صاحب خان ڀٽي
هڪ طرف ملڪ جا حڪمرانن پاناما ليڪس پيپرز کانپوءِ منجهاري جو شڪار آهن ته ٻي طرف وري مختلف سياسي تنظيمون کانئن استيعفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن، اهڙي صورتحال برازيلي صدر دلما روزيف جي به آهي، جنهن
کان به مخالف ڌر جا اڳواڻ
استيعفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ سندس خلاف ايوان مان مواخذي جي تحريڪ شروع ڪرڻ وارو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف وري دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ پاناما ليڪس پيپرز ۾ جن به ملڪن جي
سربراهن جا نالا آيا آهن انهن مان ڪجهه اڳواڻن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ته ڪي
وري مختلف جاچ ڪميٽيون جوڙي معاملي
کي لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اهڙي صورتحال اسان جي ملڪ جي به آهي، عوام جي به اها ئي خواهش آهي ته ملڪ اندر هر هڪ ماڻهو جو احتساب ٿيڻ گهرجي جن ملڪ جو لٽيل ناڻو ٻاهرن ملڪن ۾ لڪائي رکيو آهي. هونءَ ته ملڪ اندر نوازشريف کي ڪيترائي چيلينج هئا پر هاڻ عالمي سطح تي جڏهن سندس خاندان جي ٽن ڀاتين جو نالو پاناما ليڪس ۾ آيو آهي تڏهن کيس ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن
لاءِ کيس لنڊن مان علاج به
ڪرائڻو پيو هو. پاناما ليڪس پيپرز کانپوءِ پاڪستان ۾ وزيراعظم نوازشريف کان به استعيفيٰ جي گهر ڪئي پئي وڃي، جنهن
لاءِ تحريڪ به شروع ڪئي وئي آهي. جنهن
مان لڳي ٿو وزيراعظم نوازشريف کي وچ مدي واري چونڊ ڪرائڻي پوندي جنهن جي کيس تجويز به ڏني وئي هئي، ڏينهون ڏينهن نوازشريف جو گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس پيپرز حڪمرانن لاءِ اهڙو گرهه بڻجي چڪو آهي جنهن کي نه هو ڳيهي سگهن ٿا ۽ نه ئي وري ٻاهر ڪڍي ٿا سگهن. ان لاءِ کين جلد کان جلد ڪو نه ڪو فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو.
برازيل جون به حالتون ڪجهه مختلف نه آهن ڇاڪاڻ ته دنيا اندر جتي پاناما جو ممڻ متل آهي ته اتي وري برازيل ۾ ملڪي معيشيت کي نقصان
پهچائيندڙن خلا ف مواخذي جي تحريڪون
شروع ڪيون پيون وڃن. برازيل ۾ به اپوزيشن جماعتون احتجاج ڪري رهيون آهن جن جو مطالبو آهي ته برازيلي صدر دلما روزيف ملڪي معيشيت کي نقصان پهچايو آهي، جنهن لاءِ کيس استيعفيٰ ڏيڻ گهرجي، برزايلي صدر دلما روزيف سياسي بحرانن جي ور چڙهڻ باوجود همت ناهي هاري. برازيلي صدر ڊلما روزيف خلاف به پارليامينٽ ۾ مواخذي جي تحريڪ هلائڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، پارليامينٽ ۾ ميمبرن اڪثريت سان ووٽ ڏئي ٺهراءُ جي
منظوري ڏني آهي. جنهن تحت پارليامينٽ ۾ سندس خلاف مواخذي
واري تحريڪ تي راءِ شماري ڪرائي ويندي. برازيلي
صدر ڊلما روزيف گڏيل قومن سان رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران ڊلما روزيف ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته هنءَ ڪو به اهڙو غلط قدم ناهي کنيو جيڪو بغاوت جي زمري ۾ اچي. ڊلما روزيف گڏيل قومن کي اهو
به چيو آهي ته جيڪڏهن سندس خلاف تحريڪ شروع ٿي ته ملڪ اندر
ڇڪتاڻ وڌي ويندي. جيتوڻيڪ ڊلما روزيف گڏيل
