪرپشن مٽايو ۽ ملڪ بچايو ريلي جي شروعات
جو اعلان ڪيو هو ۽ اها ريلي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي پر سوچڻ جي اها ڳالهه
ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو رخ ڪرڻ جو
ڪنهن مشورو ڏنو آهي. بهر حال اها خبر پي
ٽي آءِ ۽ عمران کي ئي هوندي ته انهن جي سنڌ مان شروع ڪيل ريلي جا مقصد ڪهڙا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪرپشن مٽايو ملڪ بچايو واري ريلي سنڌ کان نه پر
پنجاب کان شروع ڪئي وڃي ها ته بهتر هجي ها ڇاڪاڻ ته وزيراعظم نوازشريف جو تعلق به پنجاب سان آهي ۽ سندس هر
احتجاج ۽ بيان به وزيراعظم ئي خلاف هوندو
آهي ته پوءِ اوچتو عمران خان کي پنهنجي
توپن جو رخ سنڌ ڏانهن ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت
پئي؟، پيپلزپارٽي جي صوبائي صلاحڪار
مولابخش چانديو ته پنهنجي بيان چيو هو ته
عمران خان ڀلي سنڌ اچڻ جي خواهش پوري ڪري
ڏسي هو اڳ به سنڌ آيو هو پر کيس موٽ
نه ملي هئي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي اهڙن بيانن مان لڳي پيو ته اڃان
وڌيڪ سياسي مانڌاڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو
آهي هڪ طرف پيپلزپارٽي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ وزيراعظم نوازشريف خلاف پي ٽي آءِ سان گڏ احتجاج ڪري ٿي ته ٻي طرف
سندن پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ پي ٽي آءِ خلاف بيان ڏئي رهيا آهن، سمجهه ۾ اها ڳالهه
نٿي اچي ته آخر اهي پارٽيون هڪ هنڌ گڏ
ڪئين ٿيون آهن. اهڙن بيانن مان لڳي ٿو ته پارٽيون صرف بيانن تائين گڏ ٿيون آهن
عملي طور اهي هڪ ٻئي خلاف آهن.پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وزيراعظم نوازشريف
پٺيان هٿ ڌوئي پئجي ويو آهي ۽ هو پنهنجي هر خطاب ۾ سندس خلاف ئي ڳالهائيندو آهي
جنهن بابت به اهو چيو وڃي ٿو ته عمران خان کي نوازيريا ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو هر
وقت نواز نواز ڪندو رهندو ۽ کيس سندس اثاثن جي تمام گهڻي ڳڻتي آهي.
جيڪڏهن پاناما ليڪس
بابت ملڪ اندر صاف شفاف جاچ ٿئي ته پوءِ ڪو به ٽيڪس چور سزا کان نه بچي
سگهندو ۽ اهي شخص به نه بچي سگهندا جن قرض
کڻي معاف ڪرايو آهي. افسوس جهڙي ڳالهه آهي
ته ملڪ اندر نيب جي هجڻ باوجود هن وقت
تائين پنجاب ۾ ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، سنڌ
مان ته ڪيترائي ماڻهو ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن پر پنجاب ۾ هن وقت
تائين ڪنهن به وزير کي حراست ۾ ناهي ورتو
ويو. جنهن مان به اهو لڳي ٿو هتان جا ادارا پنهنجو فرض درست نموني ادا نه پيا ڪن. جيڪڏهن قانون تي عمل ٿئي ۽ هر هڪ جو احتساب ڪيو
وڃي ها ته پوءِ هن ملڪ جون حالتون تبديل ٿي وڃن ها. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي قيام کان وٺي
هن وقت تائين ڪنهن به بااثر شخص جو احتساب ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب ڪرپشن ۽ بدامني
جو راڄ رهيو آهي. جيڪڏهن ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ جو مڪمل اختيار ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته
پوءِ ملڪ جون اهڙيون حالتون نه هجن ها جيڪي
هاڻ آهن. گذريل ڏينهن ميڊيا تي خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته پاناما
