صاحب خان ڀٽي
هڪ طرف ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري سڄي سنڌ ۾ معصوم
گلن جهڙا ٻارڙا ارڙي جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن پر ان باوجود صحت
کاتو اگهور ننڊ ستل آهي. هن وقت تائين سنڌ حڪومت ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جي علاج لاءِ
ڪي به قدم ناهن کنيا، جنهن سبب موت ٻارڙن مٿان لامارا ڏئي رهيو آهي. سنڌ جي
ٻهراڙي وارن علائقن ۾ معصوم گلن جهڙا ٻارڙا خطرناڪ مرض ۾ مبتلا آهن، جنهن سبب
روزانو ڪنهن نه ڪنهن شهر مان ارڙي سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿي رهيون
آهن. ان باوجود صحت کاتي طرفان هن وقت تائين ڪا به ٽيم انهن متاثر علائقن ڏانهن
ناهي موڪلي وئي. حڪومت ۾ ويٺل نمائندا صرف اهي بيان ڏيڻ ۾ پورا آهن ته سندن حڪومت ۾
عوام کي تمام گهڻو فائدو پهتو آهي ۽ هنن عوام کي تمام گهڻيون سهولتون فراهم ڪري ڇڏيون
آهن. ٿر ۾ ته گلن جهڙا معصوم ٻارڙا فوت ٿي رهيا هئا پر هاڻ سڄي سنڌ ۾ ٻارڙا ارڙي) (Measlesجهڙي
خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جن مٿان
موت لامارا پڻ ڏئي رهيو آهي. حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي ڊاڪٽرن جو ٽيمون انهن
علائقن ڏانهن موڪلي جتي ٻارڙا وڏي تعداد ۾ هن مرض ۾ مبتلا ٿيا آهن، جيڪڏهن هن وقت
به حڪومت ستل رهي ته ٻارڙن جي موت جو سلسلو بند ٿي نه سگهندو. وڏي وزير سيد قائم
علي شاهه به گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته سندن حڪومت ۾ ترقياتي ڪم تمام گهڻا
ٿيا آهن ۽ عوام کي سهولتون به فراهم ڪيو ويو آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماضي کان وڌيڪ
هن وقت عوام تمام گهڻو پريشان ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي جي حڪومت ۾ اسپتالن ۾ عوام
کي دوائون ملنديون هيون، ڊاڪٽر به موجود هوندا هئا ۽ اسپتالن مان ٽڪي ڦوٽو جو به
آسرو هو پر هاڻ انهن اسپتالن جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي چڪيون آهن. اسپتالن
کي اين جي اوز حوالي ڪرڻ سان هڪ طرف عوام پريشان آهي ته ٻي طرف وري انهن اسپتالن
جو عملو به دلچسپي سان ڪم نه پيو ڪري.بهر حال حڪومت جي مرضي آهي ته اسپتالون اين
جي اوز حوالي ڪري يا ڪنهن ٻئي کي ڏئي ڇڏي، عوام ته صرف ايترو ئي چاهي ٿي ته انهن
کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن جو علاج ٿئي.
ارڙي بيماري اڪثر ڪري ننڍڙن ٻارن کي ٿيندي آهي، ننڍڙا معصوم
ٻارڙا ئي هن بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن،
جنهن سبب انهن جون حياتيون به خطري ۾ پئجي وينديون آهن. ارڙي سبب بخار، کنگهه سميت
ٻيون تڪليفون ٿينديون آهن. جيڪڏهن ارڙي بيماري ڪنهن ٻار يا نوجوان کي ٿيندي
آهي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ 7 کان 12 ڏينهن تائين ان بيماري ۾ مبتلا هوندو آهي. ارڙي
بيماري خاص طور تي ننڍڙن ٻارڙن سان گڏ 15 ورهين جي عمر وارن ڇوڪرن کي به ٿيندي آهي.
ارڙي ( لُنڊي) ۾ مبتلا شخص کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته
اهو مرض ٻئي ڪنهن شخص کي وڪوڙي سگهي ٿو، جنهن سبب ڊاڪٽر به ان مريض کي گهر ۾ رهڻ
جي هدايت ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته ارڙي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جيڪا هڪ وائرس جي ذريعي ٻارن
۾ ڦهلجي ٿي، هن بيماري جو شڪار اڪثر ننڍڙا ٻار ٿيندا آهن، هن بيماري جي سڃاڻپ ان
وقت ٿيندي آهي جڏهن مريض جي جسم تي ڳاڙها ڌٻا ( نشان ) نڪرڻ شروع ٿيندا
آهن جيڪي ستن کان ڏهن ڏينهن تائين پڪا ٿي ڪارا ٿي ويندا آهن جن ۾ خارش به ٿيندي آهي.
