Pages

Thursday, 14 April 2016

پاناماليڪس کانپوءِ حڪمرانن جي لنڊن ياترا

صاحب خان ڀٽي
جتي پاناما ليڪس دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي اتي انهن حڪمرانن لاءِ به تمام گهڻيون ڏکيائون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، جن جي اولادن جون آف شور  ڪمپنيون آهن.  جيڪي بيان ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا آهن پر سندن مخالفن تنقيد ڪندي ٿڪجن ئي نه پيا. هڪ طرف پاناما ليڪس  کانپوءِ مختلف ملڪن جا حڪمران پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي رهيا آهن ته ٻي طرف وري پاڪستاني حڪمران قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ سان گڏ مختلف دعوائون ڪري  پنهنجي موقف کي مضبوط ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت گهڻو عرصو قائم رهي نه سگهي آهي پر ان باوجود عوام جو اعتماد هر ڀيري جمهوري اڳواڻن تي ئي رهيو آهي، پوءِ ڀلي حڪمران ڪرپشن ڪندا هجن يا نه، ان جو عوام تي ڪو به اثر نه پوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو پاناما ليڪس بعد به هن ملڪ جو عوام خاموش آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ايترو وقت ناهي جو هو روڊن تي اچن. هڪ طرف مهانگائي ته ٻي طرف وري بجلي جي لوڊشيڊنگ، پاڻي ۽ گئس  سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا سندن آڏو آهن، جن کان پيڇو ڇڏائڻ سندن لاءِ ناممڪن آهي. جيڪي هو هڪ ڏينهن به احتجاج لاءِ نڪرن ٿا ته پوءِ انهن جو پيٽ ڪاٽڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي و ڃي ٿو. باقي رهي ڳالهه سياسي پارٽين جي ته پوءِ انهن وٽ واقعي ايترو وقت  ضرور آهي جو اهي هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪي سگهن ٿا ۽ هڪ ٻئي خلاف بيانبازي سان گڏ هزارين ماڻهو وٺي ڌرڻو به هڻي سگهن ٿا، پوءِ ڀلي ان سان عوام کي فائدو پهچي يا نه، ان سان انهن سياستدانن جو ڪو به مطلب نه هوندو آهي. جيڪي مختلف شهرن ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري عوام جي حقن جا نعرا ته هڻندا آهن پر شايد انهن کي اهو خبر نه هوندي آهي  ته انهن جي احتجاج سان ملڪ جي معيشيت کي ڪيترو نقصان پهتو رهيو آهي. 
پاناما ليڪس کانپوءِ  ملڪ جي سياستدانن پنهنجيون گودڙيون ٻڌي لنڊن ڏانهن رخ ڪيو آهي. ڪجهه ته اڳ ئي لنڊن ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو ويٺا آهن. هاڻ جڏهن پاناما ليڪس جي انڪشافن کانپوءِ  حڪمرانن ۾ ٿرٿلو  متل آهي ته ان کان پيڇو ڇڏائڻ لاءِ  هٿ پير به هنيان پيا وڃن. ته ٻي طرف وري ملڪ ۾ ماهر ڊاڪٽر به  اچي ويا آهن جيڪي ڪنهن به سياست کي بيمار ڪري پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن. انهن ماهر ڊاڪٽرن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به  پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ ان مشوري تحت آصف علي زرداري صاحب پنهنجو علاج پرڏيهه مان ڪرائي رهيو آهي ۽ انهن ماهر ڊاڪٽر آصف علي زرداري کي پاڪستان جي دوري کان پرهيز ڪرڻ جو به چيو هو جنهن سبب آصف علي زرداري پاڪستان کان علاوه  دبئي، لنڊن ۽ آمريڪا جا دورا ڪري رهيو آهي. بهر حال اسان جي ته اها ئي دعا آهي ته آصف علي زرداري صاحب جو به علاج جلدي ٿي وڃي ۽ سندس طبيعت ۾ بهتري اچي وڃي ته هو جلد ڏيهه اچي سنڌ واسين جي  ماضي جيان ٻيهر خدمت ڪري. رهي ڳالهه اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ته ان کي به ڪنهن ڊاڪٽر پرڏيهه مان علاج جي  صلاح ڏني، جنهن بعد هو  ڪرنگهي جي سخت تڪليف ۾ دبئي ويو ۽  بيماري به ۾ پارٽي جو اجلاس گهرايو ۽ ثابت ڪيو ته هو ڀلي ڪيترو به بيمار هجي پر پنهنجي پارٽي معاملن تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪندو.  آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف کانپوءِ اهو نه پيو لڳي ته ڪو ٽيون به ماهر ڊاڪٽر ملڪ ۾ پيدا ٿيندو جيڪو  ڪنهن ٻئي به وڏي سياستدان کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏيندو. پاناما ليڪس اچڻ بعد هن ملڪ جي ته ڊاڪٽرن جي قسمت ئي بدلجي وئي آهي. جو ڊاڪٽرن جي مشورن تي وڏا وڏا سياستدان ٻاهرن ملڪن کان علاج ڪرائي رهيا آهن. هاڻ جڏهن وزيراعظم نوازشريف به پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ هليو ويو آهي تنهن بابت به اهو چيو پيو وڃي ته شايد وزيراعظم جلد صحتياب نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته جيستائين ڊاڪٽر اجازت نه ڏيندا اوستائين وزيراعظم نوازشريف جو ڏيهه ورڻ ناممڪن هوندو.  پاناما ليڪس کانپوءِ لنڊن  مني پاڪستان بڻجندو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف پيپلزپارٽي جا اهم اڳواڻ لنڊن پهتل آهن ته ٻي طرف وري نواز ليگ ۽  تحريڪ انصاف جا ڪجهه اڳواڻ به لنڊن روانو ٿي رهيا آهن. وزيراعظم نوازشريف ته اڳ ئي لنڊن ياترا تي پهچي چڪو آهي، منهنجو مطلب ته لنڊن ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ ويو آهي. وزيراعظم نوازشريف لنڊن ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هو  آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو، ته ٻي طرف پيپلزپارٽي جي ذريعن طرفان به آصف علي زرداري ۽ نوازشريف جي ملاقات جو اشارو ڏنو  ويو هو. هاڻ ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿئي يا نه پر اها ڳالهه ته  ثابت ٿيندي پئي وڃي ته لنڊن ۾ ڪا سياسي مانڌاڻ ضرور ٿي رهي آهي جنهن سان جمهوريت جو مسقبل سلهاڙيل آهي. ڪجهه تجزيه نگار چئي رهيا  آهن ته نوازشريف  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان صلاح مشورو وٺڻ لاءِ لنڊن ياترا تي ويو  آهي. ته ڪي وري چئي رهيا آهن ته پاناما ليڪس بعد عمران خان جي احتجاج جي اعلان بعد وزيراعظم پرڏيهه علاج جو بهانو ڪري هليو ويو  آهي. وزيراعظم نوازشريف جڏهن لنڊن پهتو ته اتي ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته کيس سمجهه  ۾ نٿو اچي ڪهڙي راند کيڏي پئي وڃي، آصف زرداري سان ملڻ جو حامي آهي. اقتدار نه پر ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي کيس تمام گهڻي پياري آهي، وزيراعظم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معاملا ٻاهر ٺيڪ ڪرڻا هجن ها ته لنڊن نه پر پاناما وڃي ها، هو علاج ڪرائڻ لاءِ لنڊن  آيو. هڪ شخص هر وقت تنقيد جي موقعي جي ڳولا ۾ رهندو آهي ، اهو شخص هر وقت حڪومت کي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندو آهي، پر هو پنهنجي ارادن ۾ ناڪام ٿيندو . ٻي طرف وري تحريڪ انصاف وزيراعظم نوازشريف جي بيان تي رد عمل ڏيکاريندي چيو ته نوازشريف هن وقت تائين پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو،  هڪ شخص نه پر سموري قوم وزيراعظم جي خاندان جي اثاثن جي جاچ چاهي ٿو. تحريڪ انصاف جي ترجمان طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته جاچ لاءِ قوم جي اميدن موجب ڪميشن جوڙي وزيراعظم ڏکيائن کي گهٽتائي سگهي ٿو، وزيراعظم کي پهريو ڀيرو حقيقي ۽ بيدار ڪندڙ مخالف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٻاهرن ملڪن جي اثاثن جي نشاندهي ناليوارن صحافين جاچ کانپوءِ ڪئي. تحريڪ انصاف جي جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم قوم کي خانداني اثاثن جي سوالن جو درست جواب ڏئي.