ليڪس پيپرز وارن غلطي سان وزيراعظم نوازشريف جو نالو ڇاپيو هو، جنهن
بعد هاڻ انهن نوازشريف جو نالو هٽائي ڇڏيو آهي ۽ معافي به ورتي آهي. اهڙين خبرن
بعد انٽرنيشنل ڪنسور شيم آف انويسٽي گيٽيو
جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي ) خانگي اخبار جي خبرن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي
ڇڏيو آهي، ڪنسور شيم جي ميمبر رئل جيراڊ جو بيان سامهون آيو آهي ته وزيراعظم
نوازشريف جو نالو ڏيڻ جي حوالي سان هنن ڪا به معافي ناهي ورتي ۽ نه ئي ڪا معذرت
ڪئي اهي. رئل جيراڊ ايميل ۾ لکيو ويو آهي ته
وزيراعظم نوازشريف جو نالو سندس والاد جي آف شور ڪمپنين سبب سامهون آيو، جنهن تي هنن ڪا به معذرت ناهي
ڪئي. ڪنسو شيم جي ميمبر چيو آهي ته اخبار جي خبر مان کيس لڳي ٿو ته وزيراعظم جو نالو رپورٽ مان
هٽايو ويو آهي، جنهن سبب اهڙيون گمراهه ڪندڙ خبرون نشر ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته وزيراعظم نوازشريف جو نالو ڀلي کڻي رپورٽ ۾ نه هجي يا وري غلطي
سان لڳو هجي پر سندس اولاد هاڻ ميڊيا تي ويهي
آف شور ڪمپنين جو اعتراف به ڪيو آهي،
جيڪڏهن فراري رکندڙن جو احتساب ٿي سگهي ٿو
ته پوءِ وزيراعظم نوازشريف کي به سندس اولاد خلاف اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻي
پوندي ته جئين ٻهير ملڪ ۾ الزامن واري سياست ختم ٿئي ۽ ملڪ ترقي طرف وڌي.
جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان هن وقت تائين سنڌ
۾ پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ناهي ڏيکاريو سگهي پر سندس حامين ۾ اضافو ٿي سگهي
ٿو، ڇاڪاڻ ته شاهه محمود جا مريد ۽ سنڌ جا بااثر وڏيرا هاڻ پي ٽي آءِ ۾ داخل ٿي
رهيا آهن جنهن سان پيپلزپارٽي کي وڏو ڌچڪو رسي رهيو آهي،
ڪجهه تجزيا نگارن جو خيال آهي ته عمران خان کي ڪرپشن مٽايو، ملڪ بچايو ريلي
جي شروعات ڪراچي کان نه پر رائيونڊ کان
ڪرڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته انهن اڳواڻن جو
نالوئي پاناما ليڪس پيپرز ۾ آيو آهي جيڪي رائيونڊ
جا حاڪم بڻيل آهن. بني گالا جي بادشاهه عمران خان
جي ڪرپشن مٽايو، ملڪ بچايو ريلي ۾
هن وقت تائين ماڻهن جو انگ ته ناهي وڌي سگهيا پر شاهه محمود قريشي پنهنجا بيان هر
هنڌ ڏيندو اچي ٿو ته جتي به پهچي ٿو. جنهن شهر ۾ هو قدم رکي ٿو اتي ڪنهن نه ڪنهن
ميڊيا جي ماڻهو سان ضرور ڳالهائي ٿو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا عمران خان وزيراعظم
نوازشريف جي ٽي او آرز جي منظوري بعد
انڪوائري ڪميشن کي قبول ڪندو يا ان تي پهاڙ جيڏا سوال کڙا ڪندو، ڇاڪاڻ ته واحد
عمران خان آهي جيڪو ملڪ اندر تبديلي آڻڻ جو خواهشمند آهي پر سندس انهي تبديلي هڪ
وڏو نقصان به ٿي رهيو آهي، هڪ طرف هن ملڪ
کي اسلامي ملڪ سڏيو وڃي ٿو ته ٻي طرف وري عمران خان جي جلسن جلوسن ۾ جيڪو رويو
عورتن سان اختيار ڪيو وڃي ٿو ته اهو انتهائي خراب آهي، سندس جلسي ۾ نه ڪي عورتن
لاءِ ڪو ڌار پنڊال هوندو آهي ۽ نه ئي وري انهن جي ويڙهڻ لاءِ ڪو جدا بندوبست ڪيو
ويندو آهي، جنهن سبب ڇوڪرين سان لوفر ۽ بدمعاش نوجوان دهمڪ پيل واريون حرڪتون ڪندا
آهن ، جنهن سبب انهن کي روئڻو پوندو آهي، جنهن جون خبرون ميڊيا تي به ڀريون پيون
آهن ، هاڻ وقت ئي ٻڌائندو ته عمران خان کي
سنڌ مان شروع ڪيل ڪرپشن مٽايو، ملڪ بچايو ريلي مان ڪيتري موٽ ملي ٿي.
No comments:
Post a Comment