جنهن سبب هن مرض ۾ مبتلا ٻارڙي جا ننهن ڪاٽيا
ويندا آهن ته جئين اهي انهن نشانن کي نه کهرڙي ۽ اهي وڌي نه وڃن. ڳوٺن ۾ ته ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ٻارڙن کي ارڙي جي
بيماري هوندي به ڊاڪٽرن کي ناهن ڏيکاريندا صرف تعويز ڳنڍي تي ئي هلندا آهن ۽ ٻارڙن
کي ڪنهن عالم فقير وٺي ڦيڻو پڙهائي واپس وٺي ايندا آهن، ٻارڙن کي گهرن ۾ ئي رکندا
آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي اها خبر ئي هوندي
آهي ته چڪن پوڪس ۽ ارڙي ٻه الڳ الڳ بيماريون آهن، چڪن پوڪس هڪ وائرس
آهي ، جنهن سان جسم تي صرف نشان ٿيندا
آهن پر ارڙي خطرنام بيماري آهي جنهن سان
مريض جي حياتي کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. اڪثر ڳوٺن ۾ ٻارڙن کي چڪن پوڪس ٿيندي آهي ، جيڪا ست ڏينهن تائين رهندي آهي ، ڪجهه ماڻهو ڦيڻو تعويز ڪرائيندا آهن، جڏهن مريض
ٺيڪ ٿي ويند و آهي ته پوءِ ان مولوي ۽ ڦيڻو پڙهنڊر جو راڳ الاپيندا آهن.
ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته
ارڙي ( لنڊي- Measles
) ۽ چڪن پوڪس (chicken pox ) الڳ الڳ بيماريون آهن، ارڙي چڪن پوڪس کان خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ارڙي ۾
مبتلا مريض کي بخار ۽ سخت تڪليف ٿيندي
آهي، جيڪو سندس موت جو سبب به بڻجندو آهي ۽ چڪن پوڪس (chicken pox ) ۾
مبتلا مريض کي صرف منهن ۽ جسم تي ڌٻا ( نشان ) نڪرندا آهن، جييڪي ڪجهه ڏينهن رهڻ
بعد ختم ٿي ويندا آهن، جنهن سان ٻيو ڪو به نقصان نه ٿيندو آهي. مريض جي حياتي کي به ڪو به خطرو نه هوندو آهي، جڏهن
ته ارڙي ( لنڊي- Measles )
۾ ڪو ٻارڙو مبتلا ٿيندو اهي ته ان کي بخار سان گڏ الٽيون کنگهه ۽ ٻيون تڪليفون پڻ ٿينديون ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙي کي حفاظتي انجيڪشن لڳرائڻ
ضروري هوندو آهي ته جئين سندس حياتي بچي سگهي، هن بيماري جو ٻيو ڪو به علاج ناهي، ڊاڪٽر
اڪثر ڪري ارڙي ۾ مبتلا مريضن کي ڪمند کائڻ جي هدايت ڪندا آهن. خاص طور تي 5 سالن تائين جا ٻار هن بيماري مان
متاثر ٿيندا آهن. ارڙيء جو وائرس ڳلي ۽ ڦڦڙن تي اثر ڪري ڪندو آهي جنهن سان مريض کي
تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. ارڙي ٿيڻ بعد ساھ جي سرشتي کي نقصان ٿيندو آهي.
ارڙيءَ جي پهرئين علامت تيز
بخار هوندي آهي، ارڙي جو وائرس هڪ انسان جي کنگهڻ سان ٻئي انسان ۾ منتقل ٿيندو
آهي، جنهن سان بخار به ٿيندو آهي. هي وائرس تمام گهڻو وچڙندڙ آهي، جنهن سبب اهو
آساني سان هڪ شخص کان ٻئي شخص ڏانهن منتقل ٿيندو آهي. ان سان گڏ نڪ مان پاڻيء جو
وهڻ، کنگھه، ڳاڙهيون ۽ پاڻيء سان ڀريل اکيون ارڙيء جي شروعاتي علامتن مان هڪ آهن. ارڙي ۾ مبتلا مريض جي ڳلي يا وات جي پٺيئن پاساي
۾ اڇا ننڍڙا زخم جا نشان ٿي ويندا آهن
جنهن کانپوءِ منهن ۽ ڳچي تي ننڍا ڳاڙها نشان ظاهر ٿي ويندا آهن، جنهن کان پوء اهي
ساڳيا ئي نشان هٿن پيرن ۽ پوري جسم تي ظاهر ٿي پوندا آهن..
ارڙي عام طور تي ڪمزور ۽ کاڌ خوراڪ جي گھٽتائيء وارن ٻارن کي وڌيڪ
اثر انداز ڪندي آهي. ارڙي ان ٻارن کي به ٿيندي
آهي جن ٻارن ۾ وٽامن اي جي کوٽ هوندي آهي،
سي وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن. اڙيء جي سبب ڪنهن به ٻار جو موت نٿو ٿي
سگھي، جيڪڏهن وقت سر مريض جي بيماريء جي سڃاڻپ ۽ علاج ٿئي ته ٻارڙن جون حياتيون
بچي سگھن ٿيون.
هاڻ جڏهن سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ارڙي منهن ڪڍيو آهي ته فلاحي
تنظيمن سان گڏ حڪومت جي ذميواري ٿئي ٿي ته
اهي فوري طور اهڙا قدم کڻن جنهن سان انهن معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جون حياتيون
بچايون وڃن ۽ ارڙي ۽ چڪن پوڪس بابت جاڳرتا لاءِ مهم به هلائي وڃي ته جئين ماڻهن ۾
شعور پيدا ٿئي جيڪي ڦيڻو ۽ تعويز ذريعي پنهنجي ٻارڙن جو علاج ڪرائي انهن جون
حياتيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن. جيڪڏهن هن وقت به اهي فلاحي تنظيمون ستل رهيون ته پوءِ حڪومت کي معيار ڏيڻ ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو.
No comments:
Post a Comment