بدقسمتي سان هن ملڪ ۾  جڏهن به جمهوريت ايندي آهي ته ان کي ڊي ريل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سياسي ڌريون  اڳتي اچي وينديون آهن، جيڪي هڪ آمر جي حڪومت کي ته لبيڪ ڪنديون آهن پر هڪ جمهوري حڪومت کي هلڻ  ناهن ڏينديون ۽ ان آڏو هر موڙ تي مشڪلاتون پيدا  ڪنديون آهن. اهڙيون پارٽيون نه عوام کي ڪو فائدو پهچائينديون آهن ۽  نه  ئي  انهن جو  ڪو اهڙو مقصد آهي جنهن سان ڪو لاڀ حاصل ٿيندو هجي، اهڙيون غير جمهوري قوتون ڪنهن به ريت ناهن چاهينديون ته جمهوريت  مضبوط ٿئي ۽ عوام جو اعتماد وڌي. جنهن سبب اهي ڌريون احتجاج لاءِ تاڙ ۾ ويٺل هونديون آهن ته صرف کين ڪو احتجاج جو اشارو ملي ۽ هو سندرا ٻڌي ميدان تي لهي اچن. ماڻهو به کوکلن نعرن ۽ معصوم چهرن کي ڏسي پنهنجو سڀ ڪم ڪار ڇڏي روڊن تي نڪري ايندو آهي. افسوس جو هن ملڪ جو عوام به پنهنجا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيدا نظر نه پيو اچي،  جنهن جو مثال عوام جي احتجاج مان صاف ظاهر آهي. هزارين ماڻهو سياسي پارٽين جي اشارن تي پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي روڊن تي نڪرنديون آهي ۽ ڌرڻو هڻي ويهندو آهي پر پنهنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ اهو روڊن تي نظر ناهي ايندو. ملڪ ۾ بجلي، پاڻي ۽ گئس سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي حل جوڳا آهن، انهن لاءِ نه  سياسي پارٽيون اڳتي اچي رهيون آهن ۽ نه ئي وري عوام روڊن تي اچي حڪمرانن مٿان دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر ڪجهه ڌريون ڪنهن امير ۽ ناليواري شخص جا اثاثا معلوم ڪرڻ لاءِ هٿن ۾ ڏنڊا کڻي روڊن کي بند ڪري عوام کي پريشان ڪرڻ  شينهن وانگي سامهون اچي رهيون آهن. هر هڪ جي به اها ئي خواهش آهي ته پاناما ليڪس بعد جن  حڪمرانن جا نالا  شامل آهن اهي عوام کي پنهنجي اثاثن بابت اعتماد ۾ وٺن ۽ انهن کي مطئمن ڪن، پر لڳي ٿو اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ اهڙو ڪو به سياستدان نه آهي، جنهن ڪرپشن نه ڪئي هجي يا وري ان جا ٻاهرن ملڪن ۾ ڪي اثاثا هجن. رهي ڳالهه آف شور ڪمپنين جي ته وزيراعظم نوازشريف ۽ نواز ليگ پارٽي طرفان هر ڀيري اهو بيان ڏنو ويو آهي ته نوازشريف ۽  سندس پٽن جون ٻاهرن ملڪن ۾ آف شور ڪمپنيون آهن ۽ ڪجهه پراپرٽي به آهي جيڪي هنن  سعودي ۾ پنهنجي اسٽيل مل وڪرو ڪرڻ بعد خريد ڪئي هئي.
پيپلزپارٽي، نوازليگ ۽ تحريڪ انصاف جي  رسڻ، پرچڻ ۽ احتجاجن سبب هن ملڪ ۾  گذريل 8 سالن کان ڪا خاص ترقي نه ٿي سگهي آ هي، جنهن سبب ملڪ جي معيشيت تباهه آهي ۽ ملڪ به ترقي نه پيو ڪري. جمهوريت جي اچڻ کانپوءِ عوام کي اها اميد پيدا ٿيندي آهي ته شايد انهن جا درد ۽ اهنج گهٽجي ويندا پر حڪمرانن جي جهيڙن ۽ هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ سبب نه ته انهن کي پاڻ کي فائدو ٿيندو آهي ۽ نه ئي عوام کي ڪو لاڀ حاصل ٿيندو آهي.  پاناما ليڪس  بعد تحريڪ انصاف سميت مختلف اڳواڻن وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبوڪيو  پر سندن اهو مطالبو هن وقت پورو ناهي ٿي سگهيو.  پاناما ليڪس بعد چلي جي صدر  سميت مختلف ملڪن جي اڳواڻن جتي استعيفائون ڏنيون آهن اتي برطانيا  ۽ پاڪستان جي سياستدان ساڳي روايت برقرار رکي آهي ۽ اهي پنهنجي موقف تي هن وقت به قائم آهن.  جنهن مان لڳي پيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن ۾ ڪيتري هم آهنگي آهي. پاناما ليڪس جا مستقل به اسان جي  ملڪ تي ڪيترا اثر پون ٿا ان جو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو پر  پاناما ليڪس ۽ احتجاجي ڌرڻن ملڪ  کي تمام گهڻو پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. حڪمران به صرف هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ ۾مصروف نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن حڪمران صرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ لڳا رهيا ته پوءِ عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٽئين قوت کي اڳتي اچڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.

No comments:

Post a Comment