Pages

Monday, 18 April 2016

پاناما ليڪس بابت جاچ ڪميشن ۽ لنڊن جو علاج

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس پيپرز هڪ طرف دنيا اندر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي ته ٻي طرف وري پاڪستاني جمهوريت جي دعويدارن جون ننڊون به ايتريون ته ڦٽائي ڇڏيون آهن جو ڪنهن کي دل جي بيماري ٿئي پئي آهي ته  ڪن سياستدانن جا ويجها مائٽ بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا  آهن، جن جي علاج لاءِ  کين پرڏيهه وڃڻو پئجي رهيو آهي. عجب جي ڳالهه اها آهي ته جن به  سياستدانن جو نالو پاناما ليڪس ۾ آيو آهي، اهي ئي بيمار ٿيا آهن ۽ انهن سمورن  سياستدانن کي برطانيا کانسواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪو به ملڪ علاج لاءِ نظر نه آيو ۽ انهن وڃي لنڊن وسايو آهي. جئين جئين وقت گذري رهيو آهي تئين تئين جمهوريت جي دعويدارن لاءِ ڏکيائون وڌي رهيون آهن. ڪجهه عرصو اڳ تجزيه نگارن جمهوريت بابت جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي ته جمهوريت لاءِ پنج، ڇهه مهينا انتهائي آهن ۽ ڪنهن وقت به جمهوريت جي ريل پٽڙي تان لهي سگهي، اڄ پيدا ٿيل سموريون انهن اشارن ڏانهن ڌيان ڇڪائي رهيون آهن. جهڙي ريت حڪمران پاناما ليڪس واري معاملي تي لنڊن ۾ هڪ ميز تي گڏ ٿي ويا آهن،  تنهن مان لڳي پيو ته ملڪ اندر ڪو وڏو فيصلو ٿيڻو وارو آهي، جنهن جو ٽاسڪ به ڪجهه سياسي ڌرين کي ڏنو ويو آهي. جيڪي پاناما ليڪس معاملي تي وڏو واويلا ڪري رهيون آهن پر عملي طور تي ڪجهه ڪندي نظر نه پيون اچن. جهڙي ريت پاناما ليڪس معاملو اٿيو آهي جنهن سان شايد جمهوريت جي ريل پٽڙي سوڌو پٽجي نه وڃي. پاناما ليڪس معاملي بعد سياستدانن جي اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ به وڏو اشارو آهي ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس ته هڪ بهانو آهي پر اصل اشارا انهن پنجن ڇهن مهينن ڏانهن آهي، جن بابت ڪجهه عرصو اڳ بحث ٿي رهيو هو، هاڻ جڏهن سياستدانن جي طبيعت خراب ٿي آهي، تڏهن انهن پنهنجو ديرو لنڊن ۾ ڄمايو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته شايد لنڊن جي پوليس سان گڏ لنڊن جا ڊاڪٽر به تمام گهڻو ماهر علاج آهن، جن سان ٻين ملڪن جا ڊاڪٽر مقابلو نٿا ڪري سگهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صاحب جي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان طبيعت خراب هئي ۽ سندس علاج دبئي ۾ هلندڙ هو، هاڻ هو به لنڊن پهتل آهي، ڪجهه ڏينهن متحده سربراهه جي طبيعت خراب هجڻ خبرون ٻڌڻ ۾ آيون هيون، جنهن بعد ايم ڪيو ايم سوشل ميڊيا تي  وڊيو جاري ڪئي هئي جنهن بعد متحده سربراهه جي طبيعت کان ماڻهن کي آگاهي ملي. وزيراعظم نوازشريف جون به لنڊن ۾ ٽيسٽون ٿي رهيون آهن، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته سندس طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي. وزيراعظم نوازشريف به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو  جلد ڏيهه واپس ورندو، في الحال سندس طبيعت خراب آهي، جڏهن ته ن ليگ اڳواڻن طرفان به اهو بيان آيو آهي ته وزيراعظم جو علاج ٻه يا ٽي مهينا هلي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سندس علاج ماهر ڊاڪٽرن کان ڪرايو پيو وڃي ۽ انهن ڊاڪٽرن طرفان چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي  طبيعت ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪجهه مهينا لڳي سگهن ٿا، پر سياسي پنڊتن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاناما ليڪس پيپرز معاملي جي ٺاپر جي فورن بعد ڏيهه واپس ورندو، ۽ اهي اڳواڻ به پاناما ليڪس معاملي کان پوءِ ڏيهه اچي سگهن ٿا جن جو علاج ڪيتري عرصي کان پرڏيهه ۾  هلندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس معاملي ڪيترن ئي پارٽين  وچ ۾ پيدا ٿيل اندروني اختلاف ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي هڪ ٻئي ڏانهن ويجهو اچي رهيا آهن. اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جو به علاج ٿي رهيو آهي، جنهن جي چيلهه جو سور به آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي.شايد اهو به ڏيهه جلد واپس وري، پر سندس ڏيهه اچڻ جا گهٽ امڪان نظر اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته پنج ڇهه مهينن کان اڳ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