قومن سان رابطو ڪيو آهي پر هن وقت وقت تائين کيس ڪا به خاطري ناهي ڪرائي وئي. پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ ميمبرن اڪثريت سان ووٽ ڏنا آهن جنهن تحت پارليامينٽ ۾ صدر ڊلما روزيف جي مواخذي تي
راءِ شماري ڪرائي ويندي، جنهن
بعد سندس خلاف مواخذي جي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڊلما روزيف خلاف برازيلي اپوزيشن جماعتون ڪامياب ٿي وينديون يا وري انهن جو شروع ڪيل احتجاج صرف احتجاج ئي رهجي ويندو. برازيلي
عوام به جون به نظرون ان
معاملي تي لڳيون پيون آهن ته جلد کان جلد ڊلما روزيف خلاف جاچ ڪئي و ڃي ڇاڪاڻ ته ڊلما روزيف جي حامين جي به وڏي اڪثريت آهي، اهو ئي سبب آهي جو برازيل ۾ ڊلما روزيف جي حامين ۽ مخالفن وچ ۾ چڪريون ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن ڊلما روزيف کي صدارتي عهدي تان هٽايو ويو ته ملڪ اندر
حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿي وينديون، انهي جي ڪري اتان
جي اسٽيبلشمينٽ به اهو ئي چاهي ٿي ته اپوزيشن
جماعتن جي شروع ڪيل تحريڪ کي جلد کان جلد پنهنجي انجام تائين پهچي. جيڪڏهن برازيل ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ته پوءِ مواخذي جي تحريڪ ۾ وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ٿيندو ۽ ملڪ اندر افراتفري پکڙجي ويندي ۽
هر طرف حالتون خراب ٿي وينديون ۽
امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ جي وس کان ٻاهر ٿي و يندو. آخر اهڙو ڪهڙو سبب هو جو صدر ڊلما روزيف خلاف برازيل ۾ مواخذي جي تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ اپوزيشن جماعتن کي صدر
جو گهيرو تنگ ڪرڻ پيو. جيڪڏهن
برازيل جو آئين پڙهنداسين ته ان ۾ لکيل آهي ته ڏوهي غفلت ڪندڙ حڪمرانن جو مواخذو ٿي سگهي ٿو. برازيل جي آئين ۾ اهو به لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪو وزير قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ وارا قدم
کڻي يا وري بجيٽ قانون جون ڀڃڪڙيون
ڪري ته ان خلاف به مواخذي جي تحريڪ هلائي سگهجي ٿي. برازيل ۾ 1992ع ۾ اڳوڻي صدر
فرنانڊو ڪولر ڊي ميلو خلاف به مواخذي جي تحريڪ هلائي وئي هئي جنهن بعد کيس عهدي تان هٽايو ويو هو ۽ هاڻ موجوده صدر ڊلما روزيف خلاف به پارليامينٽ ۾ تحريڪ شروع ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور
ڪيو ويو آهي ، جنهن کي مئي ۾
سينيٽ ۾ پاس ڪرائڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته برازيلين سينيٽ چيو آهي ته صدر ڊلما روزيف خلاف مواخذي جي تحريڪ هلائڻ
يا نه هلائڻ جو فيصلو 21 رڪني
ڪيمشن ڪندي. ٻي طرف برازيلي ميڊيا تي اهي خبرون آهن ته برازيلين صدر ڊلمار روزيف تي رشوت جي رقم سان چونڊ مهم هلائڻ جو الزام آهي، برازيلين ميڊيا موجب صدر روزيف جي مواخذي بابت مئي جي
پهرين هفتي ۾ ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ
ووٽنگ ٿيندي، جيڪڏهن ڪميشن مواخذي جي تجويز ڏني ته پوءِ سينيٽ ۾ ٻيهر راءِ شماري ڪرائي ويندي، ٽرائل کانپوءِ سينيٽ فيصلو ڪندي ته
صدر کي مستقل طور عهدي تان هٽايو وڃي يا نه ؟.