 وفاقي گهرو وزير به ڏيهه کان پرڏيهه ويل آهي، جنهن چيو آهي ته هو پنهنجي گهر واري جو علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه ويو هو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته چوڌري نثار پاناما ليڪس بابت  پرڏيهه ويو هو، جهن بابت کيس ڪو گرين سنگنل ناهي ڏنو ويو،  اهي به ميڊيا ۾ خبرون آهن ته چوڌري نثار پاناما جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون آهن، پر وفاقي گهرو وزير طرفان هن وقت تائين اهڙين خبرن جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي وئي. هن وقت جڏهن پاناما ليڪس پيپرز وارو معاملو  ٽانڊن وانگي ٻري رهيو آهي ان مهل سياستدانن جو علاج  لاءِ پرڏيهه وڃڻ سوين سوال اٿاري ٿو، پر  شايد انهن سياستدانن کي انهن سوالن سان ڪو به اثر نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هتي انهن ماڻهن کي جواب ڏنو ويندو جيڪي حڪومت جي ٽڪر جا هوندا ۽ حڪمران به انهن سان ڳالهيون ڪندا آهن جن وٽ طاقت هوندي آهي، باقي رهي ڳالهه عام ماڻهو جي ته انهن کي سوال پڇڻ تي لٺيون ۽ آنسو گئس جو نذرانو ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن ٿورو سوچيو وڃي ته زيراعظم نوازشريف  پاناما ليڪس خوفزده ٿي علاج جو بهانو بڻائي لنڊن ويو آهي، ته ان تي ايترو اچرج نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪجهه گهڙيون سچ به سمجهيو وڃي ته پوءِ اتي اهو به سوچڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿا عمران خان کي به هن مهل ڪهڙي ضرورت پئي هئي جو کيس فنڊ ريزنگ تقريب ۾ شرڪت لاءِ لنڊن وڃڻو پيو جنهن وقت حڪمران علاج ڪرائڻ لاءِ لنڊن پهتل هئا.  عمران خان جو به لنڊن وڃڻ به هزارين سوالن کي جنم ڏئي ٿو ۽ سوچڻ ته مجبور ڪري ٿو ته عمران خان جا فنڊ ريزنگ کان علاوه ٻيا ڪهڙا  ارادا هئا جو کيس لنڊن وڃڻ جو به ان وقت فيصلو ڪرڻو پيو جهن وقت پاناما ليڪس  وارو معاملو ممڻ جيان متل هو.......!!!
وزيراعظم نوازشريف پاناما ليڪس معاملي بابت جاچ لاءِ اپوزيشن اڳواڻن جي مطالبي تي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي پر هن وقت تائين ڪو به موجوده يا رٽائرڊ جج ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. حڪومت به پنهنجا وڏا وس لڳائي رهي آهي پر هن وقت تائين ڪنهن طرفان ڪميشن جي سربراهي جي هامي ناهي ڀري وئي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جنهن به شخص جو نالو ڪميشن جي سربراهه طور سامهون آيو آهي ان تي ڪٿان نه ڪٿان ڪو اعتراض واريو پيو وڃي، سرمد جلال عثماني جو نالو جنهن وقت سامهون آيو ان وقت ئي تحريڪ انصاف ۽ ٻين پارٽين طرفان ڪيترائي اعتراض اٿاريا ويا ۽ اهو چيو ويو ته سرمد جلال عثماني جي گهر واري جو تعلق ن ليگ سان آهي جنهن سبب کيس ڪميشن  سندس سربراهي ۾ نٿي جوڙي سگهجي ۽ نه ئي ان جي حمايت ڪئي ويندي. اهڙن بيانن کان سرمد جلال عثماني جو نالو به رد ڪيو  ويو. ٻي طرف وري رضا رباني به پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي سربراهه ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. سندس موقف آهي ته سينيٽ جي چيئرمين جي حيثيت سان هن ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ کيس نٿو سونهين ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ هن  پارلياماني ڪميٽي ۾ شامل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو شامل ٿيو ته مٿس سوين سوال اٿاريا ويندا ۽ ڪيترائي اڳواڻ مٿس آڱريون کڻندا، جنهن سبب هو هن پارلياماني ڪميٽي ۾ شامل نه ٿيندو. رضا رباني اهو به چيو آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ وائيٽ ڪالر ڪرائيم ۾ مهارت گهربل آهي، جيڪا وٽس نه آهي ۽ هو سينيٽ جي ضمانت رکندڙ آهي، مختلف پارٽين جا اڳواڻ به رضا رباني جي فيصلي جي ساراهه ڪري رهيا آهن ته هن تمام سٺو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ته اڳ ئي چڪو آهي ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي موجوده چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڙي وئي ته هو ان کي قبول ڪندو  پر ٻئي ڪنهن به شخص جي سربراهي ۾ پارلياماني ڪيمٽي قبول نه هوندي.  عمران خان طرفان به پاناما ليڪس واري معاملي تي سخت بيان ڏنا پيا وڃن پر هن وقت تائين اهي بيان ئي نظر اچي رهيا آهن جئين ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هڪڙو مطالبو رهيو آهي ته حڪمران  پنهنجا اثاثا ظاهر ڪن، پر هن وقت تائين سندس مطالبو ناهي مڃيو ويو. تحريڪ انصاف سربراهه جي ان مطالبي نواز ليگ طرفان به هميشه اهو بيان آيو آهي ته هنن ڪي به اثاثا ناهن لڪايا، جيڪي به اثاثا آهن اهي سڀني کي خبر آهي. پر افسوس جو پيپلزپارٽي جي اڳواڻن طرفان مختلف بيان سامهون اچي رهيا آهن هڪڙا نوازليگ جي حمايت ۾ بيان ڏئي رهيا آهن ته ٻيا وري مخالف ۾ بيان ڏيندي رڪجڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن. بهر حال بيانن سان صورتحال ويتر خراب ٿيندي، جيڪڏهن سموريون ڌريون پاناما ليڪس معاملي  جي جاچ لاءِ واقعي سنجيده آهن ته پوءِ کين هڪ ٿيڻو پوندو.
sahibkhanbhatti@gmail.com

No comments:

Post a Comment