جيڪڏهن سينيٽ جي 81 ميمبرن مان 41 ميمبرن مواخذي جي حق ۾ ووٽ ڏنا ته ڊلمارو روزيف
کي معطل ڪيو ويندو . پرڏيهي ميڊيا جي سروي موجب برازيل جي عوام
اڪثريت سان ڊلمار روزيف ۽ نائب صدر مائيڪل
ٽيمر جي استعيفي جو مطالبو ڪيو آهي.جيتوڻيڪ اپوزيشن جماعتون ڊلما روزيف تي غير قانونر طور سرڪاري بينڪن مان قرض کڻي بجيٽ خسارو لڪائڻ جو الزام لڳائي رهيون آهن پر صدر ڊلما روزيف ان ڏوهه کي
مڃڻ کان انڪار ڪندي رهي آهي. ڊلما
روزيف جو طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماضي ۾ به حڪومتون به اهو ڪم ڪنديون رهيون آهن پر سندس خلاف واويلا ڪئي پئي وڃي، ماضي جي حڪومت خلاف ڪا به تحريڪ نه هلائي وئي هئي پر سندس
خلاف بنا جواز تحريڪ هلائڻ جون
سازشون ڪيون پيون وڃن. هوڏانهن وفاقي حڪومتي بجيٽ جو جائزو وٺندڙ ٽريبونل اڪٽوبر ۾ صدر جو موقف رد ڪري ڇڏيو هو ، ٻڌڻ ۾ آهي ته 1930ع
۾ قائم ٿيل ٽربيون جو هي پهريون اهڙو قدم آهي.
برازيلي اخبار فولهاڊي سائوپلو لکيو آهي ته 2001ع کان 2008 تائين ڊلما
روزيف جي صدر ٿيڻ کان اڳ ملڪ جي بجيٽ
بابت قرضي حڪومتي جي آمدني جو 0.4 سيڪڙو هو. ڊلما روزيف ٻيون ڀيرو 2014 ع ۾ صدر بڻي هئي ۽ ان وقت قرضن جي شرح 5.1 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي پر صدر ڊلما روزيف اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي رهي
آهي. جڏهن ته اپوزيشن جماعتون اهي رڙيون ڪري رهيون آهن ته ملڪ معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن لاءِ سندس خلاف مواخذي جي تحريڪ شروع ڪرڻ وقت
جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ برازيلي اپوزشن اڳواڻ صدر ڊلما روزيف خلاف تحريڪ شروع ڪري رهيا آهن پر اهي هن وقت تائين ڪي اهڙا ثبوت ميڊيا آڏو پيش ڪري
ناهن سگهيا، اپوزيشن جماعتن جو چوڻ
آهي ته بجٽي قانون جون ڀڃڪڙيون انتهائي سنگين آهن. جڏهن ته ڊلما روزيف جو اهو موقف آهي ته مواخذي جي ڪارروائي جو مقصد صدر جي سياسي ٽرائيل ڪرڻ جي برابر آهي. جيتوڻيڪ ڊلما روزيف برازيل جي
جمهوري تاريخ جي مشهور اڳواڻ
ته نه آهي پر سندس کنيل قدمن سبب برازيل جي اڪثريت ساڻس گڏ ضرور آهي اهو ئي سبب آهي جو برازيل ۾ روزانو ڊلما روزيف جا حامي ۽ مخالف تنظيمن جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿي رهيا آهن جن کي ڪنٽرول
ڪرڻ برازيل جي حڪومت جي وس کان ٻاهر نڪري نظر پيو اچي. هوڏانهن
برازيلي صدر ڊلما روزيف جو سرڪاري تيل
ڪپنبي پيٽر براس ۾ ڪرپشن جو بدترين سڪينڊل سامهون آيو آهي، جنهن بابت لڳايل الزامن جي جاچ جو سلسلو هن وقت جاري آهي. ان اسڪينڊل ۾ حڪومتي ڪيترائي اڳواڻ به ملوث آهن. ڊلما روزيف تي پيٽرو
براس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ٺيڪدارن سان ملي ڀڳت ڪري رشوت ۽ ڪڪ بيڪس حاصل ڪيو. جتيوڻيڪ ڊلما روزيف تي سڌي ريت ڪنهن به ڏوهه جو الزام ناهي پر
سندس صدارتي دور ۾ غير قانون ڪم
ٿي رهي هيا ۽ هوءَ ان وقت پيٽرو براس جي سربراهه هئي. جنهن سبب سندس خلاف مواخذي جي تحريڪ شروع ڪرڻ لاءِ اپوزيشن اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا اهن.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پاناما ليڪس بابت ملڪي عوام وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو يا
وري اهو معاملو ڪجهه عرصي بعد ختم ٿي ويندو. برازيلي صدر ڊلماروزيف به ملڪ اندر بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي ، اتان جي عوام به روڊن تي نظر اچي
پئي جيڪڏهن برازيلي عوام کيس
استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته پوءَ برازيل ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وينديون. چونڊن تي ياد آيو ته وزيراعظم نوازشف کي به وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
sahibalisindhi@gmail.com
No comments:
Post a Comment